ڪارونجهر جي نيلامي رد، سنڌ حڪومت کي هوش اچي ويو

0
300

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير سردار شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ڪارونجھر جي نيلامي وارو اشتھار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ڪارونجھر سان اسانجو ثقافتي، تھذيبي ۽ جذباتي لاڳاپو آھي منهنجي قيادت ڪڏهن به پنهنجي تشخص تي آڱر کڻڻ نه ڏيندي

هن چيو ته ڪارونجھر صرف پٿرن جو جبل نه پر اسانجو ڳاٽ آھي جنهن کي ڪڏهن به جھڪڻ نه ڏينداسين

ھن چيو آهي ته ڪارونجھر مسئلي تي قيادت سختي سان نوٽيس ورتو آھي ۽ ٽينڊر رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي

هي به پڙهندا

 “ڪارونجهر کپائڻ نه ڏينداسين” اجتماعي شعور جو ٽرينڊ