في الحال لاڪ ڊائون ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي: اسد عمر

0
281

في الحال لاڪ ڊائون

ڪراچي(م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر ڪورونا جي صورتحال تي لاڪ ڊائون جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته هو هن وقت ڪورونا جا انگ ڏسي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان پاڪستان سميت سڄي دنيا تي نظر آهي، هن وقت ويڪسينيشن تي زور آهي

اسد عمر چيو ته اومي ڪرون جي وڌندڙ پکيڙ تي ڪيسن جي نگراني ڪئي پئي وڃي پر في الحال لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي

ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، جنهن سبب ڪيسن جي شرح اڍائي سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي