عمرڪوٽ: درشنا ڪماري ۽ مڙس هجڻ جو دعويٰ ڪندڙ عدالت ۾ پيش

0
1361

عمرڪوٽ (ن پ ا) درشنا ڪماري ۽ مڙس هجڻ جو دعويٰ ڪندڙ گوويند ميگهواڙ کي وومين ٿاڻي جي پوليس عمرڪوٽ جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت سڳوري جوڙي جا بيان نه ٻڌا ۽ ريمارڪس ڏنا ته بغير ڪيس جي عدالت هنن جا بيان نٿي ٻڌي سگهي، وومين ٿاڻي جي پوليس کي عدالت سڳوري ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان پاڻ هن مامري کي ڏسو، وومين ٿاڻي جي پوليس درشنا ڪماري ۽ گوويند ميگهواڙ کي واپس ٿاڻي تي وٺي آئي، ڇوڪري کي ڪنهن جي حوالي ڪجي پوليس ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي، ايس ايڇ او مهناز اعواڻ جو چوڻ آهي ته آئون پنهنجن بالا آفيسرن کي گهرائي صلاح مشورو ڪري ان بعد فيصلو ڪنداسين ته ڇوڪري کي دارالامان موڪلجي، وارثن حوالي ڪجي يا مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ گوويند ميگهواڙ جي حوالي ڪجي، جڏهن ته درشنا ڪماري جو چوڻ آهي ته آئون قطعي طور ري وارثن وٽ نه ويندس آئون پنهنجي مڙس سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي مونکي منهنجي مڙس حوالي ڪيو وڃي، جڏهن ته پريمي جوڙي جو اهو به چوڻ آهي ته اسان مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آهيون پر پاڻ ۾ جدا ٿيڻ نٿا چاهيون.