پوري طاقت سان حڪومت جي ڪاري قانونسازي روڪينداسين: گڏيل مخالف ڌر

0
184
گڏيل مخالف ڌر
پوري طاقت سان حڪومت جي ڪاري قانونسازي روڪينداسين: گڏيل مخالف ڌر

اسلام آباد: متحده اپوزيشن سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي قانون سازي کي روڪڻ جو عزم ڪيو آهي

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ متحده مخالف ڌر جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو. متحده مخالف ڌر سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ حڪمت عملي جو فيصلو ڪري ورتو آهي

متحده مخالف ڌر حڪومت جي ڪاري قانون سازي کي روڪڻ لاءِ پنهنجي سموري طاقت استعمال ڪرڻ جو عزم ڪيو. متحده مخالف ڌر سمورن ميمبرن کي سڀاڻي پارليامينٽ ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته متحده مخالف ڌر جا اڳواڻ پنهنجي پنهنجي پارٽين جي ميمبرن جي حاضري کي يقيني بڻائيندا

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ کي معاشي تباهي ۽ مهانگائي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، هي ظالم حڪومت ڪاري قانون تي قائم رهي نٿي سگهي

ياد رهي ته حڪومت قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي