اڳوڻي ايس ايڇ او هارون ڪورائي قتل جو اعتراف ڪيو هو: ملير جي عدالت ۾ چالان پيش

0
230
اڳوڻي ايس ايڇ او هارون ڪورائي

ملير(ن پ ا) ملير جي مقامي عدالت ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او پي آءِ بي هارون ڪورائي ۽ ٻين جي خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪيو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مقتول فضل الرحمان کي نشي آور سپارين جي مخبري ڪرڻ تي ڪيو ويو

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 17 سيپٽمبر تي سمندي بابا مزار جي لنڪ روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش مليو هو، بعد ۾ مقتول جي سڃاڻپ فضل الرحمان جي نالي سان ٿي هئي

چالان ۾ چيو ويو آهي ته مقتول جي ڀاءُ ۽ شاهدن جي بيانن کانپوءِ مخبر خاص جي اطلاع تي فوزيه نالي عورت کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ جوابدار عورت جي موبائل فون مان واقعي واري هنڌ جون وڊيوز به مليون هيون

چالان ۾ چيو ويو آهي ته فوزيه جاچ دوران ٻڌايو ته قتل ۾ ايس ايڇ او هارون ڪورائي، عثمان عرف ميجر ۽ ٻيا شامل آهن، فوزيه جي نشاندهي تي ايس ايڇ او هارون ڪورائي سوڌو ٻين جوابدارن کي بهادر آباد چار مينا چورنگي وٽان گرفتار ڪيو ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او هارون ڪورائي قتل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو

چالان ۾ چيو ويو آهي ته، هارون ڪورائي ٻڌايو ته بطور ايس ايڇ او پي آءِ بي مقرر هو، هو فوزيه کي پرائيويٽ ليڊي سرچر طور پاڻ سان گڏ رکيل هو، فوزيه منهنجي ملاقات عثمان عرف ميجر سان ڪرائي هئي

هارون ڪورائي جو چوڻ آهي ته عثمان پنهنجي پاڻ کي حساس اداري جو ميجر ٻڌائيندو هو ۽ ان وٽ والي ٽائيم به هوندو هو، عثمان عرف ميجر مون کي فضل نالي شخص کي پڪڙڻ جو چيو هو، مقتول ڪجهه ماڻهن جون نشي آور سپاريون پڪڙايون هيون، مقتول کي پرائيويٽ گاڏي ۾ گهر کان کنڀي اسٽيل ٽائون وٺي وڃي ڪري قتل ڪيو ويو هو، جوابدار عثمان مقتول فضل الرحمان تي منهنجي سرڪاري ايس ايم جي سان فائرنگ ڪئي هئي

چالان ۾ چيو ويو آهي ته عثمان عرف ميجر ڪوئيٽا پوليس ۾ اي ايس آءِ مقرر هو، جوابدار عثمان کي 2019 ۾ غير قانوني سرگرمين جي ڪري کيس ملازمت کان برطرف ڪيو ويو هو، جوابدار عثمان پاڻ کي ميجر ظاهر ڪندو هو، عدالت جوابدارن کي نقل ڪاپي فراهم ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ويندو

ھي به پڙھندا

اڳوڻي ايس ايڇ او سچل هارون ڪورائي ۽ اسمگلرن طرفان ڪسٽم جي مخبر کي اغوا ڪرائي مارائڻ جو انڪشاف