جڏهن کان پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار آئي آهي ان وقت کان ان سان لاڳاپيل بظاهر ذميوار ماڻهو ڪي اهڙيون غير ذميواريون ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي ڪرڻ وقت کين نه ملڪ جي اڪائين جي حساسيت جو خيال هوندو آهي،نه ئي آئين ۾ ڏسيل واٽ جي ڄاڻ ۽ احترام هوندوآهي ،ويٺي ويٺي اهڙيون ڳالهيون ڪري ڇڏيندا آهن جن جو ردعمل اچڻ بعد پاڻ وضاحتون ڪندا وتندا آهن، جنهن سان سياسي استحڪام ته پري پر وفاق ۽ صوبن ۾ به غلط فهميون ۽ بدگمانيون پيدا ٿينديون رهنديون آهن، جڏهن ته ملڪي حالتون گهرجائو ان ڳالهه جون آهن ته وفاق ۽ صوبن ۾ پيدا ٿيل بدگمانين ۽ غلط فهمين کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي . ڪڏهن اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن صوبن جي ملڪيت ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن 18 ترميم کي ختم ڪري صوبن کي مليل انڌي منڊي خودمختياري ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، جنهن سان اڳ ئي محرومي ۾ ورتل صوبا وڌيڪ احساس محرومي جو شڪار ٿيندا آهن.وفاقي نوڪرين کان وٺي ترقياتي ڪمن تائين سنڌ کي پنهنجي حصي جو حق ڪڏهن به نه مليو آهي پر اهو هڪڙو ٻيو بحث آهي پر ڪالهه جيڪا ڳالهه وفاقي گهرو وزير ڪراچي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي آهي اها نه رڳو حيرت ۾ وجهندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ پر خطرناڪ به آهي .
گهرو معاملن جي وفاقي وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾بهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو رڳو بهارين جو مسئلو ناهي پر سنڌين جو به آهي ۽ اهو مسئلو منهنجي وس کان چڙهيل آهي ،ٻه رايا آهن هڪڙا چون ٿا ته اهي ڪارڊ ٺهڻ گهرجن ۽ ٻين جو رايو آهي ته اهي نه ٺهڻ گهرجن گڏجاڻين ۾ ڳالهه هلي ٿي تنهن ڪري اهو فيصلو وزيراعظم ڪندو ته اهي شناختي ڪارڊ ٺهڻ گهرجن يا نه.گهرو وزير جي انهي ڳالهه کانپوءِ لڳي ٿو ته يا هو صفا سادو آهي يا وري انهي مائينڊ سيٽ جو حصو ٿي ڳالهائي رهيو آهي جيڪو مائينڊ سيٽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ يا ان تي قبضي جي سازش ڪري رهيو آهي ته ڪيئن به ڪري انهي شهر کي سنڌ کان الڳ ڪجي.گهرو وزير هڪ اهڙي سوال تي سنڌ کي بهار يا سنڌين کي بهارين سان ڀيٽڻ جي حرڪت ڪئي آهي ڄڻ ڪراچي ڪو سنڌ کان الڳ شهر هجي جتي سنڌ جي شناختي ڪارڊ ٺهڻ لاءِ وفاقي حڪومت سوچي رهي آهي ۽ ڳالهه وڃي وزيراعظم تائين پهتي آهي.ڪراچي ۾ سنڌين جا شناختي ڪارڊ ٺهڻ جو معاملو ڪو حڪومتي پاليسي جو محتاج آهي ڇا جو وزيراعظم اهو فيصلو ڪندو ته سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪراچي ۾ ٺهن يا نه. سنڌ اهو صوبو آهي جنهن پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪئي اڄ انهي صوبي جي اصل رهواسين جا ڪراچي ۾ شناختي ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ملڪ جو گهرو وزير اهڙا غير ذميواراڻا بيان ڏئي رهيو آهي.وفاق ۽ صوبي ۾ الڳ الڳ حڪومتن جو اهو مطلب ناهي ته سنڌ ۽ سنڌين جي دائمي مفاد ۽ سڃاڻپ سان ڪا سياسي حڪومت اهڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ جو به سوچي. هي سنڌ ۽ سنڌين جو مسئلو ڪنهن به سياسي وابستگي کان مٿانهون ۽ اهم آهي. هجڻ ته اهو گهرجي ته سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ جيڪي افغانين ،بهارين،برمين ،بنگالين سميت ٻاهرين ملڪن يا ڌارين جي لوڌ غير قانوني طور ترسيل آهي يا انهن جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڇڏيا آهن انهن کي هتان تڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر هي حڪومت انهي تي ڌيان ڏيڻ بدران اصلوڪن رهواسين جي انهن سان ڀيٽ ڪري رهي آهي جيڪا انتهائي خطرناڪ ڳالهه آهي.
اسان سمجهون ٿا ته شيخ رشيد جي انهي بيان جو وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انهي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته ڪيئن وفاقي حڪومت انهي ڳالهه تي سوچي رهي آهي ته سنڌين جا ڪراچي ۾ شناختي ڪارڊ ٺهڻ گهرجن يا نه.!؟ جيڪا ڳالهه شيخ رشيد پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چئي آهي.