“ڪارونجهر کپائڻ نه ڏينداسين” اجتماعي شعور جو ٽرينڊ

0
368
ڪارونجهر مان ڪنهن کي پٿر به ڪڍڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڪارونجهر مان ڪنهن کي پٿر به ڪڍڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ جي مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ کاتي هڪ اشتهار جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ جِي سونهن ڪارونجهر جبل کي نيلام ڪرڻ لاءِ آڇون گهرايون ويون هيون

سنڌ حڪومت جي اِن اشتهار تي سنڌ جي عوام سخت رد عمل ظاهر ڪندي اِن فيصلي کي سنڌ دشمن قرار ڏيندي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي

سنڌ جي آرٽسٽ سحر شاهه لکيو ته ڪارونجھر جا خوبصورت منظر روح کي سڪون بخشين ٿا ۽ روپلو ڪولھي جي بھادري جي ياد ڏيارين ٿا، بزدلي يا وري غلامي جي زندگي کان بھتر آھي ته دلير ٿي فخر سان موت قبول ڪجي، اڄ ڪارونجھر لاءِ ورتل سنڌ حڪومت جي فيصلي تي دلي ڏک پھتو آھي جنھن تي پر زور لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، جڏهن ته عاصمه سنڌي لکيو ته سنڌ واسيو وطن نه کپايو، دلشاد جمن لغاري پوسٽ شيئر ڪئي ۽ جذباتي وڊيو پڻ فيس بڪ تي رکيو

سينيئر صحافي ۽ ليکڪ نثار کوکر لکيو ته ڪارونجهر جي نيلامي پويان ڪهڙا ڪردار آهن؟ سي ظاهر ڇو نٿا ڪيا وڃن؟، هاڻي جڏهن ڪارونجهر جي نيلامي کي سموري سنڌ رد ڪري چڪي آهي ته ارباب لطف جي خط کان ويندي سرينڊر ولاسائي ۽ مهيش ملاڻي تائين سڀني جا اعتراض ۽ خط ظاهر پيا ٿين جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر اهو ته ٻڌايو ته ايترا معتبر ماڻهون جيڪڏهن ڪارونجهر جي نيلامي خلاف آهن ته پوءِ ڇا هڪڙو سيڪشن آفيسر يا ڊي جي مائينز ايترو طاقتور آفيسر آهي جنهن سنڌ سرڪار جي مرضي اجازت کانسواءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي؟

نامياري آرٽسٽ، اداڪار روبي علي وڊيو بيان جاري ڪيو ته جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو سودو ڪري سگهي ٿو اُهو پنهنجي ننگن جو به سودو ڪري سگهي ٿو

نامياري اسڪالر جامي چانڊيو لکيو ته  سنڌ حڪومت جي هن فيصلي ۽ اشتهار کي هڪ مجرمانه قدم سمجهون ٿا، ڪارونجهر سنڌ جي فطري وجود جو حسين انگ ۽ رنگ آهي

خليل ڪنڀر لکيو ته  آئون ذاتي طور تي ڪارونجهر جي انهن سڀني گم نام ۽ نيڪ نام محافظن جو ٿورائتو آھيان، جن هر ڀيري پنهنجي حصي جو آواز اُٿاريو ۽ ڪارونجهر سان گڏ بيهي اسان کي طاقت بخشي آھي، جڏهن ته علي محمد کوسو لکيو ته سنڌ جي ھن سونھن خاطر پاڻ شام 4 بجاءِ گولوواھ تي گڏ ٿينداسين، دوست لازمي شرڪت ڪن

فدا حسين لکيو ته ڪجهه وقت اڳ ڪارونجهر جي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ هڪ  جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪرم علي شاھ ) راشدي بهادراڻو قدم کڻي ان ڪٽائي خلاف قانوني دليلن سان آرڊر جاري ڪري ڪٽائي روڪي ڇڏي هئي پر ان جج کي ننگر پارڪر مان ڪنڌڪوٽ ٽرانسفر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ مٿس الزام هڻي نوڪري تان ئي برطرف ڪيو ويو

عظيم سنڌ نالي اڪائونٽ تان سنڌ جي وڊيو شيئر ڪئي وئي، انيلا رفيق ملاح پيپلز پارٽي قيادت ۽ ڪارونجهر جون تصويرون شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ڇا هيءَ ڪو واپار جو سامان آهي؟ مرتضيٰ ڦلپوٽو، دانيال ڀٽي، مهران الطاف، آفتاب ۽ ٻين پڻ ڪارونجهر جي هيش ٽيگ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو

سنڌ جي آرٽسٽ، فنڪار ۽ ميوزيشن سيف سميجو هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هُن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جي تحفظ يقيني بڻائي اِنهن جبلن کي عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي

فيس بڪ صارف ماجد ميمڻ، جمشيد علي منگي، غلام قاسم کوسو، منظور اڄڻ، سنڌي راشد، شفيق کوسو، برڪت بوزدار، شهزادو جتوئي، آزاد ميگهواڙ پوسٽ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته تو لاءِ ڪارونجھر پٿرن جو ڍير آهي پر اسان لاءِ ڪارونجھر زندگيءَ ۽ جياپو آهي

عبدالحليم سومرو، حبيب لغاري، مير بلوچ، رابيل ابڙو، شڪيل ڇڄڙو،انيلا رفيق ملاح ۽ ٻين لکيو ته وري به سنڌ جي اجتماعي شعور کي سلام آهي، جن پنهنجي ورثي جي مالڪي خاطر سگهارو آواز بڻجي رد عمل ڏنو

قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي لکيو ته ڪارونجهر جي کوٽائي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناهي،

جان نثار لکيو ته ڪرسي کان ڪارونجهر مٿي آ ڪامورا،نظير احمد لکيو ته تاريخي ورثي ڪارونجهر جون ليزون نامنظور، شبير ڀٽي لکيو ته تهذيبون مائرن جون پوتيون هونديون آهن
۽ مائرن جون پوتيون وڪڻي پيٽ ناهن ڀربا

صحافي ۽ ليکڪ صدام ڪولاچي لکيو ته سنڌ جا وڪيل ۽ قانوندان دوست ڪارونجھر جي نيلامي خلاف عدالتن جا در کڙڪائين، ڳالھه نه ھلي ته پوءِ روپلو ڪولھي کوڙ پيا آھن

پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه لکيو ته ڪارونجهر تي ڪو به سمجهوتو ناهي، ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪنداسين

اويس ملاح لکيو ته سموري ايشيا جو حُسن مون ڪارونجهر جي چوٽي تي ڏٺو آهي، صحافي اسحاق بوزدار لکيو ته ڪارونجهر تي ڪو به سمجهوتو ناهي، ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪنداسين

ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف عدالتي حڪم ۽ حوالا

سپريم ڪورٽ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي کي فوري طور روڪڻ جو حڪم ڏيندي پٿر کڻي ويندڙ گاڏين خلاف ڪاروائي جوحڪم ڏنو هو

ٿرپارڪر جي عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي کي رد ڪندي فوري طور ڪارروائي جو حڪم ڏنو پر جج کي تبديل ڪرڻ بعد وري فيصلو ئي تبديل ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

سنڌ حڪومت جو ڪارونجھر جبل جي ڪجهه حصن کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو