تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري

0
37
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري

 شخصيتن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي اهميت سماج کي ڏسي ڪبي آهي. سنڌي سماج تي نظر وجهبي ته سياسي توڙي قومي حوالي سان جنهن شخصيت جو سنڌ اندر وڻ وڻ مان واس ايندو آهي، اها شخصيت سائين جي ايم سيد جي ئي آهي. ائين چوندي ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سائين جي ايم سيد جديد سنڌ جو اڏيندڙ آهي، جنهن ذات پات جي خول ۾ بند ماڻهن کي هڪڙي قوم ٺاهڻ جو بنياد وڌو. اهو سائين جي ايم سيد ئي هو، جنهن سنڌ اندر جيڪي ڪم هڪڙي حياتيءَ ۾ ڪيا، اُھي ڪم ڪو ماڻهو سئو حياتين ۾ به نه ڪري سگهي. سائينءَ جي ايم سيد نه رڳو جديد سنڌي سماج جا بنياد رکيا، پر هن سنڌي قوم کي هڪڙي سڃاڻپ پڻ ڏني. ٻيو وڏو ڪم سائين جي ايم سيد جو لطيف شناسي هو. لطيف جيڪو سنڌي قوم جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي، اهو لطيف پير بڻجي چڪو هو، ماڻهو پٽ گهرڻ ويندا هئا. سائين جي ايم سيد “پيغامِ لطيف” جهڙو عظيم ڪتاب لکي سنڌي قوم کي ٻڌايو ته لطيف پير نه پر اوهان جو فڪري رهبر آهي. سائين جي ايم سيد لطيف جي ان عوام دوست ۽ قوم دوست فلسفي کي سنڌ جي جهر جهنگ پهچايو. سائين جي ايم جا پورهيا هڪڙي ڪالم يا مضمون ۾ لکڻ منهنجي وس جي ڳالھ ناهي، صرف سندس ڪتابن جو ذڪر ڪبو، تڏهن به انهن نالن جي فهرست ئي هڪڙو مضمون ٿي ويندو. ھو ھڪ ئي وقت، محقق، ڏاهو، قومي رهبر ۽ عظيم ليکڪ پڻ هو.

ورهاڱي بعد سائين جي ايم سيد جيڪا سنڌ پرست سياست ڪئي، اها ئي هن وقت سنڌي قوم جي نه رڳو سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي پر سائين جي ايم سيد جي سياست ئي سنڌي قوم جي سڀ کان وڏي سگھ آهي. سندس نعرو سنڌ ڇا پر دنيا جي سمورن کنڊن ۾ سنڌي ماڻهن جو سڀ کان وڏو نعرو آهي. پنهنجي غلطين کي لکڻ جي سگهه اگر دنيا جي ڪنهن ليڊر ۾ آهي ته به صرف سائين جي ايم سيد ۾ ئي آهي. دنيا جي ڪهڙي ليڊر پاڻ ڪتاب لکي اهو اقرار ڪيو هجي ته منهنجا هي هي فيصلا درست نه هئا. هن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي نه رڳو سياسي مالڪي ڪئي، پر علمي، ادبي سميت هر محاذ تي سرواڻي ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جهڙا ادارا ٺاهي سنڌي ادب کي پروان چاڙھيو، سنڌ تان جان قربان ڪندڙ هزارين قومي ڪارڪن پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به زندگيون تريءَ تي رکي سنڌ جي آجپي ۽ بقا لاءِ وڙهي رهيا آهن. وقت سان گڏ اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي سنڌ لاءِ جيڪا واٽ آهي، اها واٽ ئي درست آهي. سنڌي قوم جن تڪليفن ۾ آهي، سائين جي ايم سيد ورهاڱي بعد اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. ڀلي ملڪي ڍانچي ۾ کيس غدار سڏيو ٿو وڃي پر اها حقيقت هاڻي سندس دشمن به مڃين ٿا ته هو مظلوم قومن جو هيرو آهي. پاڪستان اندر سياسي ليڊرن جا قد ڏسبا ته باچا خان ۽ سائين جي ايم سيد سڀ کان وڏا اڳواڻ نظر ايندا. پنهنجي پوري زندگي جيلن ۽ نظربندين ۾ گذاري سنڌيت ۽ سنڌي قوم کي آجپي جي جيڪا راهه سائين جي ايم سيد ڏيکاري ويو آهي، اها هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي منزل ماڻيندي. مون کي فخر آهي ته آئون سائين جي ايم سيد جي قافلي جو ڪارڪن آهيان. هن اسان کي ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ سيکاريو، سندس ڏسيل واٽ ئي سنڌي قوم کي هنن عذابن مان آجو ڪرڻ جي واٽ آهي، جنهن واٽ تي هلندي هڪ نه هڪ ڏينهن محڪوميءَ جا زنجير ٽٽندا.

سن جي هن سائينءَ کي اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي لطيف جي هنن سٽن سان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته:

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،

جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي،

سک نه ستا ڪاپڙي، لاھي لانگوٽي،

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.