شاهد خاقان عباسيءَ کي شوڪاز نوٽيس موڪلڻ جو اصولي توڙي اخلاقي حق نه هو. شاهد خاقان پاران اماڻيل شوڪاز نوٽيس جو مطلب پيپلز پارٽيءَ جي سياسي توهين ڪرڻي هئي ۽ ان پ پ جي سي اي سي ۾ ڦاٽل ان شوڪاز نوٽيس جي خبر به اهائي خبر ڏئي ٿي ته پيپلز پارٽيءَ هاڻي پي ڊي ايم جي پاران پاڻ سان ٿيل سلوڪ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پاڪستان جي عملي سياست جي تاريخ ۾ ان قسم جا مثال موجود نه رهيا آهن. هتي جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي، اهو گهڻو ڪري زباني ڪلامي ٿيندو آهي. سياسي پارٽيون پني جو استعمال تڏهن ڪنديون آهن، جڏهن اهي پاور ۾ اينديون آهن. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ ميثاق جمهوريت جي لکيل پني کان به نه پڇيو ويو. پاڪستان ۾ پني جي، سياسي پنن جي سدائين توهين ٿيندي رهي آهي. ڇا ملڪ ۾ ان کان وڌيڪ سياسي توهين ممڪن آهي ته هڪ اڻ چونڊيل آمر آئين کي معطل ڪري ڇڏي ۽ جڏهن هن کان پڇا ڪئي وڃي ته آئين سان اهڙو سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ تڏهن هن وٽ چوڻ جي لاءِ اهي لفظ هئا ته ڇا ٿيندو آهي آئين؟ اهو ڪاغذن جو مجموعو!!
ملڪ ۾ ان وقت به لکيو ويو هو ته جيڪڏهن آئين ڪاغذن جو مجموعو ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪنهن به شيءَ کي ڪجهه به ڪوٺي سگهجي ٿو. اهو آئين ۽ قانون ئي آهي، جيڪو ڪپڙي جي هڪ ٽڪڙي کي پرچم جي حيثيت ڏئي ٿو. جيڪو حڪم کي قانون جو درجو عطا ڪري ٿو. جيڪو سرن جي ٺهيل هڪ جاءِ کي سپريم ڪورٽ جو درجو ڏئي ٿو. پر آئين کي پائمال ڪرڻ وارا سدائين قانون جي توهين ڪندا رهن ٿا. جڏهن انهن جي مفادن ۾ آهي ته هو ڪاغذن کي قانون سڏين ٿا ۽ جڏهن انهن جي مفادن ۾ ناهي ته هو قانون کي ڪاغذ ڪوٺين ٿا. اسان جي ملڪ جي اڌ تاريخ گهڻو ظاهر ظهور آمريت تي مشتمل رهي آهي، اهو سبب آهي ته اسان جي پارٽين جي مٿان به آمريت جي گهري ڇاپ رهي آهي. جڏهن اسان جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ٿا ڪريون، تڏهن به اسان ۾ جمهوري اخلاقيات جي کوٺ رهندي آئي آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان سدائين ڪم ٽپائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڪستان نالي ملڪ ته وجود ۾ اچي ويو پر ان جي آئين ملڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا. عمران خان جي گرد گهيرو تنگ ڪرڻ جي لاءِ پي ڊي ايم ته فوري طور تي ٺاهيو ويو پر ان کي هلائڻ جي لاءِ ڪنهن به آئين جي ضرورت محسوس نه ڪئي. آئين کان سواءِ انارڪيءَ جو پيدا ٿيڻ ته لازمي هوندو آهي. علامه اقبال جو ڪيترو نه شاندار شعر آهي ته:
“مسجد تو بنادي شب ڀر مين، ايمان ڪي حرارت والون ني
من اپنا پرانا پاپي هي، برسون مين نمازي بن نه سڪا”
جمهوريت جي لاءِ اسان وٽ ڪڏهن به گانڌيءَ جي انهن لفظن تي غور نه ڪيو ويو آهي ته “جيڪڏهن تبديلي چاهيو ٿا ته پاڻ کي تبديل ڪريو ته جئين تبديليءَ جو عمل اوهان کان شروع ٿئي” اسان وٽ جمهوريت جي ڳالهه ته ٿيندي رهي آهي پر سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ ڪيترا جمهوريت پسند آهن؟ اهو سوال جڏهن به اڀريو آهي، تڏهن آمرن طنز سان مسڪرايو آهي.
اسان کي نيٺ ته پنهنجي رويئي ۾ جمهوريت پسندي آڻڻي پوندي. جمهوريت جو مطلب جيڪڏهن صرف ووٽ وٺڻ ناهي ته پوءِ هڪ جمهوري اداري کي جمهوري بنياد ته فراهم ڪيو. هڪ ننڍي کان ننڍو ادارو به آئين کان سواءِ نه ٿو هلي سگهي ته پوءِ جمهوريت جي ايتري وڏي تحريڪ بغير آئين جي ڪيئن هلندي؟ جيڪڏهن ان ڳالهه تي اسلام آباد ۾ ئي سوچيو وڃي ها ته هن مهل پي ڊي ايم جي راهه ۾ مسئلا پيدا نه ٿين ها. اسان جي سياسي پارٽين کي هڪ ڏينهن ته سوچڻو پوندو ته آخر هو بنا ڪنهن آئين جي اتحاد ڪيئن ٿا ٺاهي سگهن؟ هر اتحاد جو بنياد منشور هوندو آهي ۽ جيڪڏهن منشور ڪنهن به اتحاد جو بنياد آهي ته آئين ان جي ڇت هوندو آهي. پاڪستان ۾ منشورن ۽ هوائي واعدن جا سدائين ڍير لڳايا ويا آهن پر جڏهن به ڪنهن اصول ۽ ضابطي جي ڳالهه آئي ته هر ڪنهن پنهنجي واٽ ورتي آهي. اسان وٽ اتحادن جي نه هلڻ جو اهم سبب اهو آهي ته جڏهن به ملڻ جي مند هوندي آهي ته سمورا حساب ڪتاب هڪڙي پاسي رکيا ويندا آهن ۽ جڏهن وڇوڙي جو پل ايندو آهي ته پوءِ هر ڳالهه کي ڳالهوڙو بڻايو ويندو آهي. پي ڊي ايم جو ٺهڻ به ڪجهه اهڙو هو ۽ پي ڊي ايم جو ڊهڻ به ڪجهه اهڙو ئي آهي ته:
“آئي تو يون ڪه جيسي هميشه ٿي مهربان
اور يون گئي ڪه جيسي ڪڀي آشنا نه هو”
پي ڊي ايم جي ڪهاڻي به پاڪستاني ڊرامن کان گهڻي مختلف ڪونهي. جڏهن پي ڊي ايم ۾ هڪ ٻئي سان قربتون وڌي رهيون هيون ته عزت جو سوال نه پر اعتبار ۽ پيار جي ڳالهه هئي. پاڪستان ۾ پي ڊي ايم جي ٺهڻ کي ڪيترو نه بهتر عمل قرار ڏنو ويو هو ۽ جڏهن به ڪنهن اها اڳڪٿي ڪئي پئي ته هن اتحاد جي هٿ ۾ گهڻو وقت هلڻ جي لڪير ناهي ته انهن لفظن کي تمام گهڻي تلخيءَ سان پڙهيو پئي ويو. ڇو ته اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جڏهن اڻ سڌي آمريت جي دور ۾ پاڪستان جون اهي ٻه سياسي پارٽيون جيڪي هڪ ٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪنديون آيون هيون، انهن جڏهن پاڻ ۾ سويلين بالادستيءَ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت پسندن جون دليون وڏيون ٿي ويون هيون. جڏهن ته پي ڊي ايم جي پاڇي ۾ صرف جمهوريت جي ڳالهه نه هئي پر هڪ وڏو صوبو ننڍن صوبن سان گڏ ويهي هڪ نئين مستقبل جي باري ۾ سوچ ويچار ڪري رهيو هو. پر ان جدوجهد جي نه ڪوئي روڊ ميپ هو ۽ نه ڪوئي قانون ۽ ضابطو. ان ڪري اهو ئي ٿيو، جيڪو پاڪستاني ڊرامن ۾ ٿيندو آهي.
“ملتي هوئي دلون ڪي بيچ طئه ٿا فيصلا ڪوئي
اس ني مگر بڇڙتي وقت اور سوال ڪر ديا”
جڏهن پاڪستاني ڊرامن جو رومانس رسامي کان اڳتي وڌي وڇوڙي جي دائري ۾ داخل ٿيندو آهي، تڏهن هڪ ٻئي کي اهي ئي مهڻا ۽ طعنا ڏنا ويندا آهن ته:
“ممڪنه فيصلون مين ايڪ هجر ڪا فيصله ڀي تها
هم ني تو ايڪ بات ڪي، اس ني ڪمال ڪرديا”
پي ڊي ايم جو حشر هن مهل ان پيار جهڙو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پلاننگ نه ڪئي ويندي آهي. هوا جي دوش تي هلندڙ لغڙ کي ڪنهن ته ڪاٽا ڪيو. ڪنهن ته ان جا پيچ هڪ ٻئي کان ڇڏرايا. ڪنهن ته ڪاريگري ڏيکاري. سياسي محبت جي ان اڌوري افساني ۾ آخر ڪير ته ولين هو.
هن وقت به جيڪڏهن صلاح مصلحت واري نيت کي آڏو ڪري چار چڱا مٿو گڏي ويهن ته ڪنهن طرح سان وڏي نقصان جو ازالو ٿي به سگهي ٿو. پر ان سلسلي ۾ اهم سوال وري به نيت جو آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم کي ساڳئي جوش ۽ جذبي سان هلائڻ جي نيت هجي ها ته خط پٽ پاسيرا رکي ۽ سياسي انائون الڳ ڪري ڪو اهڙو رستو تلاش ڪيو وڃي ها، جنهن سان ڪنهن طرح اهو اتحاد بچڻ سان گڏ وڌي ويجهي ها. مولانا فضل الرحمان ته ٽٽل شين کي ٽاڪا هڻڻ جو ماهر آهي. هن ڀيري جڏهن هن پنهنجي ناراضگيءَ ۾ مايوسيءَ جو مقدار وڌيڪ وجهي ڇڏيو ته پوءِ پي ڊي ايم کي پنهنجي منطقي انجام کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟ پي ڊي ايم ته هڪ نالو آهي، ان ۾ اصل قوت مسلم ليگ ن جي آهي ۽ مسلم ليگ ن کي به خبر آهي ته پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ هوءَ اهو ٽارگيٽ حاصل ڪري نه ٿي سگهي، جنهن کان سواءِ پاڪستان جي سياست سدائين ٻائيتال ۾ هوندي. پاڪستان ۾ اصل مسئلو جمهوريت جو آهي يا اصل مسئلو قومي آهي؟ ان باري ۾ پي ڊي ايم جي چپ ڪالهه به ٻوٽيل هئا ۽ اڄ به بند آهن. صرف بلوچن ۽ سنڌين کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ ڪافي ناهي پر انهن سان ٿيل زيادتين جو اعتراف ۽ ان جي ازالي جي لاءِ لکت پڙهت به لازمي آهي. پاڪستان ۾ جيستائين تاريخ جو اهو تلخ سچ قبول نه ڪيو ويندو، تيستائين جمهوريت جي ٻيڙي کي ڪنڌي ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهندو. جمهوريت قومي حقن کان سواءِ هڪ بي معنيٰ ۽ بنهه کوکلو لفظ آهي. جيڪڏهن جمهوريت کي حقيقي طور تي عوامي بالادستيءَ جي صورت ڏئي نافذ ڪرڻ جو ارداو آهي ته پوءِ ان لاءِ پي ڊي ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ ۾ ملڻو پوندو. سياست ۾ دل جي سچائي ضروري ته آهي پر سياست ۾ دل جي سچائي ڪافي نه هوندي آهي.
تاريخ جي سلسلي ۾ جنهن به چيو ان غضب جو چيو هو ته “انسانذات تاريخ مان اهو سکيو آهي ته انسانذات تاريخ مان ڪجهه نه سکيو آهي” هر ڪاميابي ناڪاميءَ جي مطالعي مان جنم وٺندي آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم کي اٿندي ئي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو ته ان جا به ڪي سبب هوندا ۽ ان جا سبب تمام سولا ۽ آسان آهن. هڪ ته پي ڊي ايم هڪ ٻئي کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ وجود ۾ آندو ويو ۽ ٻيو ته پي ڊي ايم ۾ پاڪستان اندر مظلوم قومن جي وجودن کي تسليم نه ڪيو ويو ۽ جيڪو ڪجهه به ڪيو ويو، اهو ڪنهن به ضابطي ۽ ڪنهن قانون جي تحت نه ڪيو ويو. پي ڊي ايم هاڻي به هڪ موثر اتحاد بڻجي سگهي ٿو. هاڻي به. جيڪڏهن ان ۾ خلوص نيت سان گڏ ڪجهه اصولن ۽ قانونن کي به مدنظر رکيو وڃي. هڪ سادي مشين کي هلائڻ جي لاءِ به هڪ ڪتابچو هوندو آهي. هيڏي وڏي اتحاد کي صرف دلين تي خلوص حوالي ڪرڻ جي پويان سچائيءَ کان وڌيڪ سياست نه هجي ها ته پي ڊي ايم جو حشر پاڪستاني ڊرامن جهڙو نه ٿئي ها. اهو اتحاد سياسي رومانس جي اڌوري افساني کان اڳتي هلي پئي سگهيو ۽ هاڻي به هلي سگهي ٿو. پر……!!