سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) ميونسپل ڪارپوريشن جو بجيٽ بنا بحث 5 منٽن ۾ منظور ٿي وئي، ان ڏس ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جون پھريون بجيٽ اجلاس ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ميونسپل ڪمشنر، لاڳاپيل عملدارن توڙي ايوان جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميونسپل ڪارپوريشن جي اڪائونٽنٽ سال 24/2023 جي 4 ارب 76 ڪروڙ 29 لک، 97 ھزار 500 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي،جنھن ۾ ڄاڻايو ويو تہ او زيڊ ٽي شيئر 2 ارب 3 ڪروڙ 27 لک 92 ھزار 500، پنھنجو ذريعو 25 ڪروڙ 30 لک، آمدني 22 ڪروڙ 30 لک، گرانٽ 2 ارب 25 ڪروڙ شامل آھن، مختلف ڪمن جي مد ۾ ھڪ ارب 57 ڪروڙ 19 لک، 44 ھزار 743 رپيا، پگھارن جي مد ۾ ھڪ ارب 21 ڪروڙ 17 لک 20 ھزار رپيا، بقاياجات جي مد ۾ 21 ڪروڙ 60 لک، خرچن جي مد ۾ 50 ڪروڙ 15 لک، مرمت لاءِ 34 ڪروڙ، ھلندڙ اسڪيمن لاءِ 60 ڪروڙ 65 لک 62 ھزار 689 روپيا، نئين ترقياتي ڪمن لاءِ 31 ڪروڙ 50 لک روپيا بجيٽ ۾ ڏيکاريا ويا آھن. جڏھن تہ سال 23/2022 جي بجيٽ بہ پيش ڪئي وئي، جيڪا بہ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. بجيٽ جي انگن اکرن مطابق 3 ارب، 58 ڪروڙ، 31 لک 89 ھزار 570 رپيا منظور ڪئي وئي. ڄاڻايل بجيٽ ايوان ۾ ويٺل سمورن ميمبرن بنا بحث جي 5 منٽن اندر منظور ڪري ورتي. بجيٽ اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبر محمد علي چوھاڻ، ذاڪر بنڌاڻي، صبا ڀٽي پيش ڪيل بجيٽ بابت اعتراض واريندي چيو تہ بجيٽ ڪاپي اڳواٽ ڏني وڃي ھا تہ جئين ھو تياري ڪري ايوان ۾ اچن ھا، پر رات 10 لڳي ڌاري اطلاع ڏني وئي تہ صبح جو بجيٽ اجلاس آھي، گذريل ايوان جي مدي ۾ ڪھڙيون ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون، انھن مان ڪيتريون مڪمل ٿيون، ڪيتريون ھلندڙ آھن، تباھ حال ڊرينيج جي بھتري لاءِ ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن، سنڌو ڪناري آباد ھجڻ باوجود سکر واسين کي گندو پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، فلٽر پلانٽس بند آھن، انھن کي بہ فعال ڪيو وڃي. پ پ جي عورت ميمبر عزرا جمال چيو تہ اڳ عورت ميمبرن لاءِ ٽرانسپورٽ جي سھولت ھئي، اھا گاڏيون واپس ڪرائي مرمت ڪرائي ڏنيون وڃن، جنھن تي ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ وڊيو لنڪ ذريعي ايوان کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ٽرانسجينڊر، عورتن لاءِ 50، 50 لک روپيا رکيا ويندا، ميئر، ڊپٽي ميئر توڙي عورتن جي لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪيون وينديون. پ پ جي سيينئر عورت ميمبر زينت ڀنڀرو ايوان ۾ ڳالھائيندي چيو تہ سکر ۾ شروع ڪيل پيپلز بس سروس مان سکر واسين کي ڪو بہ لاڀ ناھي پھتو، ڇو جو جيڪي روٽس طئي ڪيا ويا آھن اُھي بھتر ناھن، تنھن ڪري  عوام کي بھتر ۽ سستي سفري سھولت ڏيڻ لاءِ روٽس تي نظر ثاني ڪري پيپلز بس سکر سٽي ۾ ھلائي وڃي. پ پ جي عورت ميمبر شھناز شيخ جو چوڻ ھو تہ سکر واسين کي پيئڻ لاءِ گندو پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، فلٽر پلانٽس بند آھن،   اجلاس ۾ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل ڳالھائيندي چيو تہ بجيٽ تي جنھن بہ ميمبر کي اعتراض آھن تہ اھو لکت ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي اڪائونٽنٽ وٽ جمع ڪرائي سگھن ٿا، انھن تي ايندڙ اجلاس ۾ ڳالھايو ويندو، سنڌ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو آھي ٽائيم گھٽ آھي اِن ڪري تڪڙو بجيٽ اجلاس ڪوٺايو ويو.

سکر: پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج نظام، روڊن رستن جي تباھ حالي واري شھر سکر جي ميئر لاءِ رکيل شاھانہ بجيٽ، حاصل ڪيل انگن اکرن مطابق ميئر سکر آفيس جي فرنيچر جي خريداريءَ لاءِ 10 لک رپيا، فيڪس مشين، مني ايڪسچئينج لاءِ 5 لک، گاڏين جي مرمت 5 لک، سفري الائونس 10 لک، فيول چارجز 25 لک، ٽيليفون، ڊي ايس ايل لاءِ 2 لک 50 ھزار روپيا، آفيس جي اسٽيشنري جي خريداري لاءِ 3 لک، پرنٽنگ اينڊ پبلڪيشن ايڊورٽائيزمينٽ لاءِ 5 لک، اخبارن ۽ ڪتابن لاءِ ھڪ لک، ريفريشمينٽ گرم ۽ ٿڌي لاءِ 15 لک، ۽ 50 لک مختلف مدن لاءِ رکيل آھن، مجموعي طور تي ميئر لاءِ ھڪ ڪروڙ 32 لک روپين خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. ساڳي طرح سال 23/2022 واري پاس ڪيل بجيٽ ۾ ايڊمنسٽريٽر/ميئر لاءِ مجموعي طور تي 28 لک 16 ھزار 755 روپيا ساڳن مدن ۾ رکيا ويا ھئا. ذريعن مطابق ميئر سکر جي آفيس ۾ فرينيچر، فيڪس سميت سموريون سھولتون موجود آھن، ٻيھر فرنيچر جي خريداري سميت اضافي خرچ ڏيکاري بجيٽ پاس ڪرائي وئي آھي.