سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ٽيسٽ ۾ عجيب قسم جا سوال، خالي پيپر پاڻ ڀريندا؟ : سوشل ميڊيا تي بحث

0
21

 سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊر اسڪول ٽيچر جي ٽيسٽ ورتي پئي وڃي ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي ته ٽيسٽ ۾ ڪهڙي قسم جا سوال ڏنا پيا وڃن، انهي سان گڏ پيپرن ۾ ميرٽ جي حوالي سان به سوال اٿاريا ويا، ان سلسلي ۾ الفت پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ٽيسٽ جو پھريون سوال: گڏھه جو گوشت ڪھڙي جنگ ۾ حرام قرار ڏنو ويو؟ سوال ڪرڻ وارن جي دماغي ليول چيڪ ڪيو. اهڙي ٽيسٽ ٿا وٺو، جنهن تي اشرف علي مهر لکيو ته انهن جو اهو ذهن آهي، جاويد علي ڀنڀرو لکيو ته سنڌيءَ جي 10 سوالن مان 5 ڪتابن بابت ، 1 اخبار بابت…. رڳو رٽڻ جو شيون.! شفقت علي لکيو ته عجيب سوال ڏين ٿا، ميرٽ جو قتل آهي، جنيد احمد به ردعمل ڏنو، قاضي فهيم اوٺو به ردعمل ڏنو، جمشيد شبير لکيو ته هڪ سوال هيئن به هو: “ڪانگريس 1885 ۾ ٺهي. ٻڌايو ته ان وقت وائسرا ڪير هو؟” هنن کان پڇجي ته ڪانگريس جي ٺهڻ ۾ وائسرا جو ڪهڙو ڪردار هو؟ AO Hume به رٽائرڊ سرڪاري ڪامورو هو. نڍپڻ کان پڙهيو سين تہ ڪانگريس Hume جو Brainchild هئي. جڏهن تہ پهريون صدر Benerjee هئس. وائسرا جو ڪم ڪهڙو؟ اسحاق موريجو لکيو ته هيڊ مسٽرس لاءِ 1565 سيٽن جو اشتهار ڏنو ،ٽن سالن کان پوءِ سيٽس وڌڻ جي بجاءِ گهٽائي 300 ڪري پوءِ ٽيسٽ ورتائون ،ٻهراڙي جي سيٽن تي 63.5 تي آخري حد شارٽ لسٽ ۽ شهري 33 تي مطلب ٻهراڙي جو اميدوار 63 مارڪون کڻي به ناڪام ۽ شهري اميدوار 33 مارڪن تي ڪامياب ، اهو معيار آهي، چانڊيو عبدالڪريم لکيو ته خيبر جنگ وقت گڏهه جو گوشت حرام قرار ڏنو ويو هو، شڪيل احمد لکيو ته فرياد بلوچستان آرٽيڪل لکيو ويو هو اخبار ۾ 1939 ۾ ڪنهن جو لکيل هو؟ اهو به سوال آهي،

عبدالسبحان سنڌي، محمد علي، نديم اين جي سومرو، غفور ميمڻ، عطا ٻٻر به ردعمل ڏنو، مقصود احمد لکيو ته خيبر جنگ، ٽيسٽ ڪافي ڏکي هئي خاص طور پاڪ اسٽڊي ۽ سنڌي جا سوال، رياض علي خاصخيلي لکيو ته قائداعظم جي جنازي نماز ڪنهن پڙھائي ؟ ڪتي جي قبر ڪٿي آهي ؟ سنڌ پبلڪ وارن جي ليول ڏسو سوالن جي، ميٺا رام رٻاري، پير بخش، غلام علي سومرو، منير زئور به ردعمل ڏنو. سوشل ميڊيا تي اهو به معاملو سامهون آيو ته پيپر دوران ڪافي اهڙا ماڻهو ڏٺا ويا جيڪي پيپر خالي ڏئي رهيا هئا يعني پيپر تي ڪجهه نه لکي رهيا هئا پڇاڻي ته انهن جو چوڻ هو ته مٿان چيو اٿن ته پيپر تي ڪجهه نه لکجو اسان پاڻ لکنداسين اها حالت آهي، ٽيسٽ جو پيٽرن عجيب، سليبس کان ٻاهر وارا سوال آهن،

ان سلسلي ۾ حيدر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي حقيقت آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ سفارشي يا وري گراهڪ اميدوارن کي چيو ويندو آهي ته پيپر ۾ ڪجھه به نه لکجو جيئن ملي تيئن واپس ڪجو……عزيز راج لکيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جا اهڙا ئي ڪم آهن،جنهن تي محمد ايوب لکيو ته هتي ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،

اهڙي ئي هڪ ٻي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالقدير لکيو ته ايئن ته ڪيئي ڏهاڪن کان سنڌ ۾ ٿيندو پيو اچي، ننگر چنا لکيو ته هر کاتي ۾ ڪرپشن ڪئي وڃي، رخسانه شيخ لکيو ته سوال به عجيب ڪڍن ٿا، مثال طور بيگم جهان آرا شاهنواز جي مڙس جو نالو ڇا هو؟ جڏهن شاگرد پڙهندا آهن ته ايترو ڌيان ناهن ڏيندا، محمد اسلم لکيو ته اسان جو به ٽيسٽن جو 8 سال جو تجربو آھي پر ڪالھه واري ٽيسٽ الائي ڇا ھئي سمجھه ۾ ئي نه پئي آيو ڪجھه، ساوڻ خاصخيلي لکيو ته وڏو ويل آهي، دلاور حسين کوسو لکيو ته ميڊيڪل جهڙي شعبي کي به هنن بخش نه ڪيو، امان ميمڻ لکيو ته انويجيليٽر جو اهو فرض هو ته خالي صفحي تي ڳاڙهي پين سان وڏو منڌيئڙو لڳائي ڇڏي ها اصول ته اهو آهي، صنم جاگيراڻي لکيو ته بلڪل ڪميشن جي پيپرن جو ڪو معيار ناهي،سوال اڳ ۾ ورھايا ٿا وڃن ڪي سميت،سنڌي لڪچرر جي پوسٽ لاءِ 25 اپريل تي پيير ورتو ويو، رڳو توهان پپير ڏسو پاڻ توهان جي اھل علم آهيو ته توهان کي ان پيپر جي حالت ڏسي افسوس ضرورت ٿيندو، ڪتابن جا غلط نالا لکيل آهن ليکڪن جا مڪمل نالانه ڏيڻ بجاءِ انهن جا اڻ پورا نالا ڏنل آهن ست کان اٺ سوال اختلافي آهن..پيپر ھتي رکجي ٿو اھل علم اھو پپير ڏسن ۽ فيصلو ڪن. ڊاڪٽر صائمه واحد لکيو ته اوهان ڏسندا ته ڪير به پنهنجي مڙسي تي آيل گهٽ ملندا،

شاهد حسين لکي ته وڏو ظلم آهي جن جون گهڻيون مارڪون آهن انهن کي وري انٽرويو ۾ ڪيرائي ٿا ڇڏن، رياض خاصخيلي لکيو ته سليبس جي ڪا آئوٽ لائن ناھي نه ئي ڪا جنرل ناليج جي ڪا حد سڀ صوبا پنهنجو سليبس ٿا ڏين شاگردن کي، ھي ھيستائين رڳو پنهنجي من ماني لاھي ويٺا آهن گھٽ ۾ گھٽ لائن ته ڪليئر ڪن ڪو ماڻهو ھنن کي چوڻ وارو ناھي ھاڻ ان ۾ ڪنھن جو ڏوھه آهي ؟ مونکان ڪميشن ۾ ٿا پڇن ٻڌاءِ فلاڻن ملڪن ۾ ڪھڙي پاليسي آهي ڪھڙي گورننس آهي ھاڻ آئون سبجيڪٽ جو ستايل مٿان وري اھڙا عجيب سوال پوءِ خبر ڪيڏانھن کڻيو وڃن پاڻ کي خبر ناھن ھوندي ھڪڙي ميڊم ميمبر ليڪچرار جي انٽرويو ۾ پني تي سوال لکيو ويٺي ھئي اھي پئي پڇا ڪئي ھاڻ اھا ليول آهي.