عورتون موٽرسائيڪل هلائن ٿيون، اها معاشري جي ترقي آهي يا تباهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
25

سنڌ ۾ ڇوڪرين/عورتن پاران موٽرسائيڪل هلائڻ واري عمل بابت سوشل ميڊيا تي بحث ڪيو ويو، ڪجهه ماڻهن ان عمل جي مخالفت ڪئي پر اڪثريت آجيان ڪئي، عورتن جي موٽرسائيڪل هلائڻ کي ڪنهن تباهي ته ڪنهن وري ترقي قرار ڏنو ڪنهن وري وقت جي ضرورت قرار ڏنو، ان حوالي سان سنڌ ڳالهائي ٿي فيس بوڪ پيج ۽ ورلڊ سنڌي آرگنائيزيشن گروپ تي موٽر سائيڪل هلائيندڙ ڇوڪرين جي تصوير سان گڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ويو ته ھي ٽرينڊ سنڌ اندر به عام پيو ٿئي ان کي ڊولپمينٽ سمجھجي يا تباھي…؟ اوھان جو ڪمينٽ اوھان جي ذھنيت ظاھر ڪندو، جنهن تي ارشد علي چانڊيو لکيو ته اها تباهي آهي، فاروق احمد لکيو ته وقت جي ضرورت ، ۽ مثبت ضرورت آهي، سعيد احمد لکيو ته سڌي سنئين تباھي آھي، اسلام عورت کي پردي ۾ رھڻ جو حڪم ڏنو آھي ھيڙي بي حيائي جو نه… اتي ئي تصوير ۾ ڏسو ڪئين مرد انھن ڏي نھاري رھيا آھن اھا ڪھڙي ڊولپمينٽ اھا بي حيائي آهي، ياسر خان لکيو ته ڊولپمينٽ آهي، غلام مصطفيٰ لاکو لکيو ته ھي ھڪ بي حيائي آھي، آمريڪا ۽ يورپ ۾ پردو ناهي اهي تباهه آهن، الله بخش ڀنڀرو به ردعمل ڏنو، رئيس شاهه رخ بلوچ لکيو ته ڊولپمينٽ آهي، راڻو خان نهڙي لکيو ته وقت سان گڏ تبديليون اينديون رهنديون، آهستي آهستي معاشرو ان کي قبول ڪري وٺندو، ببلو عباسي لکيو ته ڊولپمينٽ آهي، محمد علي به ردعمل ڏنو، عين الله قريشي لکيو ته وقت سان گڏ تبديليون اينديون رهنديون، آهستي آهستي معاشرو ان کي قبول ڪري وٺندو، ايم سچل ۽ رحمان کوسو لکيو ته سٺي ڳالهه آهي، غلام شبير لغاري لکيو ته ڊولپمينٽ آهي، نثار احمد لغاري لکيو ته اسلام جي حڪم جي خلاف ورزي آھي پڪا مسلمان ناھن، جنيد احمد لکيو ته ڊولپمينٽ آهي پر ناڪاري، خان محمد سومرو لکيو ته ڪمينٽس اوهان جي سوچ مطابق هوندا ته پوءِ ڊولپمينٽ سمجهندا جي ابتڙ ته پوءِ تباهي سمجهندا ۽ اسان جي نظر ۾ ٻهراڙي ۾ وڏي ۾ وڏي بيغيرتائپ آهي ڇو ته حالتون اهڙيون آهن ڪٿي اغوا ٿي وڃي ته پوءِ ڪهڙي عزت رهندس ان جي ۽ خاندان جي، عزير احمد لکيو ته ڊولپمينٽ آهي، عامر شيخ لکيو ته تمام سٺي ڳالهه آ پر نياڻين لاءِ بائڪ بدران اسڪوٽي ھجڻ گھرجي…ثناءُالله کوهارو لکيو ته تصوير رکڻ وارو پنهنجي گهرجي نياڻين کي بائيڪ تي ويهاري پوءِ سوچي، خادم حسين چانڊيو لکيو ته سٺو عمل آهي، قاضي جهانگير لکيو ته  سٺي ڳالھه آهي مخالفن کي الله سمجهه ڏئي، علي اڪبر خميساڻي لکيو ته ھي وقت جي اھم ضرورت آھي نه ترقي آ نه تباھي آ مھانگائي جو ثمر آ. ھن تي ڪجھه به نه ڳالھائينداس. ان کي ھلڻ ڏجي ته جيئن نياڻيون به پنھنجو ڪار وھنوار ھلائن. اسلم ڪوريجو لکيو ته ترقي آهي، مشتاق سرور لکيو ته ڊولپمينٽ چئجي ضرورت به چئجي اگر مرد نه هجي ايمرجنسي ڇا ٿئي ڪير جلدي ۾ پهچي اگر گهر جي نياڻين کي به گاڏي هلائڻ ايندي ته ترت ايمرجنسي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو، غلام حسن کوسو لکيو ته سٺو قدم آهي،ڊاڪٽر مهيش لکيو ته اهو سٺو عمل آهي، منظور سومرو لکيو ته ذھن ته اسان مردن جا خراب آھن، تصوير ۾ نظر ايندڙ ڇوڪرا نياڻن کي تڪي رھيا آھن، باقي نياڻين جي موٽرسائيڪل هلائڻ ۾ ڪو به حرج ناهي، غوث علي جهتيال لکيو ته ان ۾ ڪو به حرج ناهي جڏهن اهو ڪم وڌندو ته غلط سوچ به ختم ٿي ويندي، حسين منظور لکيو ته سٺي ڳالهه آهي، ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختيار جي وارث سنڌي عورت خودمختيار ٿي رهي آهي، رشيد احمد جکرو لکيو ته مخالفن جي نظرن کان الله بچائي، امتيار قريشي لکيو ته ھي وقت جي اھم ضرورت آھي نه ترقي آ نه تباھي آهي، ڊاڪٽر شميم مري لکيو ته ساراھ جوڳو عمل آهي، سراج احمد سومرو لکيو ته ان سان بي حيائي وڌندي، عورتن کانسواءِ معاشرو ترقي نه ڪندو، انهن جي سپورٽ ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، خدا نخش راڄڙ لکيو ته ضرورت ۽ استعمال جو حق آهي، لياقت علي پنهور لکيو ته سٺي ڳالھه آهي ان ۾ حرج ڪھڙو آهي، عباس شاهه لکيو ته اها هاڪاري تبديلي آهي، انجنيئر ارشاد علي ۽ اي ايس ميراڻي به سٺو عمل قرار ڏنو، رياض ڪولاچي، محمد سچل، ڊاڪٽر گل حسن بروهي، صوفي فقير، اسلم ارباب، نثار لاڙڪ، عظيم جروار، عبدالرزاق ڀٽي، جلال بلوچ ترقي ۽ سٺو عمل قرار ڏنو. امداد مغل، نثار جوڻيجو مخالفت ڪئي، علي محمد ملڪ، خليل احمد ميمڻ، نديم شاهه، ماروي اسلم، پرويز اختر، ذوالفقار علي لغاري، سيد فدا حسين شاهه، امتياز مکڻ، عبدالله رخشاڻي لکيو ته جيڪي عورت جي آزاديءَ کان ڊنل آھن انھن کي تڪليف ٿيندي ھوندي جيئن معاشري جو مرد بائيڪ ھلائي سگھي ٿو تيئن عورت به ھلائي سگھي ٿي نارمل ڳالھه آھي.ساگر باغي لکيو ته اسان کي سنڌ جي عورت خودمختيار گهرجي.