آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جون وزيراعظم ۽ اسپيڪر سان ملاقاتون

0
47

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جون وزيراعظم شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقاتون ٿيون آهن

 ڊونلڊ بلوم پي ايم هائوس پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون

آمريڪي سفير شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون، ڊونلڊ بلوم پارليامينٽ هائوس پهچي اياز صادق سان به ملاقات ڪئي

 آمريڪي سفير اياز صادق کي اسپيڪر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون، اياز صادق چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي

 آمريڪي سفير پاڪستان ۾ جمهوري عمل جي مضبوطي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو