مدئجي: لاڪپ جي ڀت کي کاٽ ھڻي 2 قيدي فرار، وڏو منشي ۽ ايس ايڇ او معطل

0
375
مدئجي: لاڪپ جي ڀت

مدئجي (ن پ ا) ڳاهيجا ٿاڻي جي لاڪپ جي ڀت کي کاٽ هڻي 2 جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي بعد پوليس اختيارين ٿاڻي جي وڏي منشي ۽ ايس ايڇ او کي معطل 3 اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

لاڪپ کي کاٽ هڻي جوابدار عبدالحليم عرف حلو ٻرڙو، يارو عرف بلوچو تڙت جتوئي فرار ٿي ويا، اهلڪار لاڪپ ۾ پهتا ته قيدي فرار هئا ۽ کاٽ لڳل ڏسڻ بعد ٿرٿلو مچي ويو

صبح سوير ڳاهيجا ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او غلام مصطفي’ ابڙو جي فرياد تي گناهه نمبر2/2022 قلم 223/229 تحت فرار ٿيل جوابدارن ۽ ٽن پوليس اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو

 داخل ڪيل ڪيس ۾ پوليس جمعدار سڪندر ميراڻي، سپاهي تصور علي ۽ سپاهي فاروق جوڻيجو کي جوابدار ڄاڻايو ويو ۽ ٽنهي اهلڪارن کي تحويل ۾ ورتو ويو، ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو قيدين جي فرار ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي  ايس ايڇ او غلام مصطفي’ ابڙو ۽ وڏي منشي عاشق ڪيهر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي