آخر اولاد باغي ڇو ٿو ٿئي؟

0
498

سيما چانڊيو

اسان جي سماج مان صدين کان هلندڙ دقيانوسي ريتن رسمن جو خاتمو ڇو نٿو ٿئي؟
اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ به اسان قديم زماني جي اونداهي دور جون روايتون ڇڏڻ لاءِ ڇو تيار ناهيون؟ اهو علم اها ڄاڻ هوندي به ته اهي هٿ ٺوڪيون ريتون رسمون معاشري جي بگاڙ جو اهم ڪارڻ آهن پوءِ به اسان جا ذهن نواڻ کي تسليم ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهن، ڇا اهو سڀ اسان جي ذهن جو خلل ناهي ؟ ڇا انا پرستي ۽ ڏيکاءُ کي غيرت ۽ مذهب جي چادر ۾ نه پيو لپيٽيو وڃي؟، اسين سدائين ڪنهن اڳواڻ جي انتظار ۾ ڇو رهندا آهيون ڇا اسين ذهني غلام قوم ناهيون اسان کي ٻين پويان هلڻ جي عادت پيل آهي، اسين پاڻ ۾ اڳيان هلڻ جو ست نٿا ساريون ؟ ڪنهن به سماجي تبديلي لاءِ اسان کي پهريان شروعات ڪندڙ جو انتظار ڇو ٿو رهي؟انهن سڀني سوالن جا جواب اسان ۽ اوهان کي چڱي ريت معلوم آهن،مدي خارج ريتون رسمون اسان جي حواسن تي ايتريون حاوي ٿيل آهن جو نوان گس نوان لاڙا نيون روشنيون سامهون هجڻ باوجود به اسان انهن کي تسليم ڪرڻ لاءِ قطعي تيار ناهيون،
جنهن جو ننڍڙو مثال ايئن آهي ته فصل جي ڪنهن ٻاري مان واٽهڙوئن جو گذر هجي جن جي اچ وڃ سان فصل لتاڙجي وڃي ۽ واٽ ٺهي ويل هجي، اسان گذرڻ وقت اها ئي واٽ وٺنداسين ان ئي هنڌ کان گذرنداسين جنهن جا پهريان کان نشان موجود هجن جتان پهريان کان گس موجود هجي نئين سر لتاڙ ڪري نئون گس ٺاهڻ جي اسان جو ذهن طاقت نٿو رکي. ايئن اسان انهن ٺهيل واٽن تي هلڻ جا ايترا عادي ٿيل آهيون جو پنهنجي ذهني محتاجي ۽ نفسياتي ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ کوکلن دليلن جون ڀريون ٻڌي هلندا آهيون،
اسان کي اهو چڱي ريت معلوم آهي ته هر ماڻهو عورت توڻي مرد کي پنهنجي زندگي جي اهم فيصلن جو اختيار شرعي ۽ قانوني طور تي مليل آهي، ڪو به مذهب ڪنهن به فرد کي غلام بڻائڻ جو درس نٿو ڏئي، ڪنهن به رشتي ڪنهن به تعلق ۾ ڪنهن کي به پابند ڪرڻ جو حق مليل ناهي.
اڄ به هڪڙي عورت يا مرد جيڪڏهن پنهنجي والدين جي مرضي جي خلاف وڃي پنهنجي لاءِ جيون ساٿي جي چونڊ ڪري ٿو ته اسان جو سماج ان کي نفرت جي نگاھه سان ڏسي ٿو، ڪراهت ڪري ٿو، ڌڪاري ٿو.
والدين جو رشتو هڪ عظيم رشتو آهي انهن جا لاتعداد حق آهن،پر جڏهن به ڪا اهڙي صورت حال سامهو اچي ٿي ته اسان هرگز اهو سوچڻ سمجهڻ جي تڪليف نٿا ڪريون ته اولاد جي کنيل انهن انتهائي قدمن پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
آخر اولاد باغي ڇو ٿو ٿئي؟ اهڙيون ڪهڙيون ڪميون ڪوتاهيون آهن ڪهڙا سبب آهن جيڪي اولاد کي والدين جي خلاف وڃڻ تي مجبور ڪن ٿا. انهي سوال جي جواب ۾ اسان وٽ سڀ کان آسان نظريو ۽ روايتي جملو عام اهو آهي ته چار ڏينهن جي محبت جي خاطر اولاد والدين جي پرورش قربانين کي وساري ٿو ڇڏي! پر ڇو ٿو وساري چار ڏينهن جي محبت سالن جي محبت تي ڇو ٿي ڀاري پئي، ان سوال جي جواب جو سرو اڃان نه اسان ڳولي لڌو آهي نه ڳولي لهڻ چاهيون ٿا، ڇو ته اسان وٽ فڪر جي گهرائي آهي ڪونه جيڪو ڏسجي پيو، سو ڏسجي پيو اسين رڳو منظر جو ٻاهريون پاسو ڏسي پنهنجي راءِ جوڙي ڇڏيندا آهيون اهو سوچڻ سمجهڻ کان بغير ته اسان جي جوڙيل راءِ جو اسان جي آس پاس جي ماحول تي هاڪاري يا ناڪاري ڪهڙو اثر پوي ٿو.
ڪنهن چوڻي ۾ اهو چيو ويو آهي ته مائٽ جي دل ميڻ ۽ اولاد جي دل پٿر هوندي آهي برابر مائٽ جي دل اولاد لاءِ ميڻ هوندي آهي، مائٽ جي رشتي جو ڪو نعم البدل ڪونهي پر جڏهن اهي ئي والدين پنهنجي ظاهري مرتبي، پنهنجي ڏيکاءَ جي شان، پنهنجي انا خاطر پنهنجي ئي اولاد جي خواهشن کي ڪاسائين وانگي ڪهي وجهندا آهن ته اولاد جي نافرماني جو واڄٽ وڄائڻ وارن جو تاڙي تي تاڙو لڳي ويندو آهي. ڪي معصوم زندگيون موت جي ابدي ننڊ سمهي پونديون ڪي گل ٽڙندي مرجهائجي ويندا آهن ڪي ويڙها ويران ٿي ويندا آهن ڪي هنجون خالي ٿي وينديون آهن ڪي خواب ساڀيان کان اڳ ٽٽي ويندا آهن. پويان رهجي ويندو آهي غيرت زنده باد جو کوکلو نعرو اڇن پٽڪن جي ورن ۾ ويڙهيل جهالت!!
جيڪڏهن اهي ئي والدين پنهنجي اولاد جي تربيت علم شعور جي روشني ۾ ڪن، پاڻ پنهنجي اولاد جا دوست بڻجن، پنهنجي اولاد جي احساسن جذبن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، روايتن کان هٽي ڪري اولاد جي خواهشن مرضي کي اهميت ڏين، ذات پات رنگ نسل کان مٿاهون ٿي فيصلا ڪن، ڪچي عمر ڪچن ذهنن کي سهيڙڻ سلجهائڻ جي سڌ سرت رکن ته گهڻي ڀاڱي اهڙن ڪٺن فيصلن جي نوبت ئي نه اچي.
اولاد جي باغي ٿيڻ جو اهم سبب به اسان جي ذهني غلامي آهي، پنهنجن نظرين مرضين کي اولاد تي مڙھڻ جي اجائي هوڏ ۽ انا آهي. بغاوتون اتان جنم وٺنديون آهن جتي غلاميون هجن ۽ جسماني غلامي کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي ذهني غلامي، ذهني طور تي قيدي قومون ئي پنهنجي نسلن جي اجاڙ جو سبب بڻبيون آهن،
هر منظر جي پويان پس منظر هوندو آهي. ڪنهن به کنيل غلط قدم پويان ڪٿي نه ڪٿي پس پرده ڪي ناانصافيون ۽ بي واجبيون ضرور هونديون آهن. ڌڪار نفرت جيڪر ڏوهي بجاءِ ڏوھ کان ڪئي وڃي، ڏوھن پويان لڪل سببن کان ڪئي وڃي ته هي معاشرو ڪنهن نئين دڳ لڳي پئي پر روايتي سوچ روايتي نظريا ذهنن کي ول جيان وڪوڙيو بيٺا آهن. اسين اهو سوچڻ جي سگھه وڃائي ويٺل قوم آهيون ته اسان جو آئيندو اسان جو مستقبل اسان جو ايندڙ نسل آهي، دنيا جو دٻدٻو شان شوڪت مٽي سان گڏ مٽي ٿيڻو آهي. پنهنجي ظاهري ٺٺ ٺانگر کي برقرار رکڻ لاءِ اولاد جي زندگين، احساسن جذبن جون قربانيون ڏيڻ بجاءِ پنهنجي انائن جون قربانيون ڏئي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کي ترجيح ڏيون ته کوڙ رسواين ذلتن کان پاڻ کي پنهنجي نسل کي بچائي سگهون ٿا. اولاد جي غلطين تي پٽڪو ڪرڻ بجاءِ اهي پاسا ڳولڻ جاچڻ به گهڻو ضروري آهي ته آخر اولاد ڇو ٿو باغي ٿئي. !!