گرمي جي موسم ۾ پکي ۽ پاڙيسري

0
583

اسانجي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ موسمي تبديليون فطري آهن، موسم جي لحاظ سان ئي هر ماڻهو پنهنجي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ توڙي اوڍڻ پهرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ٿو. جيتوڻيڪ اسان جي سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي هن لُڪ ۽ سخت گرمي ۾ به پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي، ماڻهو ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃن ٿا، انهي پاڻي ڀرڻ واري ڪم ڪار جي اڪثر ذميواري عورتن جي ڪلهن تي هجي ٿي، چاهي اها عورت ڪاڇي ۽ ٿر جي هجي يا وري ڪراچي جي ڪنهن ڳتيل آبادي جي هجي پر پاڻي اڪثر عورتون ئي ڀرين ٿيون، هونئن ته ٿر يا ڪاڇي يا وري اڇڙي ٿر ۽ ناري واري پاسي پاڻي جو مسئلو انهي ڪري وڌيڪ نظر اچي ٿو ته اتي ڪو بئراجي نظام ناهي، انهي ڪري جر جو پاڻي ئي واپرايو وڃي ٿو، انهي جر جي پاڻي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو مختلف طريقن سان هٿ پير هڻن ٿا، پر ٻيا به سنڌ جا ڪيترائي علائقا ۽ ننڍا شهر يا ڳوٺ آهن جتي اڪثر عورتون واٽر ڪورس، شاخ يا دٻن مان پيئڻ جو پاڻي ڀرين ٿيون، انهن کي به پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت گهر جي در تي ميسر ناهي، ايئن ڪراچي جا ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي، خاص طور تي ڪراچي جي پوش علائقي جي ڳالهه ڪجي ته اتي سمورا سرندي وارا رهن ٿا ۽ اهي پاڻي پئسن جو خريد ڪري ٽينڪر ذريعي ملندڙ پاڻي استعمال ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪن ٿا، انهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي به پئسن سان مختلف ڪمپنين جو منرل واٽر اچي ٿو ته باقي استعمال لاءِ ٽينڪر ذريعي خريد ڪيو وڃي ٿو،پر پاڻي جي سنڌ ۾ کوٽ واري صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هن صورتحال ۾ جتي انسان سفرڪن ٿا اتي پکي ۽ جهنگلي جيوت به تمام گهڻو ڀوڳي ٿي، سنڌ ۾ هاڻي جهنگلي جيوت يا پکين جا ڪيترائي قسم ختم ٿي رهيا آهن پر ان باوجود اسان کي گهرن جي ڇتين يا گيلري ۾ نظر ايندڙ ڪجهه پکي جيڪي باقي بچيا آهن، انهن جي سار سنڀال لهڻ گهرجي، يا وري جن ڳوٺن ۾ کليل اڱڻ يا وڻن تي جيڪي پکي ويهن ٿا انهن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو انسان اڃ لڳڻ جي صورت ۾ ڪنهن کان پاڻي گهري وٺندو آهي پر پکي بي زبان هجڻ ڪري پاڻي توڙي داڻو گهري ناهي سگهندو، داڻو ته اهي پکي زمين تان چڳي وٺندا آهن، ٿي سگهي ته کين داڻو به ڏنووڃي پر پاڻي هر ساهه واري لاءِ انتهائي ضروري آهي انهي ڪري پکين جي سار سنڀال لهڻ اسان جي اولين ذميواري آهي. هن لڱ ساڙيندڙ لُڪ ۾ جڏهن اسين گهران نڪرون ٿا ته نه رڳو سخت اڃ محسوس ٿئي ٿي پر دماغ تي گرمي جي شدت جو ايترو اثرو ٿي وڃي ٿو جو گرمي سبب چڪر اچي وڃي ٿو، اسين هلڻ سان گڏ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي به ڪڏهن ڪڏهن سگهه وڃائي ويهون ٿا. انهي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هڪ ته غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻيو ته پنهنجي ٻارن کي هن موسم ۾ محفوظ رکيو وڃي، ڪوشش ڪجي ته جيڪڏهن صفا ڪو اهم ڪم ڪار آهي ته پنهنجي گاڏي نه هجڻ ڪري عوامي سروس استعمال ڪرڻ وقت پنهنجي مٿي تي ڪپڙو رکجي جيئن سج جي تپش يا وري لوءَ دماغ تائين نه پهچي، اسين اڪثر پنهنجي خوش لباس کي برقرار رکڻ ۽ شخصيت کي سنوارڻ جو سبب ذهن ۾ رکندي مٿي تي ڪپڙو ناهيون رکندا ۽ گرمي هجي يا سردي نڪري پوندا آهيون، نتيجي ۾ بيمار ٿي پوندا آهيون، اهڙي صورتحال ۾ اسانکي احتياط ڪرڻ گهرجي. مارچ کان آڪٽوبر تائين اڪثرگرميون هجن ٿيون، ان وچ ۾ برساتي موسم به هجي ٿي پر نومبر کان فيبروري تائين موسم ڪجهه بهتر هجي ٿو، باقي سمورا ڏينهن گرمي رهي ٿي، انهي موسم ۾ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي، ڪوشش ڪجي ته صاف سٿرو ۽ هلڪو کاڌو کائجي، ڇاڪاڻ جو پيٽ جون بيماريون به اڪثر انهي موسم ۾ ٿين ٿيون، انهي ڪري لسي ۽ ڏهي سميت ٿڌين شين جو استعمال ڪجي، پاروٿو کاڌو کائڻ کان پرهيز ڪيو وڃي، ته جيئن گرمي جي موسم کي منهن ڏئي سگهجي، نه رڳو اهو پر هن موسم ۾ پنهنجي پاڙيسرين جو خاص خيال رکيو وڃي، ڪوشش ڪجي ته ڪنهن ڀر ۾ رهندڙ ماڻهو جي موسم جي لحاظ کان مدد ڪئي وڃي، جيڪي سرندي وارا ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ جتي پاڻي جو مسئلو محسوس ڪن ٿا ته اهي اڄ رمضان شريف جي مهيني ۾ زڪوات جي پئسن مان ئي پاڻي جو ڪو نلڪو لڳرائي ڇڏين ته جيئن اتان جي رهواسين کي پاڻي جي سهوليت ملي سگهي، نه رڳو اهو پر هن مهيني جي مناسبت سان ماڻهن کي انهن ئي زڪوات جي پئسن مان ضرورت جون شيون وٺي ڏنيون وڃن ته جيئن سندن زڪوات وارو فرض به پورو ٿي ويندو ۽ ڪنهن مسڪين ماڻهو جي مدد به ٿي ويندي، هن سڄي عمل ۾ وري به بي زبان پکين ۽ جانورن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي، پنهنجي گهر جي ڪنهن کليل حصي ۾ پاڻي سان ڀريل ڪو مٽي جو برتن رکيو وڃي. ڪوشش ڪجي ته اهو پاڻي اهڙي هنڌ تي رکجي ته جيئن ٿڌو رهي، جيڪي جانور گهرن تائين اچن ٿا انهن کي به پاڻي توڙي کاڌو ڏنو وڃي، جيئن خدا جا خلقيل اهي بي زبان پکي ۽ جانور به هن ڪائنات ۾ زنده رهي سگهن، ايئن هر موسم ۾ يا هر وقت پنهنجي پاڙيسرين سميت پکين ۽ جانورن جي به سار لهڻ سان جتي اوهان کي پاڻ دلي سڪون ملندو، اتي هن ڪائنات جو خالق خدا به خوش ٿي ويندو.