ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا

0
372

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا، مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، عام زندگي سخت متاثر، بولان نئين وهي اچڻ سبب جهل مگسي کي ملائيندڙ سنڌ-بلوچستان جا رستا پاڻي هيٺ، قبو سعيد خان، بگو دڙو، امام بخش جمالي ۽ کيرٿر تي تيز وسڪارن  بعد جابلون نيون وھي آيون

ونگو جبل تان ڇپون ڪرڻ سبب ايم 8 موٽر وي بند، سنڌ ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ونگو جبل جي 5 ھزار فٽ جي بلندي تي ڦاٿل، سوين مسافر پريشان، جهل مگسيءَ ۾ مُولهه ڍورو به  وهي آيو

 هَٿياري، سائين، مَري، اَلڪا ۽ بَزِنَئي سميت مختلف نئيون به تارو تار، چکي، قبو سعيد خان ۽ ڪچي پل ۾تباهي، شھدادڪوٽ شھر جي الله والي روڊ، ڪوٽو موٽو چوڪ، گرلس اسڪول روڊ، قبو روڊ سميت مختلف هنڌن تي پاڻي بيهجي ويو

 بهرام، قمبر،  وڳڻ، وارهه ۽ باڊهه ۾ برسات، دادو شهر ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کان تيز وسڪاري سبب 2  فٽ پاڻي  بيهجي ويو، راڻي پور، فيض گنج، ڪرونڊي ۽ ڀرپاسي برسات، خيرپور ضلعي ۾ طوفاني وسڪارن سبب کجي کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي

پڙن تي تيار پيل کارڪ تباهه، ڪوهستان، ڪاڇي ۽ کيرٿر تي برسات بعد عام زندگي مفلوج، نوري آباد سوڌو ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد نئيون تار وهي آيون، رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب مختلف ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو

نئن گاج به 12 فٽ وهي آئي، نلي، اَنگئِي، هَليلـِي، ڪڪڙاڻي ۽ نئن کنڌاڻي به تاروتار ، ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا، گاجي شاهه کان جوهي ۽ سيوهڻ ويندڙ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو، ڪاڇي واسين کي اچ وڃ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري