ڪراچي ۾ سڱ نه ڏيڻ تان دادو واسي ڪٽنب کي باهه، 2 ڀائر سڙي فوت، 4 زخمي

0
444

دادو/ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ سڱ نه ڏيڻ تان دادو واسي ڪٽنب کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، لاسي ڳوٺ ۾ پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تان تڪرار معاملو وڌي ويو، هڪ ڌر جي ماڻهن ناريءَ جي گهر ۾ داخل ٿي ڀاتين کي يرغمال بڻايو، جوابدارن ڪمري ۾ واڙيل عورت سميت 6 ڄڻن کي باهه ڏئي ڇڏي، باهه سبب 2 ڀائر غلام سرور ۽ وارث پنهور سڙي فوت ٿي ويا، ارشاد بيگم، رضوان، غلام رسول ۽ غلام محمد سڙي زخمي ٿي پيا، زخمي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ داخل آھن، جن جي حالت نازڪ آھي، فوتين جا مڙھ ڳوٺ گاجي پنهور آندا ويا، ڪهرام مچي ويو، سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيوويو، شاهد پنهور ۽ ٻيا جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن، ساڙي ماريل ڀائرن جي وارثن جو چوڻ آھي تھ اسان سان ظلم ٿيو آھي، نياڻي جو سڱ نھ ڏيڻ تان خاندان کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، ڪراچي وڃي وڌيڪ ڪيس جي پوئواري ڪنداسين، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.