پنهنجون يادون …..ورسي جي مناسبت سان حسن درس جڏهن کان ويو آهي پل به ناهي وسريو

0
230
پنهنجون يادون .....ورسي جي مناسبت سان حسن درس جڏهن کان ويو آهي پل به ناهي وسريو

حسن درس سان  يادن جو هڪڙو اهڙو وڏو حصو آهي جيڪو آئون پبلڪلي لکي نه ٿو سگهان، انهن يادن ۾ هڪ حصو ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان گڏ آهي ۽ هڪ حصو بخشڻ مهراڻوي سان گڏ آهي هي اهو دور آهي جڏهن حسن اڃان اين جي اوز جي دنيا ۾ پير نه پاتو هو، بس حسن رولاڪ شاعر کان صحافتي رستي تي پير رکڻ جو سوچي رهيو هو،

   بدين جي قاضي واھ جي موري لڳ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ايڪسري مشين جي ڪمري ۾ مٺ تي سگريٽ جو ڪش هڻي مون کي چيائين ” شاعري ڇو نه ٿو ڪرين !”  مون مرڪي وراڻيو ” حسن مون شاعري گود ورتي آهي، جيئن ڪا ماءُ اولاد نه ٿيڻ تي ٻار گود وٺندي آهي، پو اتفاقن کيس پنهنجو اولاد ٿئي پوندو آهي ته گود ورتل ٻار کي پيار ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي سو مون به اگر خود شاعري ڪئي ته پو ٻين جي شاعري نه وڻندي “”  حسن درس وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ” اوهين پليجسٽ وڏا لاهه آهيو”  منهنجي اها حسن سان پهرين هجت ڀري ڪچهري هئي، بس پو ڪلاڪ بعد چيائين ” ڊاڪٽر آڪاش حيدر آباد مان الائي ڪڏهن موٽي،  تون هل ته پاڻ هلون مير محمد لنڊ وٽ…!!  بس ڪجهه پلن ۾ اسان موٽر سائيڪل تي بدين کان نندي شهر واري روڊ تي هئاسين، پراڻ ڪنديءِ تي مير محمد لنڊ جي ڳوٺ جو رستو ڪچو هو، موٽر سائيڪل پنڪچر ٿئي پيو، ڌڪيندي ڪچهري ڪندي لطيفا، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي اوچتو پڇائين ” مير محمد لنڊ کي سڃاڻين، مون چيو ها”  اسان پاڙيسري آهيون، منهنجي ڏاڏو خير محمد ۽ ناناڻڪي خاندان مان سوڀو چانڊيو هن سان گڏ نڙبيت وڄائيندا هئا، سندس اکين ۾ عجيب چمڪ آئي، مون چيو منهنجو ڏاڏو خير محمد بهترين شاعر هو… منهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي ٻه آڱريون سڌيون ڪندي چيائين”  پوءِ به شاعري نه ٿو ڪرين، چيائين مير محمد لنڊ اهو ماڻهو آهي جنهن کي ممتاز مرزا ٻاهرين ملڪ وٺي ويو هو، مير محمد لنڊ اتي ٻوڙينڊو وڄايو، ڪنهن پرڏيهي جوڙي کي پسند آيو، انهن مير محمد لنڊ کي چيو، جيترا پئسا کپن ڏيون، اهيو ٻوڙينڊو اسان کي وڪڻ،.. مير محمد لنڊ چيو ” هي ٻوڙينڊو سنڌ جي مٽي مان ٺاهي کڻي آيو آهيان سنڌ جي مٽي ڪيئن وڪڻندس، اسان ڳالهيون ڪندا مير محمد لنڊ جي ڳوٺ پهتاسين،

هي اهو زمانو هو جڏهن آئون اسلاميه ڪاليج بدين ۾ پڙهندو هئس، انٽر بعد مون تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ وڃي ٻني پوکي، هڪ ڏينهن  آئون سارين جي ٻاري ۾ گاهه ڪڍي رهيو هئس ته پريان روڊ تي هڪڙي اڇي رنگ جي گاڏي اچي بيٺي، هڪ همراهه پري کان هٿ مٿي کڻي اچڻ لاءِ اشارا پئي ڪيا، آئون نه ويس ته پاڻ هلي آيو، سارين جي ٻني تي بيهي هڪڙي چٽ پٽي گار ۽ پنج ئي آڱريون سڌيون ڪندي چيائين ” هاري ئي ٿيڻيون هئي ته هيترا سال ماسترن جا ڇو خراب ڪيئي، وڃ ڪپڙا بدلائي اچ، ڊاڪٽر آڪاش انصاري اخبار ٿو ڪڍي، پاڻ کي حيدرآباد هلڻو آهي”  مون مٽي وارا هٿ ڌوئي حسن کي هٿ ڏيندي چيو ته ” بيھي، گهران کٽ کڻي اچان، چيائين نه نه، گاڏي ۾ ڊاڪٽر آڪاش ۽ ڊاڪٽر بچل ويٺا آهن چانهن به هلي ٽنڊي باگي ۾ ڪنول لوهاڻي وٽ ٿا پيئون، هن داٻا ڏئي مون کي پاڻ سان گڏ ورتو، اسان حيدر آباد آياسين، واڌو واھ جي ڪپ تي سوال اخبار جو دفتر وٺي اسان صحافتي ڪم شروع ڪيو، مون کي ڊاڪٽر آڪاش ۽ حسن زبردستي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺرائي،

حيدر آباد جي انهن ڏينهن تي حسن درس سان يادن، آوارگين، عشقن ،مستين تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، جي او آر ڪالوني ۾ منهنجو هڪڙو ڪمرو، حسن درس ايندو هو ته ڊگهي قد سبب هڪ ڪنڊ تي مٿو ۽ ٻئي ڪنڊ ڏي پير ڪري مون کي خوب گاريون ڏيندو هو ته ڪمرو وڏو وٺ، ماڻهو سمهي ته صحيح سگهي، عطا راڄڙ، منصور ڏاهري، اسحاق مڱريو، نثار کوکر ، نواز خان زئور سميت کوڙ دوستن جون حيدر آباد جي جي او آر ڪالوني جي انهي ڪمري سان يادون آهن عشق، ميلاپ، وڇوڙا، شاعريون، غربت، ڪيئي ڪهاڻيون اڄ به انهن گهٽين ۾ گهمنديون هونديون، جن کي اسان اڻپورو ڇڏي هليا آياسين، حسن درس مون کي شاعري لکي ڏيندو هو ته وڃي مشاعرن ۾ پڙهه، جن مان هڪ ٻه حسن درس جي ضد تي پڙهيم، پو وري جڏهن ڪتاب پئي ڇپيو ته امير مينڌري حوالي ڪري آيس ته حسن جي شاعري آهي حسن جي ڪتاب ۾ ڇپجڻ کپي، انهن مان هڪ شعر ” اڌڙوٽ عمر جي عورت سان مون عشق ڪيو…..”

حسن درس مون کي زوري لکي ڏنو ته سنڌ يونيورسٽي جي مشاعري ۾ پڙهه !  ميڊمون خوش ٿئي مارڪون ڏيندئي ، مون اهو شعر پڙهڻ کان پهرين اظهار سومري، نياز نديم ۽ بخشڻ کي ٻڌايو ته هو خوب کليا، مون کان زوري هو شعر مشاعري ۾ پڙهايو ويو، جيڪو مون بعد ۾ ڪتاب وقت واپس ڪيو، اڄ به منهنجا ڪتاب ڳولهيندو آهيان ته حسن درس جا اڻ پورا پنا حسن جي اکرن ۾ لکيل ملندا، جيڪي هن لکڻ ٿي چاهيا پر اڌ ۾ ڇڏي ڏنا،

واڌو واھ تان جامي چانڊيو جي گهر ويندي عالماڻي جي قتل وقت سندس لاش کڻڻ کان وٺي پليجي صاحب جي گهر، پو هڪ رات ڪراچي جي حسن اسڪوائر وٽ غلام قادر پليجي جي فليٽ تي بنا پئسن جي حيدرآباد کان بس ۾ بنا ڀاڙي جي پهچي سهراب ڳوٺ کان پنڌ اچڻ، الائي ڪيتريون اهڙيون يادون آهن لکندس ته ڀنڀور کي باھ لڳي ويندي، ڪيئي رشتا پوڙاهپ ۾ به ٽٽي ويندا، ڪيئي ٻار رلي ويندا، حسن درس همراز دوست هو، جڏهن کان ويو آهي پل به ناهي وسريو…(فيس بوڪ وال تان ورتل)