مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ ڪيو ته حڪومت هلي ويندي: فواد چوڌري

0
52

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ جو فيصلو ڪري ورتو ته حڪومت هلي ويندي

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان فيصلو ڪري ورتو ته پوءِ سمورو خيبر پختونخواهه حڪومت جي خلاف ٿي ويندو، حڪومت مئي تائين نه هلي سگهندي

اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي وقت فواد چوڌري چيو ته هاڻوڪي حڪومت جي خاتمي ۾ خيبر پختونخواهه حڪومت جو اهم ڪردار هوندو، هاڻوڪي حڪومت کي مودي سرڪار ۽ آيان علي کانسواءِ ٻيو ڪير به تسليم نه ٿو ڪري