سوال/سروي … ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان: استاد، بورڊ ۽ پوليس ڪاپي جا ذميوار قرار، سينٽرن ۾ ڪيمرائون لڳايو، سوالنامو ايم سي ڪيوز تي هجي: عوام

0
22

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، امتحاني سينٽرن چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪھڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته استاد، تعليمي بورڊ، پوليس اهلڪار ڪاپي جا ذميوار آهن، ڪاپي روڪڻ لاءِ امتحاني سينٽرن ۾ ڪيمرائون لڳايون وڃن، نصاب ۾ تبديلي آڻي مختصر ڪيو وڃي، سوالنامو به ايم سي ڪيوز وانگر ٺاهيو وڃي، سوال ۽ جواب مختصر رکيا وڃن، پوليس اهلڪار ۽ استادن سوڌو لاڳاپيل انتظاميا ٻين ضلعن جي مقرر ڪئي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ماجد تنيو لکيو ته سدائين ننڍپڻ کان ڪنن ۾ ٻُڌي ٻُڌي سُور پئجي ويو آھي جيڪڏھن ھن ڀيري سختيءَ سان اِھو عمل ٿئي ٿو ته لک ڀيرا بسم الله، موهن لال لکيو ته ڪاپي ڪلچر کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ بورڊ مافيا کي ختم ڪيو وڃي ۽ شاگردن جا پيپر آءِ بي اي سکر وٺي جيئن يونيورسٽي ۾ داخلا ٽيسٽ ايم سي ڪيوز ٽائيپ ٽيسٽ ورتي ويندي آهي اهڙي طرح سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري جا ايم سي ڪيوز پيپر ٿرڊ پارٽي آءِ بي اي سکر يا اين ٽي ايس کان ٽيسٽ وٺي شام جو ڪي جاري ڪئي وڃي ۽ جيڪي شاگرد پاس ٿين انهن کي سند اسڪول جاري ڪري. گلاب خاصخيلي لکيو ته قلم 144 سان صرف حد جي ٿاڻي جي پوليس اھلڪارن کي مال ملندو باقي ڪوبه فائدو نه ٿيندو، شفقت علي جروار لکيو ته ڪاپي ڪلچر سنڌ لاءِ ناسور آهي معاشري کي ڏسي لڳي ٿو ڪابه تبديلي نظر نٿي اچي باقي قلم 144 ٽوپي ڊرامو آهي، گلاب خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪرڻ لاءِ انتظاميه اگر سنجيدگي سان سوچي ته موبائيل جو مڪمل بند ڪرائي ۽ استادن تي نظر رکجي ڇاڪاڻ جو اڪثر استاد به ڪاپي ڪرائيندا آھن وجھه اھا آھي ھي ڀاءُ آھي ھي ڀائيٽو آھي ھي ڀاڻيجو آھي يا وري اڪثر استاد پيسا وٺي به ڪاپي ڪرائيندا آھن ان لاءِ لازمي آھي ته امتحاني سينٽرن جي ڪئمرا لڳائي نظر ثاني ڪئي وڃي، زاهد کوسو لکيو ته ڪاپي ڪلچر روڪڻ لاءِ کنيل اهو قدم قابل تعريف آهي پر وري به بورڊ ۾ ملندڙ مارڪن ۽ گريڊ کي روڪڻ لاءِ بورڊن ۾ ويٺل آفيسرن تي سختي ڪئي وڃي جئين تعليم ۾ مڪمل ميرٽ نظام اچي سگهي ۽ محنت ڪندڙ شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي.. محمد فياض وساڻ لکيو ته ڪاپي ڪلچر سنڌ لاءِ ناسور آهي ڪاپي کان بغير 90 پرسنٽ شاگرد فيل ٿيندا ڪاپي ڪلچر روڪڻ لاءِ کنيل اهو قدم قابل تعريف آهي پر وري به بورڊ ۾ ملندڙ مارڪن ۽ گريڊ کي روڪڻ لاءِ بورڊن ۾ ويٺل آفيسرن تي سختي ڪئي وڃي جيئن تعليم ۾ مڪمل ميرٽ نظام اچي سگهي ۽ محنت ڪندڙ شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي. وحيد مگسي لکيو ته ڪاپي کان بغير 90 پرسنٽ شاگرد فيل ٿيندا اسڪول ۽ ڪاليج انتظاميا ائين هرگز ڪرڻ نه ڏيندا ڇو جو انهن جي ريپوٽيشن تي سوال پئدا ٿيندا ڪاپي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آھي نصابي ڪتابن ۾ مختصر سوال ۽ جواب ڏين شاگردن ۽ استادن کي پابند ڪيو وڃي، خميسو آريسر لکيو ته ڪاپي اسان جا قابل احترام استاد حضرات پاڻ ڪرائيندا آهن استادن جو قصور ڪونه آهي ڇو ته استاد سياست ڪندا آهن ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي پنهنجي بنگلن تي استادن حاضر ي لڳائيندا آهن، شاهد بلوچ لکيو ته خاص ڪري نارو ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي ڪاپي نٿي رڪي سگهي انهي اعلان تي عمل ڪونه ٿيندو، باقر پتافي لکيو ته ھميشه جيان ھن ڀيري حڪومت پاران لڳايل 144 قلم ڪجھه به نه ڪري سگھندو ڇو جو جنھن ٿاڻي جي سينٽر ھجن ٿا ان ