ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرايو

0
288
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

ڪراچي مان فقير سليم لکي ٿو

ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ حد تائين پکڙيل آهي، اين سي او سي جي فيصلن جي روشني ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، انهي حڪمت عملي تحت ايس او پيز پڻ جوڙيون ويون آهن، جيڪي هر شهري تي لاڳو ٿيل آهن ته جيئن ڪورونا جهڙي وبا تي ضابطو اچي سگهي ۽ هي وائرس وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي، پر انهي ايس او پيز تي عملدرآمد انهي ريت نٿو ٿئي، جنهن ريت عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، اهو ئي سبب آهي جو ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هن وقت رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو آهي، انهي ڪري کاڌي پيتي وارا ريسٽورينٽس يا دڪان ڏينهن جو ته بند رهن ٿا پر شام جو اهي کلي وڃن ٿا.
شام تقريبن چار بجي کانپوءِ ڪراچي جي هر بازار ۾ رش وڌي وڃي ٿي، روزي افطاري جي لاءِ سامان جي خريداري توڙي ضرورت زندگي جو ٻيو سامان خريد ڪرڻ وارن جو وڏو انگ شام ڌاري ان ڪري نڪري ٿو ته ڏينهن جو گرمي سخت هجي ٿي ۽ شام جو سج جي تپش گهٽجي وڃي ٿي ته ماڻهو مارڪيٽن جو رخ ڪن ٿا، انهي دوران کير جي ڊيري هجي يا وري سموسمن پڪوڙن جو دڪان، فروٽ جو گاڏو يا ڀاڄي وڪرو ڪندڙ جو دڪان هجي توڙي برف جو دڪان پر خريدارن جي پيهه لڳل هجي ٿي، ڪيترائي ماڻهو بنا ماسڪ جي رش جي صورت ۾ سامان جي خريداري ۾ مصروف هجن ٿا، انهي دوران هر وقت اهو خوف ۽ خدشو رهي ٿو ته گهران نڪري ضرورت زندگي جو سودو خريد ڪرڻ وارا ماڻهو واپسي ۾ وائرس به پاڻ سان گڏ کڻي وڃن ٿا، انهي خدشي کي گهٽائڻ توڙي سرڪار جي جوڙيل ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ انتظاميا جي ذميواري آهي پر انتظاميا ڪٿي به نظر ناهي ايندي، سرڪار پاران وائرس کان بچائڻ توڙي انساني زندگين کي محفوظ بنائڻ لاءِ کنيل قدم شهرين جي حفاظت لاءِ ئي آهن پر شهري انهن حڪومتي فيصلن کي نه رڳو نظرانداز ڪن ٿا پر ڀڃڪڙي به ڪن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ ضلعي انتظاميا جي اها ذميواري آهي ته اهو حرڪت ۾ اچي ۽ عوامي حفاظت لاءِ ڪيل سرڪاري فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، انهي لاءِ ڪيتري به سختي جي ضرورت ڇو نه هجي پر سرڪار کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جهڙو خطرناڪ وائرس وري تيزي سان پکڙجي سگهي ٿو ۽ پوءِ اڳي جيان ڪيتريون ئي انساني جانيون داءُ تي لڳي سگهن ٿيون،
رمضان جي مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ به ته اڃا به ايڏي رش ناهي، جيڪا تقريبن 20هين روزي کان پوءِ چنڊ رات تائين جاري رهندي، انهي دوران ماڻهو پنهنجي فيمليز سان گڏ عيد خريداري لاءِ نڪرن ٿا ۽ پوءِ مارڪيٽن ۾ رش وڌي وڃي ٿي، خريداري لاءِ ايندڙ ماڻهو اڪثر ماسڪ استعمال نه ٿا ڪن، انهي ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ وائرس وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انتظاميا هڪ ته دڪاندارن جي حوالي سان جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ دڪاندارن جي تنظيمن کي اعتماد ۾ وٺي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آپريشن ڪري دڪان سيل ڪري ته دٻاءُ ۾ اچي دڪاندار انهي تي عمل ڪندا، ٻيو ته سرڪار پاران اڳي جيان عيد کان اڳ کليل ميدانن ۾ بچت بازارن جو انتظام ڪري ۽ اتي انهي بازارن ۾ خريداري لاءِ ايندڙن کي ماسڪ پائڻ جو پابند ڪري پوءِ کين بازار ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
انهن بچت بازارن سان هڪ ته غريب ماڻهن کي سستي ۽ مناسب اگهه تي گهربل سامان ملي ويندو ته ٻيو وري اهي بازارون کليل ميدان ۾ هونديون ته اتي وائرس جي پکيڙ جو خدشو به گهٽ هوندو، جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ڪراچي جي ڪاروباري مرڪزن تي احتياطي اپائن کانسواءِ خريداري لاءِ ايندڙ ماڻهو وائرس جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، انهي ڪري سرڪار کي نه رڳو احتياطي تدبيرن جا رڳو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ گهرجن يا وري رڳو فارملٽي طور ايس او پيز جوڙڻ گهرجن پر انهي تي عمل لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، ان کان علاوه شهرين کي به گهرجي ته هن وائرس کان پاڻ کي بچائين، انهي لاءِ ضروري ڪم سانگي گهران نڪرڻ وقت ماسڪ ضرور پائين، پنهنجي معصوم ٻارن کي بازارن ڏانهن نه وٺي وڃن ۽ وائرس کان محفوظ رهي، ايندڙ عيد جي به تياري ڪن.