گڏيل اپوزيشن پاران پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي جي ”ان ڪيمرا“ بريفنگ جي بائيڪاٽ جو فيصلو

0
209
پارلياماني قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد: گڏيل مخالف ڌر صلاح مشوري کانپوءِ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت آگاهه ڪيو هو ته 6 ڊسمبر تي قومي سلامتي جو صلاحڪار معيد يوسف ان ڪيمرا بريفنگ ڏيندو. متحده مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته اپوزيشن پارٽين هميشه آئين، قانون، قومي سلامتي ۽ عوامي اهميت جي سمورن مسئلن تي انتهائي ذميواراڻو ۽ سنجيده قومي رويو ڏيکاريو آهي

اهو ئي سبب آهي ته قائد ايوان جي غير حاضري ۽ اهم قومي ۽ عوامي مسئلن کان مڪمل لاتعلقي جي باوجود مخالف ڌر جي پارٽين نه رڳو قومي سلامتي، اهم قومي معاملن تي ڪوٺايل بريفنگز ۽ اجلاسن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي پر مخالف ڌر جي اڳواڻن کي به متحد ڪيو. پارلياماني اڳواڻن پڻ پنهنجا تجويزون ڏنيون

متحده اپوزيشن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت جي اهم بلن کي بلڊوز ڪرڻ واري روش ۽ اهم آئيني، قانوني، قومي ۽ سلامتي جي معاملن تي مسلسل آمراڻو ۽ وچڙندڙ رويي سبب فيصلو ڪيو ويو آهي ته  ان جي ان ڪئميرا بريفنگ جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

پوري طاقت سان حڪومت جي ڪاري قانونسازي روڪينداسين: گڏيل مخالف ڌر