سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري

0
320
سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري
سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري

سنڌ ۾ گذريل 2 ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، مختلف شهرن ۾ جاني ۽ مالي نقصان به ٿيو آهي، انتظامي لاپرواهي سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

موسميات کاتي سنڌ ۾ سڀاڻي کان نون وسڪارن جي اڳڪٿي ڪندي اربن فلڊ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ۽ 24 جولاءِ تي ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين،  ٺٽي  ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ نوان وسڪارا شروع ٿيڻ جا امڪان آهن

سانگھڙ، نوشھرو فيروز، دادو، ڄامشورو، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

حيدرآباد، قمبر-شھدادڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ به وسڪارن جو سلسلو جاري رهندو، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جي خدشي سبب واڳيل ادارن کي الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي

هن کي به پڙهندا

ٻوڏ ڊڪليئر، ڪهڙا علائقا متاثر ٿيندا؟