ڳوٺ ٻڏي ويا پر گهارا بند نه ٿي سگهيا

0
304

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪارن کانپوءِ مختلف شاخن ۽ واهن کي پيل گهارن تباهي مچائي ڇڏي آهي

قاضي احمد ويجهو ٻن شاخن دولتپور ۽ جمال شاهه کي ٽن هنڌن تان گهارا پيا، ڳوٺ سائين ڏنو جتوئي پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، مقصودو رند ويجهو بابو ڇن شاخ کي رات جي وقت لڳل 50 فوٽ گهارو بند نه ٿي سگهيو، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۽ انبن جا باغ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا جڏهن ته پاڻي ڳوٺ خيرو رند ڏانهن وڌڻ لڳو آهي

مورو ويجهو ڳوٺ محمد بچل پنهور وٽان ڊيفيل شاخ کي 40 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾  ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا

ٺل ويجهو سون واهه کي 20 فوٽ گهارو پيو، گپچاڻي ويجهو مرزا شاخ کي به 20 فوٽ گهارو پيو، دوداپور ويجهو ڳوٺ عبدالمجيد جکرو وٽان لعل شهباز شاخ کي 20 فوٽ گهارو پوڻ سبب فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

آبپاشي عملو نه پهتو، خان واهڻ ويجهو ڳوٺ عباس ڪونڌر وٽان خان واهڻ مائينر کي 10 فوٽ گهارو پيو، فصل، انبن ۽ ليمن جا باغ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

هي به پڙهندا

برساتن جي تباهي، 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي