پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽي ورتو، فائنل ۾ ڀارت کي شڪست

0
371
پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽي ورتو، فائنل ۾ ڀارت کي شڪست
پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽي ورتو، فائنل ۾ ڀارت کي شڪست

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان شاهينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت اي کي شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتو. سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارت اي جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان شاهينز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني

پاڪستان شاهينز مقرر 50 اوورن ۾ طيب طاهر جي شاندار سينچري ۽ صاحبزاده فرحان ۽ صائم ايوب جي ففٽي جي بدولت 352 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ڏنل هدف جي تعاقب ۾ ڀارتي ٽيم جي اوپنرز پنهنجي ٽيم کي 64 رنسن جي شروعات ڏني پر پهرين وڪيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو

اڀيشڪ شرما ۽ ڪپتان يش دل کان سواءِ ڪو به ڀارتي بيٽسمين پاڪستاني بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، اڀيشڪ 61 ۽ يش 39 رنسون ٺاهيون. پاڪستان شاهينز پاران ڏنل هدف جي تعاقب ۾ ڀارت اي ٽيم 224 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ 128 رنسن تان کٽي ورتو

پاڪستان طرفان صفيان مقيم 3 ڀارتي رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو جڏهن ته محمد وسيم، ارشد اقبال ۽ مهران ممتاز ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان جي طيب طاهر کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو