شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

جناح اسپتال جي انتظامن وارو معاملو اڃان رولڙي جو شڪار ئي آهي ته وري اسپتال جي مُک يعني ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ نئون ڏڦيڙ پيدا ٿي ويو آهي، سنڌ جي صحت کاتي جي اختيارين ۽ جناح اسپتال جي اعليٰ اختيارين پاران اسپتالن جي ايڊمنسٽريشن وارو معاملو سنڀاليندڙ اهم عهدي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن) تي هڪ ئي وقت تي 2 ڪامورن کي مقرر ڪيو ويو آهي! جيتوڻيڪ رولز موجب جناح اسپتال ۾ 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن ) واري پوسٽ هڪ ئي آهي جنهن تي عدالتي حڪم تحت ڊاڪٽر يحيٰ تنيو مقرر ٿيل آهي، پر ان باوجود صحت کاتي جي اختيارين پاران اسپتال جي 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رياض گِل کي غيرقانوني طور تي 18هين گريڊ جي عهدي تي ترقي ڏئي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي! رولز تحت جيڪڏهن مٿيون عهدو خالي پيل ناهي ته پوءِ ترقي ئي ناهي ڏيڻي، پر 17هين گريڊ جي ڪاموري کي نه صرف ترقي ڏني وئي آهي پر کيس ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن واري ڀريل عهدي تي به سندس مقرري ڪئي وئي آهي. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته جناح اسپتال جي اختيارين پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر ( ايڊمن ) واري عهدي کي خالي ڄاڻايو ويو آهي. جناح اسپتال ۾ انتظامي معاملا ڪافي عرصي کان وٺي رولڙي جو شڪار بڻيل آهن،
جناح اسپتال سنڌ ۾ تمام وڏي اسپتال آهي جنهن ۾ علاج وارين سهوليتن سان گڏوگڏ انتظام سنڀالڻ وارو ڪم به انتهائي اهم هجي ٿو، ان ڪري ڄاڻايل عهدي تي مقرر ٿيندڙ ڪنهن به ڪاموري لاءِ اهوشرط به ضرور لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته سندس پبلڪ هيلٿ ايڊمنسٽريشن جي ڊگري لازمي ٿيل هجي، صحت کاتي جي اختيارين پاران اهڙن شرطن کي به پُٺي ڏئي جنهن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي 18هين گريڊ۾ ترقي ڏني وئي آهي ان جي ڄاڻايل ڊگري ٿيل ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض گِل 2001ع ۾ مشرف دور جي حڪومت دوران جناح اسپتال ۾  آفيس اسسٽنٽ طور 11هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيو هو آهستي آهستي ترقيون ماڻيندو 17هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻ تازو 18هين گريڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن جي عهدي تائين پهتو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن جي عهدي تي عدالتي حڪم تحت موجود ويٺل ڪاموري ڊاڪٽر يحيٰ تنيو جو چوڻ آهي ته اسپتال اختيارين ۽ صحت کاتي پاران غيرقانوني طور تي نان ڪميشنڊ ۽ ڊاڪٽر جي ڊگري نه رکندڙ کي ڊي ڊي ايڊمن واري عهدي تي رسايو ويو آهي، اهو عمل مڪمل طور تي غيرقانوني ۽ عدالتي حڪمن توڙي رولز جي ڀڃڪڙي آهي هن چيو ته آئون ان عمل خلاف ٻيهرعدالت ويندس.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪشمور کان حيدرآباد، ۽ ڪراچي کان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ جا مريض به علاج لاءِ سنڌ حڪومت جي انتظامن هيٺ هلندڙ جناح اسپتال جو رُخ ڪن ٿا پر جناح اسپتال ۾ ڪڏهن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جا انتظامن جي حوالي سان تڪرار هلندڙ هجن ٿا ته ڪڏهن وري اسپتال اندر مينيجمينٽ جا ترقين، بدلين ۽ مقررين سميت ڊي ڊي او پاور وارن معاملن تي تڪرار ڪَر کڻن ٿا، جنهن جو سڄو ملبو سِڌي يا اڻ سِڌي طرح مريضن تي ئي ڪِري ٿو، مريضن کي اسپتال ۾ رڳو داخل ٿيڻ لاءِ به ڪيئي درن جا ڌِڪا کائڻا پون ٿا، اسپتال جي انتظامن جي حوالي سان نه رڳو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جا پاڻ ۾اختلاف هلن ٿا پر اندروني طور تي به ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جون لابيون هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ ۾ رُڌل هجن ٿيون، جنهن ڪري مريضن کي سخت ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ حڪومت جي صحت کاتي کي گھرجي ته جناح اسپتال جي انتظامي معاملن ۾ سڌاري لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن طور ٿيل نئين ترقي ۽ مقرري واري معاملي تي پڻ اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، جيئن انتظامي معاملا بگڙجڻ کان بچي سگھن، جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ اسپتالون اهڙيون اسپتالون آهن جن ۾ روزانو سوين مريض علاج سانگي اچن ٿا، انهن کي ڄاڻايل اسپتالن ۾ علاج جون بهتر سهوليتون تڏهن ئي ملڻ ممڪن آهن جڏهن انتظاميا پنهنجي اندروني مسئلن، سازشن ۽ تڪرارن کان بچيل هوندي. جناح اسپتال جو هڪ ٻيو وڏو مسئلو به حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي کي اڳتي اچڻو پوندو، اهو مسئلو هيءَ آهي ته اسپتال جي گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جون ترقيون به ڪافي سالن کان رڪيل آهن، ترقيون رڪيل هجڻ سبب به اسپتال جي ملازمن جو احتجاج هلندڙ آهي، ملازم پنهنجي ترقين جي لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن.پر انهن سان اڃان تائين ڪنهن رابطوناهي ڪيو نه ئي انهن جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي نظر اچي رهي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي سختي سان هاڻ جناح اسپتال جي انتظامي مسئلن کي حل ڪرڻ گھرجي.