ميهڙ ۾ ارڙي بيماري پکڙجي وئي، هڪ گهر جا 3 ٻار مبتلا، هڪ فوت

0
361

ميهڙ (ن پ ا)ميهڙ شهر ۾ ارڙي بيماري پکڙجي وئي هڪ گهر جا 3ٻارڙا ارڙي بيماري ۾ مبتلا، هڪ ٻارڙي فوت، ٻه بيماري سبب گهر ۾ کٽ تي پيل، ٻارڙن جي والد پاران بيمار ٻارن جو اعلاج ڪرائڻ جي گهر، خبر موجب ميهڙ شهر جي وحدت ڪالوني جي رهواسي اعظم سولنگي جي گهر ۾ 3معصوم ٻارڙا ارڙي بيماري ۾ وٺجڻ کان پوء هڪ ٻارڙو 2 سالن جو آزاد سولنگي پٽ اعظم سولنگي تعلقا اسپتال ميهڙ جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ جي شهر ۾ نجي اسپتال ۾ اعلاج دوران فوت ٿي ويو آهي .جڏهن ته 2 ٻارڙا 4 سالن جو ساجد سولنگي، 6 سالن جي دعا سولنگي ارڙي بيماري سبب بغير اعلاج جي گهر ۾ کٽ تي پيل آهن ،ٻارڙن جي وارث ۽ فوتي آزاد سولنگي جي والد اعظم سولنگي چيو ته 5 ڏينهن اڳ ارڙي بيماري سبب آزاد سولنگي کي تعلقااسپتال ميهڙ جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ جي ميهڙ شهر جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو جتي هو فوت ٿي ويو ،هن چيو ته منهنجي ننڍڙو فوت ٿيڻ به بعد ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ ڪمري جي مسواڙ جا 2 هزار روپيـا وٺي پوءِ فوتي ٻارڙي جو لاش ڏنو ،هن چيو ته سندس گهر ۾ وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا4سالن جو ساجد سولنگي ،6سالن جي دعا سولنگي ارڙي جي بيماري سبب گهر ۾ کٽ تي پيل آهن ،غربت ۽ پئسا نه هجڻ سبب سندن اعلاج نٿا ڪرائي سگهون هنن سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ارڙي بيماري ۾ مبتلا سندن معصوم ٻارڙن جو اعلاج ڪرائي سندن زندگيون بچايون وڃن.