هڪ صديءَ جي تاريخ !

0
36
هڪ صديءَ جي تاريخ !

20هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ ۽ آخري ڏهاڪي ۾ موڪلائڻي ڪندڙ سنڌ جي ساڃاھ جو محور رهندڙ سائين جي ايم سيد هڪ صديءَ جي تاريخ جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. هن صديءَ جي تاريخ جتي ٻن عظيم عالمي جنگين کي جنم ڏنو، اتي ننڍي کنڊ جو ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ورهاڱو به عمل ۾ آيو. جنهن ورهاڱي ۾ سائينءَ جو ڪردار اهم ۽ اڳئين صف وارو رهيو. سائين بلند ڪردار جو مالڪ هو. هر ان شئي کان پر ڀرو نظر آيو، جيڪا کيس غافل ڪري ۽ مقصد تان هٽائي. جهڙوڪ دولت، شهرت، عياشي يا نشي پتي جي ڇڪ کان پاڻ بچائيندو رهيو. ايتري تائين جو آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سندس سخت ناقد رسول بخش پليجو صاحب به سندس ڪردار جي بلنديءَ جو دل سان قائل هو. ان جو مطلب اهو هرگز نه ورتو وڃي ته سائينءَ کان ڪي غلطيون سرزد نه ٿيون هونديون! سندس پنهنجو به اهو چوڻ هو ته، “جيڪر ڪو پاڻ کي عيبدار نٿو سمجهي، ڄڻ هو پنهنجي عيبن تي پرده پوشي ٿو ڪر”. هن پنهنجي غلطين تي نه رڳو اعترافي نوٽ لڳايو پر انهن تي معافيءَ جو طلبگار به رهيو. اهڙين اجتماعي مفادن کي هاڃو رسائيندڙ غلطين جو ڪارڻ هڪ ته حالتن جو جبر سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ڪارڻ سندس طبيعت جي گڻن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جو سياسي سفر متزلزل نظر اچي ٿو ۽ ان متزلزل فيصلن ڪارڻ هو تاريخدانن جي مڏي ڇريءَ هيٺ ايندو رهي ٿو.

سائين جي ايم سيد جي جدوجهد ڪنهن به سياسي رهنما جي طويل ترين جدوجهد آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ قيد ۽ بند به ڏٺائين. ايتري تائين جو مرڻ گهڙيءَ وقت به هٿڪڙين جو باندي هو. سائين توڻي جو سنڌي ادب کي لڳ ڀڳ 60 ڪتاب ڏنا، جن جو سنڌ جي اجتماعي شعور جي آبياريءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي پر ڇا ڪجي جو تاريخ سدائين سياسي جدوجهدن ۽ تحريڪن جي رت پياڪ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جي ادبي پورهئي تي تاريخ گم سم لڳي پئي آهي ۽ سندس جدوجهد تاريخ جا سبق ڏيندڙ ۽ سيکاريندڙ رهي آهي.

سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد کي سولائيءَ سان سمجهڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جيان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مطلب ته سائينءَ جي ورهاڱي کان اڳ جي جدوجهد ۽ ورهاڱي کان پوءِ جي سياسي جدوجهد! ٻنهي حصن ۾ سائينءَ جي جدوجهد ٻن متضاد وهڪرن ۾ هلندي رهي آهي. ورهاڱي کان اڳ جو جي ايم سيد ٻه قومي نظرئي جو ڪٽر حامي ۽ مسلمانن/اسلام کي خطري ۾ محسوس ڪندڙ نظر اچي ٿو ۽ ورهاڱي کان پوءِ هڪ سيڪيولر ۽ قومي جذبي سان سرشار سنڌ وطن جو سرفروش ڀانئجي ٿو.

ورهاڱي کان اڳ جو سيد

سيد جو سياسي سفر تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن هو 1920ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ خلافت تحريڪ جي اهم اڳواڻن مولانا ابوالڪلام آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا شوڪت علي جهڙن ننڍي کنڊ جي مشهور عالمن ۽ اڳواڻن جون اثرانگيز تقريرون ٻڌي ۽ کانئن متاثر ٿي سن ۾ به خلافت تحريڪ جو ميڙاڪو ڪوٺائي ٿو. يقينن خلافت تحريڪ هڪ مذهبي اثر هيٺ هئي، جنهن جو مقصد ننڍي کنڊ کي ترڪ خليفي جي حڪمراني هيٺ آڻڻو هو، پر 1917ع ۾ پهرين عالمي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ خلافت عثمانيه جو ٻيڙو ٻڏڻ شروع ٿي ويو ۽ ترڪن ۾ اها سگهه نه رهي جو تلوار جي زور تي ننڍي کنڊ کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي سگهن! نيٺ خانه جنگين کي منهن ڏيندڙ عظيم ترڪ سلطنت 1924ع ۾ پنهنجي منطقي انجام تي پهتي. ننڍي کنڍ ۾ به خلافت تحريڪ پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ڏٻري ٿيندي وئي. خلافت تحريڪ علامه مشرقيءَ جي قيادت ۾ بقا جي جنگ وڙهندي رهي پر خلافت جي پڄاڻيءَ تي هيءَ تحريڪ به پڄاڻيءَ تي پهتي! پر سائين جي ايم سيد تحريڪ جي عالمن کان نوجوانيءَ ۾ ئي ايترو متاثر ٿيو جو سندن مذهبي اعتقادن به هن جي اندر ۾ گهر ٺاهي ڇڏيو. ابوالڪلام آزاد کان ته هو خاص طور متاثر هو.

16 سالن جي عمر ۾ خلافت تحريڪ کان شروع ٿيل سندس سياسي سفر 1930ع ۾ هاري ڪانفرنس تي پهچي ٿو. 20هين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ انگريزن پاران متعارف ڪرايل اريگيشن سسٽم کان پوءِ لکين ايڪڙ زمين پوکيءَ جي لائق بڻي، جنهن ڪارڻ ننڍي کنڊ، خاص ڪري سنڌ ۾ سياست زميني اصلاحن جي اردگرد ڦرڻ لڳي. سائينءَ به هاري ڪانفرنس جو بنياد وجهي عوامي سياست ۾ پير پائڻ طرف وک وڌائي. هو پاڻ به ابن ڏاڏن کان زميندار هو، ان لاءِ اهو فطري عمل هو ته پنهنجي جدوجهد کي اهڙي فورم تي کڻي وڃي، جتي بشمول سندس عوام جي گهڻائيءَ جي بهتري ٿئي.

خلافت تحريڪ کان پوءِ ان سان لاڳاپيل ماڻهن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته ڪن وري مختلف علائقائي تنظيمون جوڙيون، جهڙوڪ: شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مسلم آزاد تحريڪ، پنجاب جي احرارالاسلام، وغيره. 1930ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياست تي تنهن وقت ٽن اسلام پسند گروپن جو وڏو اثر هو: ميران محمد شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ سيد گروپ، ٻيو غلام حسين ۽ بنده نواز جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ٽيون ايوب کهڙي ۽ عبدالله هارون جو گروپ! سائين جي ايم سيد به سيد گروپ سان سلهاڙيل هو. جن گروپن اڳتي هلي، وٿيءَ سان گڏجي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جوڙي، جنهن جي نتيجي ۾ 1936ع جي چونڊن کان پوءِ غلام حسين هدايت الله جي وزير اعظم جي ڪرسي والار سان حڪومت جوڙي. شڪارپور سان واڳيل هي سنڌ جي بمبئي پريزيڊينسي کان علحدگيءَ کان پوءِ سنڌ جو پهريون وزير اعظم هو ۽ ورهاڱي جو سخت مخالف هو. سندس مختصر دور اقتدار ۾ سنڌ جو پهريون اسپيڪر پهلاجاڻي گذاري ويو ۽ سندس جاءِ تي ميران محمد شاھ اسپيڪر بڻيو. ٻئي طرف ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ورهاڱي جي راءِ زور پڪڙي رهي هئي. ان صورتحال ۾ پهريون دفعو سنڌ جي هندن پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ شروع ڪيو ۽ هنن وزير اعظم غلام حسين اڳيان ڪجهه بل اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ رکيا، جيڪي سائين جي ايم سيد حوالي ڪيا ويا پر سائينءَ جي ڪن لاٽار سبب اهي رهجي ويا ۽ غلام حسين جي جاءِ تي شهيد الله بخش واڳ سنڀالي.دراصل سائينءَ جي سياست ورهاڱي کان اڳ جذباتي ڪيفيت ۾ ورتل نظر اچي ٿي ۽ سچن ماڻهن سان اڪثر اها ڪيفيت طاري رهي ٿي، جنهن سبب چالاڪ ۽ شاطر ماڻهو اڪثر انهن جي اهڙي سادگيءَ جو فائدو کڻندا آهن. تاريخ جي ورق ورائڻ سان پتو پئي ٿو ته سائينءَ جي مذهب سان محبت کي ٻن شخصن استعمال ڪندي خوب فائدو ورتو، جن مان هڪ ايوب کهڙو ۽ ٻيو علي محمد راشدي هئا. پوءِ قوم ڏٺو ته ڪيئن هندن جي اڪثريتي شهر سکر ۾ منزل گاھ مسجد وارو واقعو رونما ٿيو. سائين جي ايم سيد مولوين سان گڏجي جلوس جي اڳواڻي ڪئي. دنگو فساد ٿيو. ڦرلٽ ٿي، خونريزي ٿي ۽ سائينءَ جا تاريخي لفظ رڪارڊ جو حصو بڻجي ويا ته، “سنڌ مان هندن کي ايئن لڏائينداسين، جيئن هٽلر جرمنيءَ مان يهودين کي لڏايو

تنهن وقت سائين مسلم ليگ ۾ شموليت ڪري چڪو هو. ممڪن آهي ته هنن اهو سوچيو هجي ته الله بخش سومري جي مسلم اڪثريت جي وڃايل حمايت جو فائدو وٺندي ليگ جون پاڙون سنڌ ۾ مضبوط ڪجن پر اها هڪ سنگين غلطي هئي، جنهن جو اعتراف به سيد ڪري چڪو آهي. 1938ع کان 1946ع تائين سائين انتها جي حد تائين پاڪستان جي تحريڪ جو اهم ۽ مک رهنما نظر اچي ٿو. 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ پاس ڪرائڻ کان وٺي اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ تائين جو سفر راشدي صاحب ۽ کهڙي جي سنگت ۾ ڪٽيندي نظر اچي ٿو ۽ ان لاشعوري يا خواب آور ڪيفيت مان تڏهن نڪري ٿو، جڏهن پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ کي بڻائڻ جو فيصلو مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت ڪري ٿي. دراصل سنڌ جي بمبئي پريزيڊينسي کان علحگي بعد مسلم ليگ جي قيادت، جنهن تي پنجاب ۽ يو پي جو غلبو هو، تن جي ڪراچي بندرگاھ تي نظر هئي،  جيڪو سنڌ جي وسيلن تي قائم ٿيو هو. ٻئي طرف موجوده خيبر پختونخوا به سندن تسلط مان نڪري چڪو هو. هنن ڏٺو ته سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ هڪ خال آهي، جيڪو پر ڪري کين پنهنجي تسلط ۾ رکي سگهجي ٿو. ان لاءِ يو پي، سي پي جي قيادت ايوب کهڙي کي بوتل ۾ بند ڪري سنڌ جي مسلم ليگ کي تيار ڪيو ته هو ان تي راضي ٿين. يقينن سنڌ جي قيادت ان وڏي ۽ سو به سنڌ کي ورهائڻ واري فيصلي لاءِ تيار نه هئي پر يو پي جو نواب لياقت علي پاڻ اچي ڪراچيءَ ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو ۽ ايوب کهڙي ڪراچيءَ ۾ مارشل لا لڳائي ان تي عمل درآمد ڪرايو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ اندر يوپي ۽ سي پي کان وڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ قوم اڄ سوڌو ان فيصلي کي ڀوڳي رهي آهي.

ورهاڱي کان پوءِ جو سيد!

