پيپلز بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ سمارٽ ٽرانسپورٽ ڪارڊ متعارف

0
11
پيپلز بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ سمارٽ ٽرانسپورٽ ڪارڊ متعارف
پيپلز بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ سمارٽ ٽرانسپورٽ ڪارڊ متعارف

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي پيپلز بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ سمارٽ ٽرانسپورٽ ڪارڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو

مسافر هاڻي ڀاڙو سمارٽ ڪارڊ ذريعي به ادا ڪري سگهندا، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪيو

 تقريب ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ به شرڪت ڪئي

تقريب دوران پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر وڏي وزير کي آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن بابت بريفنگ ڏني

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سمارٽ ڪارڊ ذريعي ڀاڙي جي اوڳاڙي في الحال ماڊل ڪالوني کان ٽاور ۽ گلشن حديد کان ٽاور تائين جي ٻن روٽس تي ڪئي ويندي، ٻين روٽس تي به 90 ڏينهن اندر ڪارڊ ذريعي ڀاڙي جي وصولي يقيني بڻائي ويندي