چانهه گهٽ پيئو-AbsolutelyNot

0
138
چانهه گهٽ پيئو-AbsolutelyNot

  احسن اقبال جي گهٽ چانهه پيئڻ واري مشوري تي سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، احسن اقبال پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته قوم چانهه جو هڪ يا ٻه ڪوپ گهٽ ڪري ڇڏي ڇو ته چانهه پرڏيهه مان گهرائيندا آهيون جنهن سان ملڪ تي بار پوي ٿو، ناڻي ذخيرا گهٽجي وڃن ٿا، احسن اقبال جي اهڙي بيان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، دلچسپ تبصرن سان گڏ احسن اقبال مٿان تنقيد به ڪئي وئي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان طنزيه انداز ۾ لکيو ته پهريان ماني اڌ ۽ هاڻي چانهه به گهٽائي ڇڏيون، چانهه تي ڪو به مذاق ناهي، ميان انوکي چانهه جي ڪوپ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته مارڪيٽ ۾ هي ڪوپ اڌ قيمت ۾ دستياب آهي چانهه به اڌ، ڪوپ به اڌ ۽ قيمت به اڌ، ڇا خيال آهي پاڪستانين جو؟ اڪبر علي خان لکيو ته اوڌر تي پيئندا هئاسين پر سمجهندا هئاسين ته اسان جي فاقه ڪشي رنگ لائيندي، هڪ صارف لکيو ته اها اسان جي بنيادي حق جي ڀڃڪڙي آهي. شڪيل ڇڄڙو احسن اقبال جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته اڌ ڪوپ چانهه جو ئي ته پيئون ٿا، اھو به برداشت نه ٿا ڪيو ظالمو…!!! ھڪڙو ڪم ڪر …تون اھو امپورٽڊ ٽائي ڪوٽ لاھ،  لُنگي پائڻ شروع ڪر.