سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ جي مناسبت سان … ملڪ دلين جو موڪرو جنھن جو عرش زمين آسڻ

0
37
ملڪ دلين جو موڪرو جنھن جو عرش زمين آسڻ

 “ھي جيڪو درياھ شاھ ڏسو ٿا، ان ۾ جيڪا گھرائي آھي، منھنجي سنڌ سان ايتري محبت آھي”. ھو ڳوٺاڻن سان ڳالھائي ٿو!

“سائين، ان ڪري ئي توھان کي اسين سڀ جئيم شاھ سڏيندا آھيون”. ھڪ پير مرد خوشيءَ مان مخاطب ٿئي ٿو !

“توھان کي خبر آھي سنڌو ديس جيترو قديم آھي، اسان جو ان سان عشق به ايترو ئي قديم آھي. زماني جي لاھين چاڙھين جي ڪري ھي وطن ڪڏھن غلام ته ڪڏھن آزاد پئي رھيو آھي پر جڏھن به آزاد ٿيو آھي ته وري نئين تھذيب ۽ تمدن طرف قدم پئي وڌايا اٿس. ان لاءِ مون مفصل احوال ‘سنڌوءَ جي ساڃاھ’ ۾ درج ڪيو آھي. توھان اڃان به سنڌ کي سمجھڻ چاھيو ٿا ته جناب امداد علي (آءِ آءِ قاضي) سان ٿيل منھنجي خط و ڪتابت ‘ساھڙ جا سينگار’ پڙھو”.

“سائين دعا ڪريو ته نئون وطن ٺھي پئي”. ھڪ الھڙ وھيءَ واري نوجوان ڳالھايو.

“بابا، جيڪڏھن قدرت مونکي اھا سگھ به ڏئي، تڏھن به آئون سنڌوءَ جي آجپي لاءِ دعا ڪونه گھرندس، آئون چاھيان ٿو سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي آجپو حاصل ڪن”، ھو وراڻي ٿو، “ته مون توھان کي پئي ٻڌايو ته سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ جدا ملڪ رھيو آھي. منھنجو رفيق ساٿي محمد حفيظ قريشي، جنھن کي آئون سنڌ جو ابو الڪلام آزاد سڏيندو آھيان، اھو اڪثر چوندو آھي ته  ملڪ ٻن قسمن جا ٿيندا آھن؛ ھڪڙا مفرد ۽ ٻيا مرڪب. مرڪب ملڪ ٺھندا آھن. مفرد ملڪ قدرتي طور تي صدين جي جاگرافيائي تبديليءَ سان ظھور پذير ٿيندا آھن. ھي ملڪ 47ع ۾ ٺاھيو ويو، سنڌ زمانهء قديم کان ڪرهء ارض تي موجود پئي رھي آھي. جنھن ان دور ۾ شھريت جا ڏاڪا طئي ڪيا، جڏھن انسان کي اڃان ڪپڙا اوڍڻ جي تميز نه ھئي. ان تي مون ‘سنڌي ڪلچر’ ڪتاب لکيو آھي. ھڪ دفعي آسٽريا جي شھر ويانا ۾ ٿيل پيس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني وفد جي سربراھ جي حيثيت ۾ عالمي طاقتن کي خبردار ڪيو ھئم ته برصغير جي پاڪ و ھند واري خطي ۾ وڌندڙ مذھبي منافرت کي ٻنجو ڏيو، نه ته اڳتي حالتون وس کان ٻاھر نڪري وينديون. نيٺ ائين ئي ٿيو. ان منافرت خلاف ‘جيئن ڏٺو آهي مون’ ڪتاب لکيم ته ڪفر، الحاد، غدار ۽ اسلام دشمني جھڙن لقبن ۽ القابن سان نوازيو ويس”.

ھڪ قومي ڪارڪن ڳالھائي ٿو: “سائين، ھن وقت توھان قومي تحريڪ کي ڪيئن پيا ڏسو؟”

“آئون ان قسم جي حالتن ۾ مايوس ٿيڻ وارو ماڻھو ناھيان. منھنجي سوچ وارو صالح ماڻھن جو گروھ ضرور پيدا ٿيندو، جيڪو منزل ماڻيندو”! ھو جواب ڏئي ٿو، “پٽ توھان منھنجو ڪتاب ‘ديارِ دل- داستانِ محبت’ پڙھو. ان ۾ لکيو اٿم ته عشق مونکي سڀني اسرارن جي آگاھي ڏني. مون ڪثرت مان وحدت، وحدت مان ڪثرت ڪل جو سبق ورتو. سنڌ جو آجپو منھنجي منزل ناھي، ھڪ سيڙھي آھي. آئون مغرب ۽ مشرق جي دائمي ميلاپ ۽ پنھنجي سنڌ جي صوفين جي پيغام ‘اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم’ جو مبلغ آھيان. دراصل مون اھو سنياس سنڌ جي قومي رھبر شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان حاصل ڪيو. لطيف سنڌ جي پنج ھزار سالا فڪر جو ترجمان شاعر ۽ مفڪر آھي. ٻي ڳالھ آئون توھان کي چوندس ته توھان جيڪو ‘پيغامِ سيد’ چئو ٿا، آئون ان سان به متفق ناھيان. اھو ‘پيغامِ سنڌ’ آھي”.

“سائين، پوءِ توھان ‘پيغامِ لطيف’ لکيو؟” ڪنھن پڇيو.

سائينءَ وراڻيو: “ھا ان وقت طبعي رجحان، معلومات جو ڪثير انداز ۾ موجود نه ھجڻ واري سبب جي ڪري مون ائين لکيو پر ھاڻ آئون پيغامِ لطيف کي به پيغامِ سنڌ ٿو سمجھان. ٻي ڳالھ خوف جو شڪار نه ٿيو. آئون عرض ڪريان ته خوف منھنجي آسپاس اچي ئي ڪونه. ھڪ دفعي احمد آباد جي سابرمتي نديءَ جي ڪناري ڪانگريس جي ميٽنگ مھاتما گانڌيءَ جي صدارت ھيٺ ٿي رھي ھئي، جنھن ۾ آئون، مسٽر جواھر لال نھرو، مولانا آزاد، سردار پٽيل ۽ ٻيا شريڪ ھئاسين. گانڌيجي پنھنجي روايتي اڌ اگھاڙي جسم سان اجلاس کي مخاطب ھو ته ھڪ نانگ نڪتو، جيڪو گانڌيءَ جي ھڪ پاسي وڌڻ لڳو. اسان سڀ ششدر ٿياسين. گانڌي محوِ گفتار ھو. نانگ ھڪ گوڏي وٽان چڙھي ٻي تان لھي ھليو ويو. اسان جو ساھ مٺ ۾ ھو پر مھاتما ۾ معمولي لرزش به نه آئي. اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ گانڌيجي چيو ته توھان ائين متان سمجھو ته مون نانگ ڏٺو ڪونه يا مونکي ڊپ ڪونه ٿيو. لاشعوري خوف ھر ماڻھوءَ ۾ موجود آھي پر مون توھان کي عدم تشدد جي طاقت ڏيکارڻ ٿي چاھي. اتي جي آئون مزاحمت ڪريان ھا ته نانگ مون کي ضرور ڏنگ ھڻي ھا…. ان ڏينھن کان عدم تشدد منھنجي زندگيءَ جو حصو ٿي ويو. سياست خلق خدمت آھي. سياست مقدس پيشو آھي. توھان مان جيڪو صالح ھوندو، اھو اڳواڻي ڪندو. لالچ مان نڪري اچو. مون پاڪستان ٺاھڻ ۾ نيڪ دليءَ سان حصو ورتو پر پوءِ ان تي يو پي، سي پي ۽ بھار جي انگريز نواز ڪامورن، سياستدانن ۽ اسٽيبلشمنٽ قبضو ڪري ورتو. مون ان گناھ جي ڪفاري طور عمر عزيز جا ٽيھ سال جيلن، نظربندين ۽ طرحين طرحين جي تڪليفن ۾ گذاريا آھن. ان تي ‘سنڌ ڳالھائي ٿي’ ۽ ٻين ڪتابن ۾ تفصيل سان لکي چڪو آھيان. توھان منھنجا ٻيا ٽي ڪتاب ‘بمبئي کان سنڌ جي آزادي’، ‘مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟’ ۽ ‘نئين سنڌ لاءِ جھدوجھد’ به ضرور پڙھو. پنھنجي نياڻي درِ شھوار ڏانھن لکيل خطن جي ڪتاب ‘ڏونگر سي ڏورينديون’ يا پنھنجي آتم ڪٿا ‘پنھنجي ڪھاڻي، پنھنجي زباني’ به ان ڏس ۾ ذڪر لائق آھن، جن ۾ سڀني سوالن تي ويچاريو ويو آھي. مون وٽ نه تخت آھي، نه تاج آھي، نه سپاھ آھي، نه لشڪر آھي. مون وٽ پيغام آھي سنڌ جي نجات جو پيغام. قومي حسن ۽ اخلاق جو پيغام”.

ھو گذريل رات ڪنھن خاص ڪيفيت سبب سمھي نه سگھيو ھو. طبعيت ۾ ٺھراء نه ھئس. اکين جا پلڪ اوجاڳي سبب ڳرا ٿي چڪا ھئس. رکي رکي شاهه سائينءَ جي رسالي جو ورد ٿي ڪيائين. اک لڳي وري کلي ٿي ويس. پنھجي رفيق ڪارن ۽ پرين پيارن جو اوسيئڙو ھئس. نيٺ شام ٿيندي ئي سنڌ جي سفر تي ويل سندس ساٿي ننڍن ننڍن جٿن جي صورت ۾ ھوريان ھوريان سن پھچڻ شروع ٿي ويا. سندن سن آمد کان اڳ ۾ ئي ھن ماستر غلام قادر کي رات جي ماني، ھنڌ وھاڻن، ڪارڪنن کي پيارڻ لاءِ کير ۽ صوفي راڳين لاءِ سوم رس جو چئي ڇڏيو ھو. ڪجھ ڏينھن پھريان رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي ڏي ماتلي ھڪ تار موڪلي ھئي، جنھن ۾ پاڻ رئيس کي سن اچڻ ۽ سندس سنگُ جي فنڪارن کي ساڻ آڻڻ جي التجا ڪئي ھئائين.

سن جي مسجد تان ڪنھن ٻانگ ڏني. رات پنھنجا وار وڇايا. سياري جا سخت ٿڌ وارا ڏينھن ھئا. درياھ ۾ لاٿ ھئي ۽ درياھ شاھ ۾ جڏھن به لاٿ ايندي ھئي ته سندس من به ڪنھن ازل جي تانگھ ۾ پيو اولجندو ھو! سن جي رات مٿان ستارن جي جگمڳاھٽ جاري ھئي. ڀرسان سنڌو درياهه ستل ھو. وڏن ڊگھن پُرپيچ پيچرن تان پنڌ ڪري پھتل ڪارڪن سوم رس ۽ راڳ ويراڳ مان مستفيض ٿيڻ کان اڳ ۾ پنھنجي رھبر کان گيان وٺڻ لاءِ آتا ھئا. فرشي نشست لڳي چڪي ھئي. پريان ڪنڊ کان ھڪڙي جٿي سان چاچو حفيظ قريشي بلند آواز ۾ سنڌ ڪيس تي ڳالھائي رھيو ھو. پريان صوفين جو سنگُ يڪتارن جون تارون سيٽ ڪندي ايتري عقيدت سان سائينءَ کي ڏسي رھيو ھئو، ڄڻ ڪپل وستو جي سانجھ ۾ ڪي ڏورانھان آيل ڀڪشو مھاتما گوتم جو درشن ڪري رھيا ھجن. رئيس ڪريم بخش خان اچانڪ مڌ جو پيالو خالي ڪري دڦلي وڄائڻ شروع ڪئي. عبدلواحد آريسر، مومن مليرائي، جمن دربدر ۽ ٻين سان محوِ گفتگو سائين جي ايم سيد رئيس جي ان اندازِ عاشقانا تي مرڪي متوجهه ٿيو. تيسين محفل ۾ بشير خان قريشي ھڪ وڏي ھجوم سان گڏ “تنھنجو رھبر منھنجو رھبر” جي نعرن سان داخل ٿيو. جنھن وڏي احترام سان سيد جا چرن ڇھيا. سائينءَ به سندس نراڙ تي چمي ڏني. رئيس ٻيھر ساغر ۾ مئه اوتڻ لڳو. ھڪ ڪارڪن پڇيو: “سائين، عشق کي توھان ڪيئن ٿا ڏسو؟”

سائينءَ وراڻيو: “عشق مون کي خودي مان ٻاھر ڪڍي بيخودي عطا ڪئي. عشق مون کي خود شناسي بخشي، جنهن جي ذريعي آئون خدا شناسيءَ تائين رسيس. عشق مونکي شھادت حسين عه جي راز کان واقف ڪيو. عشق مونکي تعليمات رسول صه سان بھره ور ڪيو. عشق انسان ذات جي اتحاد، ايڪي ۽ يڪجھتي جو ڪارڻ آھي”.

“سائين، توھان سنڌ جي ھن سوداء واري سفر جي شروعات ڪيئن ڪئي؟” علڻ خان ٿيٻي جي ڀرسان ويٺل ھڪ نوجوان سوال ڪيو.

سائينءَ وراڻيو: “ھڪ ته ننڍپڻ کان طبيعت رومانس ۽ فطرت طرف مائل ھئي. قدرتي نظارا وڻندا ھئم. ٻيو ته صحبتِ صالحان به ان جو سبب بڻي. علامه آءِ آءِ قاضي جھڙن لاطمع انسانن جي روحاني ساٿ، مٿان مجاز جي مختلف مرحلن مونکي پاڻ سڃاڻڻ جو ساھس بخشيو، جتان مون سنڌ سڃاتي. اڄ عمرِ عزيز جا ھيترا سال ان راھ ۾ وقف ڪرڻ کان پوءِ به حالت ھي اٿم جو چوان ٿو: جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا ڀانئج سپرين!”

ھڪڙي مجذوب شخص سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو، جيڪو اوڀر واري پاسي کان “حق الله، حق الله” جا ھوڪريا ڪري رھيو ھو. ان سيد کان ھجتاڻي انداز ۾ پڇيو: “سرڪار حسن جي ڳالھ ڪريو”!

محفل سڄي اوڏانھن متوجهه ٿي. رئيس راڳ شروع ڪرڻ جو اصرار ڪيو. شفيع محمد ڪرناڻي، قيوم منگي وارا به پھچي چڪا ھئا. ميڊم حميدا کھڙو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، تاج جويو، عطا الله انڙ وارا به ھمه تن گوش ھئا. سيد جا نوجوان باھمت ڪارڪن رياض علي چانڊيو، عرفان مھدي مجلس جي شيوا ۾ بيٺا ھئا. سائين ھلڪو ٽھڪ ڏئي ھن مجذوب کي جواب ڏيڻ لڳو:

“فقير سائين، حسن ازلي حقيقت آهي. ھن بي ثبات زندگيءَ جو مقصد عشق ۽ حسن آھن. حسين چھرا، دلفريب منظر، وھندڙ نديون، ٻارن جا ٽھڪ، فطري دلڪشيون نه ھجن ھا ته انسان فطرت جي قھري قوتن جو مقابلو نه ڪري سگھي ھا. مون پڻ حسن مان جھدوجھد جو اتساهه ورتو. عشق منهنجي دلجوئي ڪئي. حسن مون ۾ توازن پيدا ڪيو. سنڌ ۾ ايترو حسن آھي جو آئون ان ۾ ملي ھڪ ٿي ويو آھيان. ھاڻ قطري جي ڪا قيمت ڪانھي، سڀ ڪجهه وحدت ۾ وڃائجي ويو آهي. دوئي جا دوکا عشق حسن مٽائي ڇڏيا”.

“سائين، اوھان جي ڪتابن ۾ عدم تشدد جو ورجاءُ گھڻو آھي”. مجلس مان سوال آيو.

سائينءَ وراڻيو: “ھا، منهنجي سياست جا بنياد عدم تشدد جي اصولن تي رکيل آهن. مون وٽ تشدد حيواني جذبو آھي، جنھن جو استعمال صرف جانور ڪندا آھن. آئون ھن سرزمين تي محبت جو داعي آھيان. تشدد جوابي تشدد کي جنم ڏيندو آھي. پرامن سياست جديد دور جو سچ آهي”.

“سائين، روحاني آمريت ھيٺ عوام کي جڪڙي رکندڙ پيرن کي اوھين ڪيئن ٿا ڏسو؟”

سائينءَ وراڻي ڏني ته، “پير پرستي انھيءَ ڪري رائج آھي جو ماڻھو چون ٿا ته فلاڻو بادشاھ پير جو اولاد آھي. ھي قلندر شھباز يا شاھه ڀٽائيءَ جو سجاده نشين آھي. ھو امام رباني يا پير محمد راشد شاھه، مخدوم نوح وغيره جي اولاد مان آھي، تنھن ڪري سندن وڏن جي محابي عزت ڪن ٿا. پوءِ انھن پيرن جو اخلاق کڻي ڪيترو به ڪريل ھجي، ماڻھو ان ڏي توجھه نٿا ڏين. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ماڻھن جا وڏا بت پرستيءَ جا ھيراڪ ھئا. ھاڻ جي پٿر جا بت ڇڏائي ويا اٿن ته پيرن جي پوئلڳي، ملان جي فرمانبرداري، زميندار جي زبردستي، نالائق، مطلبي، ابن الوقت ۽ وطن دشمن سياستدان جي پوئلڳيءَ مان پاڻ ڇڏائي نٿا سگھن. ان حالت مان عوام کي ڪڍڻ لاءِ سخت پرچار جي ضرورت آھي”!….

پوءِ باقي بچيل رات صوفي راڳ ھليو. ڪرونڊي جا فقير ۽ رئيس سان گڏ آيل راڳي ايتري جوش سان ڳائيندا رھيا، جو سڄي محفل وجد جي ڪيفيت ۾ رھي. بزرگي باوجود سنڌ جو سائين رونقِ مجلس رھيو. رئيس ڪريم بخش جون اکيون آليون ٿي ويون. کيس گذريل سال سالگرھ تي سيد جا چيل لفظ ياد پيا ته، “رئيس، آئون جڏهن نوجوانن جي پرجوش رھاڻ ۾ ھوندو آھيان ته پاڻ کي سندن جھڙو بڻائي ڇڏيندو آهيان. سنڌ جي نجات واري ھن سفر ۾ مونکي پير مير سيد ذاتي دوست رفيق ڇڏي ويا، اتي ھي نوجوان منهنجي تحريڪ جي توانائي جو سبب بڻيا. ان ڪري سندن ھر ادا مونکي پياري آهي”.

ڪچھري ھلي رھي آھي. سن جي شام پنھنجا پاند پکيڙيو بيٺي آھي. سياري جي ٿڌ سبب سڀني ويٺلن جون ٻانھون سينن سان لڳل آھن. ڪمري ۾ سگري دکي رھي آھي. اوچتو چاچو حفيظ قريشي ھڪل ڪري چئي ٿو: “سائين، ھي تنھنجا جيڪي ماروئڙا جھانگيئڙا آھن، ….”.

سيد ڄڻ خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو. “ميان محمد حفيظ! جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا”.

ڪجھ دير ماٺ…..

ماستر غلام قادر ملاح ڪمري مان اندر داخل ٿيندي چوي ٿو ته، “سائين، آريسر اچي ويو آھي”.

“ان کي جلدي اندر وٺي اچ”. سائين کيس چوي ٿو.

آريسر صاحب ٽن ٻين ساٿين سان فرشي نشست ۾ سيد جي روبرو آھي ۽ ٻڌائي ٿو: “سائين، ھي راشد مورائي آھي”.

“ھا مولوي صاحب، آئون کيس سڃاڻان ٿو. ھي اسان جي تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن ۽ قومي شاعر آھي”. سيد سائين وراڻي ٿو.

“مولوي صاحب، ٻاھر جو سياسي ماحول ڪيئن آھي؟” سائين پڇي ٿو.

“سائين، ايم آر ڊي جي تحريڪ ھلي رھي آھي. سرڪار گرفتاريون به ڪيون آھن. ملڪ جو وايو منڊل تبديل آھي. حالتون گهڻيون خراب آھن. اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟” آريسر صاحب چئي ٿو.

“ھا مولوي صاحب، ٺيڪ ٿا چئو. حالتون سنگين آھن پر آئون اميد جي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿيو آھيان. اميد جو دامن ڪڏھن ھٿان ڪونه ڇڏيو اٿم. ھي انهن جي تحريڪ آھي، جن جي منزل اقتدار آھي. توھان تياري ڪريو. اسان کي حقيقي جنگ وڙھڻي آھي”.

ڪجھ دير ماٺ…..

آريسر صاحب حسب روايت جمالياتي لب لھجي سان ڀريل گفتار جا گلاب سن جي سرزمين تي ڇنڊڻ ۾ مگن آھي. ھن جا لفظ حاضرين مجلس جو حافظو تازو ڪرڻ سان گڏوگڏ ماحول ۾ پيدا ٿيل موسم جي ٿڌاڻ کي لفظن جي حرارت ڏئي رھيا آھن. اوچتو ھو چوي ٿو: “اسان پيغام سيد جا ريٻارا بڻجي وستي وستي وڃي رھيا آھيون”.

سائين ھٿ جي اشاري سان سندس گفتگو روڪي ٿو.

آريسر صاحب خاموش. پوري ڪچھري خاموش.

“ميان عبدالواحد، اھو ‘پيغامِ سيد’ ناھي، اھو ‘پيغامِ سنڌ آھي”. سائين اڌ کليل اکين سان آريسر صاحب ڏي تڪيندي چوي ٿو.

“پر سائين، توھان پاڻ ‘پيغامِ لطيف’ لکيو آھي”. آريسر صاحب جو سوال.

“ھا ڪو وقت ھو جو مون ائين لکيو پر ھاڻ آئون ‘پيغامِ لطيف’ کي به ‘پيغامِ سنڌ’ ٿو سمجھان”. سائينءَ جو جواب.