اهو امر عجيب آهي ته سائين ورهاڱي کان بعد هڪ ٻئي ۽ بنهه ابتڙ رنگ ۾ نظر اچي ٿو. ممڪن آهي ته ان جو ڪارڻ سندس سياسي غلطيون هجن، يا يارن جون بي وفائيون، جن کيس استعمال ڪيو هو، يا هو عمر جي ان حصي ۾ به پهچي چڪو هو، جتي جذباتي پڻي جي جاءِ غور ۽ فڪر ماڻيندو آهي. ڪارڻ جيڪو به رهيو هجي پر سائين بعد ۾ جيڪا به زندگي گذاري، سا ورهاڱي جي پڇتاءَ ۾ گذاري. هو آخر تائين سنڌ جي وحدانيت ۽ ننڍي کنڊ جي ري يونين ۽ ڪنفيڊريشن جي ڳالهه ڪندو رهيو.پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن پنهنجو مزاج سيڪيولر ۽ لاڙو سوشلزم ڏانهن رکيو. خان غفار خان سان گڏجي نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهيائين پر اڳتي هلي پٺاڻن جي پنجابي پناهگيرن سان اقتدار ۾ شراڪتداري جي ڪري هن وٽ پٺاڻ به قابل ڀروسي لائق نه رهيا. سائينءَ سنڌ ڪميونسٽ پارٽي به ٺاهي پر اها گاڏي به نه هلي سگهي. ملڪ تي بنگالين کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ ون يونٽ لاڳو ٿيو. تحرير ۽ تقرير تي بندش لڳي ته سائينءَ بزم صوفياءِ سنڌ جو پليٽ فارم جوڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بزم روح رهاڻ ۽ صوفياء طرفان جشن لطيف ٿيڻ لڳا ۽ ون يونٽ جي مخالفت ۾ ماحول جڙڻ لڳو، پر آخري وقت ۾ ميلو ڀُٽو لٽي ويو!

جيتوڻيڪ 1973ع جو آئين پاس ڪرائڻ ۾ به سائينءَ جو وڏو هٿ هو جو پٺاڻن ۽ بلوچن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب سائينءَ کان مدد ورتي پر بعد ۾ سائينءَ ان آئين تان هٿ کڻي “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟” لکيو. ممڪن آهي ته سائينءَ کي هڪ دفعو وري غلطيءَ جو احساس ٿيو هجي، جو اهو آئين سنڌين لاءِ ڪو ثمر کڻي نه اچي سگهيو آهي. هڪ ته ان آئين کي مذهبي بڻايو ويو ۽ ٻيو ته صوبن جا معدني وسيلا، جيڪي 1935ع جي آئين تحت صوبن جي ملڪيت هئا، سي مرڪز جي حوالي ڪيا ويا ۽ ڪنفيڊريشن جي جاءِ تي فيڊريشن جو نظام لاڳو ڪيو ويو. يقينن سائينءَ آڏو اهي خدشا هوندا پر پاڻي سر مٿان گذري چڪو. سائين سياست مان ايترو دلبرداشته ٿيو جو عملي سياست کي خدا حافظ چئي ڇڏيائين. جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌائين پر عملي طرح ان جي قيادت ڪرڻ کان نابري واريائين. پاڻ کي رڳو رهنمائي تائين محدود رکيائين. 1970ع ۽ 1980ع جا ڏهاڪا سائينءَ جي تحريرن جا رهيا. هن سياست کي وقت ڏيڻ بجاءِ لکڻ ۽ قوم کي قلم ذريعي باشعور بڻائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. سندس تحريرن سنڌ اندر ساڃاھ جو ٻج ڇٽيو. شايد ئي ڪو سندس تحريرن کان متاثر نه ٿيو هجي!

سائينءَ جي سياسي زندگيءَ تي ايترو لکي سگهجي ٿو، جو ويهي لکجي ته ڪتاب ڇپجي وڃي! سندس وڇوڙي جي ڏينهن تي ياد ڪندي ان لاءِ لکيل شعر سان پڄاڻي ڪجي ٿي:

وٺي هر هر جنم وربو

مٺا مهراڻ ۾ ملبو !

ختم اونداھ ٿي ويندي

چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو!