سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي

0
311

ڪراچي: سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۾7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

سکر جي سائيٽ ٿاڻي واري حد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ميان داد کوسو ۾ وسڪاري کانپوءِ نور الدين کوسو جي گهر جي ڇت ڪري پئي، عورت ۽ سندس نوجوان پٽ فوت ٿي ويا

گهوٽڪي ويجهو ڪچو ٻنڊي واري علائقي ۾ پوليس چوڪي جي ڇت ڪري پئي، ملبي ۾ دٻجي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، ڇت ڪرڻ جي ڌماڪي جو آواز ٻڌي ڳوٺاڻن ملبي ۾ دٻيل اهلڪارن کي ڪڍي ورتو

واهي پانڌي ويجهو نئين نلي ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويل 3 ڄڻا ٻڏي ويا، ٽن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ جي ڳولا جاري آهي، انتظاميا موجب ٻڏي ويلن مان صدر لغاري ۽ مظهر لغاري جا لاش هٿ آيا آهن

ڪاڇي ۾ گاج سوڌو ٻين نئيُن ۾ چاڙهه سبب رستا پاڻيءَ هيٺ آيل آهي، ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهري علائقن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به وسڪارن کانپوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، برساتي پاڻي گهرن ۽ بازارن ۾ داخل ٿي چڪو آهي

جهل مگسي ضلعي ۾ برسات ۽ مولهه ندي جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو، جهل مگسي کي ملائيندڙ سنڌ-بلوچستان جا رستا پاڻي هيٺ آهن

 ڪوهستان، ڪاڇي ۽ کير ٿر جابلو پٽيءَ تي جاري برسات جا راڱا نظر آيا، ونگو جبل تان ڇِپون ڪرڻ سبب ايم 8 موٽروي بند ٿي ويو، سنڌ ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ گاڏيون ونگو جبل تي ڦاٿل آهن، جنهن سبب سوين مسافر پريشان آهن

هي به پڙهندا

ڳوٺ ٻڏي ويا پر گهارا بند نه ٿي سگهيا