ڪراچي: صبور ۽ علي انصاري جي شادي جون تقريبون شروع

0
206

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا صبور علي ۽ اداڪار علي انصاري جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آھن، علي انصاري انسٽاگرام تي صبور ۽ پاڻ هڪٻئي جي ابٽن لڳائيندي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي شادي جون تقريبون شروع ٿيڻ بابت آگاھي ڏني

تصوير ۾ صبور کي ڦڪي رنگ جو جوڙو نظر اچي رھيو آھي، جڏهن ته علي انصاري کي اڇي رنگ ۾ نظر اچي رھيو آھي مٿان ڳاڙي رنگ جي شال پھريل آھي ، انسٽاگرام تي صبور ۽ علي انصاري جون مختلف وڊيوز وائرل ٿي رھيون آھن

هڪ وڊيو ۾ سجل علي  کي علي انصاري ۽ صبور کي ابٽن لڳائيندي ڏسي سگھجي ٿو، ھڪ وڊيو ۾ صبور جي بهترين دوست اداڪاره ڪنزا هاشمي کي پڻ ڏسي سگھجي ٿو