رستا ڍنڍن ۾ تبديل: حيدرآباد تلاءُ بڻجي ويو

0
392
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات

سنڌ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، صوبي جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

رستا ۽ گهٽيون ڍنڍن ۾ تبديل ٿيڻ سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

ٺٽو، مٺي، عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برساتي پاڻي بيهجي ويو، دادو، ميهڙ، سيوهڻ، خيرپور، شهدادپور ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب عام زندگي متاثر آهي

شهرين دانهيو آهي ته انتظاميا وڏيون دعوائون ڪندي آهي ته برساتي پاڻي فوري نيڪال ڪيو ويندو پر جڏهن کان وسڪارا شروع ٿيا آهن ڪو نظر ئي نٿو اچي

هي به پڙهندا

ڳوٺ ٻڏي ويا پر گهارا بند نه ٿي سگهيا