فيصل واوڊا کي 23 ڊسمبر تائين ٻٽي شهريت ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

0
234
فيصل واوڊا کي 23 ڊسمبر تائين

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عبدالقادر مندوخيل ۽ فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا.

اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو ته جوابدار اڃا تائين لکت ۾ دليل جمع نه ڪرايا، جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته اسان کي ٿوري مهلت ڏني وڃي، وڪيل جي گهر ۾ بيماري آهي، بيماري تي اڳ به ڳالهايو ويو آهي، منهنجي ماءُ به بيماري سبب فوت ٿي وئي. سڪندر سلطان راجا چيو ته ڪيس ۾ اڳ ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، اوهان لکت ۾ دليل ڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواستگذارن مان ڪنهن لکت ۾ دليل ڏنا آهن؟ جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته وڪيل آصف محمود جا لکت ۾ دليل گڏ ڪيا ويا آهن جڏهن ته عبدالقادر مندوخيل چيو ته مون پنهنجا دليل ڏئي ڇڏيا آهن. سڪندر سلطان راجا چيو ته اسان وٽ توهان جا نقطا لکيل آهن، جيڪڏهن توهان لکت ۾ دليل ڏيڻ چاهيو ٿا ته ٺيڪ نه ته توهان جي دليلن تي يقين رکون ٿا.

سڪندر سلطان راجا فيصل واوڊا سان ڳالهائيندي چيو ته درخواست ڏيندڙ اوهان جو شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ کڻي آيا آهن، ڇا اوهان ان کي قبول ڪري رهيا آهيو؟ توهان وٽ پڻ شهريت کي رد ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هوندو. فيصل واوڊا جواب ۾ چيو ته هي فوٽو ڪاپي آهي، درخواست ڪندڙ ڪٿان به کڻي اچي سگهي ٿو.

چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت پنهنجي شهريت ڇڏي هئي؟ جڏهن توهان پنهنجي شهريت کي رد ڪيو ٿا ته توهان هڪ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندا آهيو، توهان شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ قبول نٿا ڪريو؟ جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته مون کي ڪاغذي ڪارروائي جي ايتري خبر ناهي ته هتي ايم اين اي جي سيٽ تي مون تي الزام آيا، مون اها ڇڏي ڏني توهان مون کي 5 جنوري تائين وڌيڪ وقت ڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ 60 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي، اسان کي ڪيس بند ڪري ايندڙ چونڊن جي تياري ڪرڻي آهي، اليڪشن ڪميشن توهان کي لکت ۾ دليل ڏيڻ لاءِ چيو آهي. هن چيو ته 23 ڊسمبر تائين جواب نه آيو ته معاملي کي فيصلي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏينداسين.