پنھنجن شھرن کي صاف سٿرو رکو!

سيوھڻ شريف منهنجو پنھنجو شھر آھي، ان شھر جي صفائي ڪرڻ ۾ ڪا به خراب ڳالهه يا ڪو عيب ناھي، اسان جيڪڏھن پاڻ پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن تي ڌيان نه ڏينداسون ته اسان سنڌ جي ڪھڙي ترقي يا خوشحالي جي دعويٰ ڪنداسين؟ جنهن ڪري اسان سڀ گڏجي جيڪڏھن ٿورو ٿورو پنھنجي سنڌ ۾ ھر هڪ حصي جو ڪم ڪنداسين ته اسان پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن کي صاف سٿرو ڪري انهن کي بھتر ڪري مثالي بڻائي سگھون ٿا، جيڪڏهن ھر گهر وارو پنھنجي گھر جي صفائي سٿرائيءَ سان گڏ گھٽيءَ جي پنھنجي حصي کي صاف سٿرو رکندو ته سڄو پاڙو بلڪه سڄو شھر صاف سٿرو ٿي پوندو ۽ ان جا فائدا به سڀني کي ملندا.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

گمس سنڌ جو پهريون ميڊيڪل سٽي قرار!

گمبٽ ۾ واقع پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ (گمس) کي سنڌ جو پهريون ميڊيڪل سٽي قرار ڏنو ويو آهي. جنهن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو فيصلو طبي سياحت جي وڌندڙ لاڙي کي سامهون رکي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت طرفان به گمس کي عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ جي وڌيڪ ڪوشش تي زور ڏنو ويندو. جنهن لاءِ هن وقت چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ يونيورسٽي بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. جتي علاج سان گڏوگڏ دوائن سميت طبي تعليم جون سهولتون ميسر هونديون، جنهن لاءِ سنڌ سرڪاري جي ان ڳالهه جي جيتري تعريف ۽ ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي. هن وقت به گمس اداري اندر موجود عالمي معيار جهڙيون طبي سهولتون ميسر آهن جنهن مان خاص ڪري سنڌ جا غريب ۽ مسڪين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. ڳالهه اها آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته گمس جهڙي ناليواري اداري اندر طبي حوالي سان معياري سهولتون هجڻ ڪري گمس جهڙو ادارو سڄي سنڌ سميت ملڪ ۾ به سڀني ادارن کان اڳڀرو ۽ پهرين نمبر تي آهي جنهن مان اها اميد اميد آهي ته ان اداري اندر اڃا به وڌيڪ عوامي ۽ فلاحي لحاظ کان ماڻهن لاءِ سهولتون ميسر رهنديون.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

لاڙڪاڻي واسي ڪرڪيٽرن جون لاهور ۾ ڪاميابيون!

سنڌ جي ٽئلنٽ کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، سنڌ جي چوٿين نمبر وڏي شهر لاڙڪاڻي جي اسپيشل ڪرڪيٽرن ڪپتان خليل الرحمان عباسي جي اڳواڻي ۾ پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ آل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊيف (PCBD) ۾ ملڪ جي 32 ضلعن کان ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر جا اسپيشل ڪرڪيٽر نوجوان ڪپتان خليل الرحمان عباسي جي سربراهي ۾ ڪرڪيٽرن اشفاق لغاري، سرفراز دستي، پپو پيچوهو، وسيم شيخ ۽ ٻيا پنهنجي سنڌ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ راند ۾ لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري سطح تي سهولتون نه هجڻ باوجود شهر جا اسپيشل نوجوان ڪرڪيٽ پاڻ ملهائيندي آل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پي سي بي ڊيف ۾ پنجاب جي شهر سرگودھا، شيخوپورہ جي ٽيمن کي شڪست ڏيندي ڪاميابيون حاصل ڪيون، جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻو دي ڊيف ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ پنهل خان سانگي ۽ ٻيا پنجاب جي پلي گرائونڊ راند تي جمهريون هڻي خوشين جو اظهار ڪيو جو پنجاب جا ٻيا رانديگر حيران رهجي ويا. پنجاب جا پي سي بي ۾ کيڏندڙ ڪرڪيٽ جا رانديگر لاڙڪاڻو شهر جي پرجوش جذبي سان ڀرپور رانديگرن جي ڪاميابيءَ تي پڻ خوشي جو اظهار ڪيو. لاڙڪاڻي شهر جي ڊيف اسپيشل رانديگرن هميشه پاڻ ملهايو آهي، ان کان اڳ به حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ انڊيا جي ڪرڪيٽ رانديگرن کي شڪست لاڙڪاڻو جي ڪرڪيٽرن ڏني هئي. لاڙڪاڻي شهر جي ڊيف اسپيشل ڪرڪيٽرن ۾ وڏو ٽئلنٽ موجود آهي پر جيڪڏهن اڃا به سنڌ حڪومت انهن کي راند جو ميدان جوڙائي ڏئي ۽ انهن جي ڪوچ جو بندوبست ڪري ۽ ڪجهه سهولتون فراهم ڪري ته جيڪر ھي لاڙڪاڻي جا ڪرڪيٽر دنيا سطح تي سنڌ سميت ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا.

عبدالفتاح عباسي/لاڙڪاڻو

حيدرآباد شھر مان گذرندڙ ريلوي مڪمل غير محفوظ آهن!

پاڪستان ريلوي ٽريڪ تان ريل گاڏي جڏهن سنڌ جي ڪنهن شھر مان گذرندي آهي ته مسافر پنهنجي گاڏيءَ جا شيشا کولي شهر جو منظر ڏسڻ چاهيندا آهن، حيدرآباد شھر ۾ ريلوي ٽريڪ جا ٻه داخلي ڦاٽڪ آهن، ڪراچي کان اچڻ وارن لاءِ حسين آباد ڦاٽڪ ۽ نوابشاھ کان اچڻ وارن لاءِ ٽنڊو مرزا، اسلام آباد ڦاٽڪ کان پوءِ حيدرآباد جنڪش آهي. ان سموري ريلوي ٽريڪ جا ٻئي پاسا مڪمل طور تي غير محفوظ بڻيل آهن. ڪنهن به طرح صاف سٿرا يا تفريحي يا ريلوي ٽريڪ جي انتظامي ڪارڪردگي کي ظاهر نه پيا ڪن نه وري حيدرآباد شھر جي ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪا ڪارڪردگي نظر اچي ٿي. چنڊ ڪلوميٽرن جو سڄو ٽريڪ  گندگي، آلودگي، بدانتظامي ۽ بدصورتي جو ڏيک پيو ڏئي. ڪراچيءَ ۽ پشاور جا مسافر شهر مان گذرندي اهل شهر جي خاموشي ۽ آفيسرن جي ٻڙي ڪارڪردگي تي افسوس ڪندا هوندا.

شبير کوکر/قاسم آباد

اليڪشن جو وقت، ڀوتارن جو وقت!

جيئن ئي اليڪشن ويجھي اچي پئي تيئن ئي سردار، ڀوتار ۽ وڏيرا ڳوٺن ڏانهن ڊوڙون ڀريندا آهن، منهنجو سنڌ حڪومت ۽ ٿر جي انهن سياستدانن کان هڪ ننڍڙو سوال آهي جيڪي ٿر جي عوام کي ڀڳڙڻ جي مٺ تي به خريد نٿا ڪن، انهيءَ جو آسرو ڏيندا آهن، ڪيترن ئي سالن کان ٿر هميشه پ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي پر ٿر جي عوام کي ڀولڙن جيان نچائڻ ۾ پورا آهن، ٻئي ڪنهن ڳوٺ جي نه پر آئون صرف پنهنجي ڳوٺ آمرنو جي ڳالهه ڪندس ته آئون ڪيترن ئي سالن کان ڏسان پيو ٿو ته هميشه اسان وٽان پ پ پ وارا اليڪشن کٽيندا آهن پر جيئن ئي اليڪشن ختم ٿيندي آهي ته پوءِ پوئتي لوڻو ئي ناهن هڻي ڏسندا. ايئن گم ٿي ويندا آهن جيئن گڏهن جي مٿي تان سنڱ گم ٿي ويندا آهن، اهو اسان ٿرين سان حشر ڇو ٿو ڪيو وڃي، اسان جي ڳوٺ جو ڪيترن ئي سالن کان روڊ ٽٽل آهي، ان روڊ تان ڪنهن به گاڏيءَ جو گذر ته پري جي ڳالهه پر پنڌ هلڻ وارا به ٿاٻا کائيندا آهن اسان سان اهڙو لقاءُ ڇو آهي؟ اسان جي تر جي غريب عوام جي ووٽن تي اسيمبلين ۾ چونڊجي عوام جي ٽئڪس مان پگھارو وٺندڙن کي اهو روڊ ڏسي ٽڪي جو به شرم نٿو اچي، هاڻ جيڪڏهن اهي ماڻهو اسان ڏانهن ووٽ جي لاءِ نه به نه اچن. آئون سڄي سنڌ جي سردارن، ڀوتارن، وڏيرن ۽ چمچن کي اهو چوندس ته ڪجھه خدا جو خوف به ڪريو، ايترن مال ملڪيت کي ڇا ڪندا؟ قبر ۾ ته توهان هڪ ڪفن کڻي ويندا، پوءِ ڀلا ايئن ڇو ٿا ڪريو، مسڪين عوام جو خيال ڪري، هڪ ويلي مانيءَ لاءِ ٻارن کي تڙپندو ڏسي آپگھات ڪندڙ مزدورن جي سار لهو، توهان جي ايوان جي ٿڌن ڪمرن ۾ ويٺا آهيو ته اڄ ان ئي مزودر، غريب جي ووٽ جي سبب مزا پيا ماڻيو.

مڪيش  ساگر/ ڳوٺ آمرنو، ڏيپلو

سر شاھنواز لائبريري لاڙڪاڻو کي بجلي ۽ پاڻي ڏيو!

سر شاھنواز لائبريري لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي جو اھڙو واحد ڪتب خانو آھي، جتي معمول موجب ٽي ھزار جي لڳ ڀڳ شاگرد پنھنجي علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ اچن ٿا، گذريل 6 ڇھن مھينن کان وٺي شاھنواز لائبريري جو پاڻي انسان ته ڇا پر جانورن جي پئيڻ لائق به ناھي رھيو. پاڻي جي لوڻياٺي ليول(Salinity Level) 2000  کي وڃي رسي آھي، سائنسي تحقيق موجب لوڻياٺي پاڻي سان عام ماڻھن کي بڪي، جيري ۽ معدي جون انيڪ بيماريون ٿين ٿيون. خدارا معصوم شاگردن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪيو. رھي ڳالھه بجليءَ جي ته سڄي ڏينھن ۾ بجلي گھٽ ۾ گھٽ پنج ڪلاڪ وڃي ٿي، جنريٽر ڳچ عرصي کان خراب آھي، جيڪو ھلائڻ سان ڌماڪا ڪري ٿو، نتيجي ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سي ايس ايس (CSS) ۽ پي سي ايس (PCS) جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان جي شاگردن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، مان ڪلچرل کاتي جي سيڪريٽري ۽ وس وارن اعليٰ عملدارن کي عرض ٿو ڪريان ته سر شاھنواز لائبريري لاڙڪاڻو کي جلد کان جلد بنيادي سهولتون ڏئي امتحانن جون تياريون ڪندڙن نوجوان شاگردن جو مستقبل محفوظ بڻايو وڃي.

قاضي پرويز جوڻيجو/ لاڙڪاڻو

سنڌو درياهه رڻ پٽ ۽ غير مناسب ڪيوسڪن جي لوڊشيڊنگ!‎‎

سنڌ اندر جيڪڏهن پاڻي جو بحث مباحثو ڪيو وڃي ته هميشه ٻين بنيادي سهولتن جي ڀيٽ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو عڪس محسوس  ٿي رهيو آھي، هارپو ڪندڙ هاري انهي مسئلن تي مايوس ٿي ويٺل آھن، هاري نٽھڻ اس ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ باوجود آخرڪار زنده مجسمو ٿي ويا ڇو ۽ آخر ڇا لاءِ؟ جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  سال جي صوبائي بجيٽ موجب آبپاشي جي منصوبابندي لاءِ 05 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ اندر تمام ڪئنالن جي صفائي، سٿرائي لاءِ 07 ڪروڙ 07 لک جي بجيٽ ۽ سنڌ اينڊ رينج اٿارٽي جي رهڻ لاءِ 15 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. هڪ واضع حقيقت موجب آبپاشي اداري کي تمام گهڻو فائدو رسيو آھي، هوڏانهن وري هڪ عڪس موجب سنڌو درياهه پاڻي جي بادشاهه نالي سان سڏيو ويندڙ اڄ انهي درياهه جي حالت اهڙي محسوس ٿئي پئي جيئن ريگستان جا رڻ پٽ وارا ڀٽ هجن ڪجهه وقت پهريان مها ٻوڏ کان بعد ملاح به سنڌو دريا جون موجون ۽ مستيون ڏسي حيران ٿي ويندا هئا ملاح ۽ انهن جا نسل، ننڍڙا ٻچڙا به ڪپر طرف وڃڻ کان به ڪيٻائيندا هئا، اڄ افسوس ۽ دلي ڏک محسوس ٿئي پيو ته ڪنهن ڪنهن ٽڪرن اندر ڌنار يا مالوند ماڻهن جون مينهون حلال جانور گهمندا پيا وتن، جيتوڻيڪ سنڌو درياهه جي اندر سڪل واريءَ جون ڀٽون ڏسي مون کي پر آسپاس وارن علائقن ۾ مايوسي پکيڙيل آھي. سنڌو درياهه جي ڪيسوسڪن جي ڪڏهن لاٿ ته ڪڏهن وري ڪيوسڪن جي چاڙهه واري لوڊشيڊنگ به جاري  آھي. جاگرافيائي رپورٽ موجب سنڌو درياهه جي ڪل ايراضي پنهنجي ملڪ اندر ٻين خشڪ ۽ ساحلي وارين ايراضي کان وڌيڪ آهي جيڪا 1165000 چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن جو اڪثر حصو هن وقت اڃ ۾ بيٺل آھي، ٻئي پاسي پيٽرول جي اگهن ۾ به تيزيءَ سان اضافو ڪيو پيو وڃي، هن وقت سنڌ ۾ پيٽرول جو اگهه في ليٽر 234 رپين کان به وڌيڪ ٿي ويو آھي، پيٽرول جي ابتڙ پاڻي هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن جو ڪو به متبادل ناهي.  جيئن گذريل صدي پيٽرول جي صدي هئي، تيئن موجوده صدي پاڻي جي صدي آهي، هن 2022ع واري هن خطرناڪ  دور ۾ جتي سائنس وڌيڪ ترقي ته ڪئي پر ڪٿي ڪٿي وري خال به رهيل آھن.

امان الله ملڪ/ڪشمور

قيديءَ جي ڊائري!

سخت گرميءَ کان پاڻ بچائڻ جي لاءِ آئون، احسان شيدي، اربيلو جوکيو، رضوان جمالي، علي نواز بروهي، بجار چانگ ۽ بابو خاصخيلي پسار دوران هڪ وڻ هيٺان ويٺا هئاسين ته ان وڻ مٿان هڪ بلبل جو ننڍڙو ٻچڙو اچي هيٺ اسان جي سامهون ڪريو. شايد انهيءَ وڻ ۾ بلبل جو آکيرو ٺهيل هو، جنهن آکيري مان ننڍڙو پتڪڙو اهو بلبل جو ٻچو ڪريو هو، وڻ هيٺان ويٺل سڀني قيدي دوستن مان احسان شيدي ڊوڙ پائي ان بلبل جي ٻچي کي کنيو، جنهن جون اڃا اکيون به صحيح طرح نه کليون هيون. بلبل جو اهو ٻچو نه ڏسي پي سگھيو نه اڏري پي سگھيو، جي احسان اُن معصوم جان کي نه کڻي ها ته هو ڪنهن ٻليءَ جو شڪار ٿي وڃي ها، ٻلين کان بچائڻ لاءِ احسان اُن پکيءَ کي پنهنجي کوليءَ ڏانهن کڻي آيو، بلبل جي ان ٻچي کان سواءِ احسان وٽ سندس کوليءَ ۾ طوطي جو ٻچو به ڌاريل آهي. جيڪو ڪجھه مهينا اڳ بلڪل جي ٻچي جيان اچي کوليءَ جي سامهون پارڪ تي ڪريو هو، جنهن کي احسان اسپتال ۾ مريضن کي ڊرپ لڳائڻ واري پائيپ ذريعي کاڌ خوراڪ کارائي پيئاري اچي وڏو ڪيو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه ڳالهائڻ جھڙو ٿي ويو آهي. بلڪل طوطي جي انهيءَ ٻچي جيان احسان شيدي رات ڏينهن بلبل جي ٻچي کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. احسان جي پکين سان همدردي ڏسي مون کي تمام گھڻي خوشي محسوس پئي ٿئي، جيل ۾ رهي به هو نيڪيون پيو ڪمائي، ڏٺو وڃي ته پکين کي قيد ڪرڻ تمام وڏو گناهه بهگ آهي پر ڪنهن جانور جي زندگي بچائڻ پڻ عبادت ۽ انسانيت آهي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

سورن سٽيل عوام کي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي

عيوض ٻه ھزار رپيا رليف ڏيڻ وارو ڀوڳ!

پي ڊي ايم حڪومت وارا حڪمران عمران خان جي حڪومت دوران مھانگائي خلاف رڙيون ڪندا ھئا، اسيمبلين ۾ ڏاڍو گوڙ ڪندا اسلام آباد ڏانھن لانگ مارچ ڪندا ھئا، عوامي ھمدرديءَ جي آڙ ۾ سندن مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ ھو، جڏھن کان ھنن کي حڪومت ملي آهي تڏھن وڃي پاڻ سڪون حاصل ڪيائون ۽ عوام کي مھانگائي جي مصيبت ۾ مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيائون، عمران خان چار سالن ۾ سٺ رپيا پيٽرول سستو ڪيو، ھنن ظالمن 20 ڏينھن ۾ 90 رپيا پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ڪري پنھنجي بدترين حڪمراني جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. توھان ڀلي کربين ڊالر قرض وٺو تيستائين ملڪ خوشحال نه ٿيندو جيستائين توھان پنھنجون عياشيون ۽ شاھي خرچ بند نه ڪندا، ڪھڙي به حڪومت اچي ٿي آءِ ايم ايف کان کربين ڊالر قرض وٺي ملڪ ۽ عوام کي مقروض بڻائي ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪا بڻائي الزام وري اڳين حڪومت مٿان ھڻي ٿي. پي ڊي ايم حڪومت پاران بار بار پيٽرول ڊيزل جي قيمتن ۽ شين ۾ مھانگائي ڪرڻ بعد في خاندان کي ٻه ھزار رپيا رليف ڏيڻ جو اعلان ڪري عوام سان وڏو ڀوڳ ڪيو آھي. معنى رليف جي نالي تي عوام کي ڏيھاڙي فقط 65 رپيا ملندا سي به ماھوار لاڳيتو ڏنا وڃن، جڏھن ته ٻين ضرورت وارين شين جي قيمتن کي ڇڏي فقط گيھ ۽ اٽي جو ذڪر ڪجي ته ڏندين آڱريون اچي وينديون، حڪومت ھن وقت گيھ جو في ڪلو اٺ سئو ۽ اٽي جو في ڪلو اسي رپيا تائين پھچائي چڪي آھي، ايتري مھانگائي جي مقابلي ۾ مخصوص خاندانن کي ٽن چئن مھين کان پوءِ فقط ٻه ھزار رپيا ڏيڻ نه رڳو عوام سان ڀوڳ آھي پر اھا عوام جي کليل تذليل پڻ آھي. اسين پي ڊي ايم جي نااھل ناڪاره حڪومت پاران بار بار تيل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ۽ عام استعمال جي شين جي قيمتن ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، حڪومت کان پيٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ واپس وٺڻ ۽ مھانگائي ختم ڪري غريب عوام کي ايمرجنسي بنيادي تي رليف ڏيڻ جو مطالبون ڪيون ٿا جي حڪومت مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگھي ته پوءِ ملڪي عوام جي شديد رد عمل جو انتظار ڪري ۽ ھا پوءِ ملڪي حالتون آسٽريليا جي حالتن کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي وينديون پوءِ حالتن مٿان ڪنٽرول ڪرڻ ملڪي حڪمرانن يا ادارن جي وس جي ڳالھ نه ھوندي.

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

خدارا بي لغام مھانگائيءَ کي لغام ڏيو!

اسان جو ملڪ پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، جنهن ڪري ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو پر افسوس جو خوشحال ملڪ جو عوام خاص ڪري وچولي ۽ ھيٺين طبقي جو عوام مالي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ ذھني مفلوج بڻجي ويو آهي، جنهن جو خاص سبب ملڪ جون موجوده معاشي حالتون، شعور جي اڻھوند، بنيادي ضرورتن جو پورائو نه ٿيڻ، انساني ڀائيچارو نه ھجڻ، امن ۽ بدحالي، مھانگائي ۽ بدامني ۽ اظھار جي آزاديءَ تي پابندي، انساني حقن جي لتاڙ، پنھنجا نوازي ۽ ايجنٽ ڪلچري سماج ۾ ناسور بڻجي چڪا آهن، ڏينھون ڏينهن تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري غريب عوام معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني نفسياتي مريض بڻجي آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهي. اھڙا مسئلا ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي ۾ وڻ ويڙھي جيان عوام کي وڪوڙي ويا آهن، سنڌ ۾ امير ڏينھون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب، بدحال بڻجندو پيو وڃي، سنڌ ۾ اڪثر عوام جي اھا حالت آهي جو انھن ۾ احساس ڪمتري، بھتر مستقبل جا اڻپورا خواب، ڊگريون ھجڻ باوجود بيروزگاري، مزدوريءَ جو گھٽ اجورو، گھر جون بي پھچ ذميواريون ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا مسئلا عوام جي ذھن تي تمام گھرا گھاءَ بڻجي جيئڻ کان وڌ مرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن ۽ عوام مھانگائي مان بيزار ٿي آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھي ۽ سندن خاندان لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ھونئن به مھانگائي ھر سماجي برائي جي پاڙ هوندي آهي، مھانگائيءَ سبب چوريون، ڌاڙا ۽ اغوا انڊسٽري عروج تي پھتل آھي، مالي حالتون بهتر نه ھئڻ ڪري فحاشي ۽ بيپردگي ۽ نفسانفسي جو عالم ھجڻ ڪري ھر ماڻھو پريشانيءَ ۾ وٺجي ويجھن رشتن کان پڻ دوري اختيار ڪري رهيا آهن، ھر نئين ڏينھن سامان ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ بجليءَ جا ھر مھيني اگھ وڌڻ ڪري ھر شيءِ جا اگھ پاڻ مرادو وڌي رهيا آهن، جنھن ڪري عوام جي زندگي مفلوج بڻجي چڪي آهي، ملڪ جي واڳ ڌڻين کي گھرجي ته بي لغام بڻيل مھانگائي تي ضابطو آڻي عوام جو معاشي قتلام ٿيڻ کان بچايو وڃي.     غلام نبي مڱريو/ڪنڊيارو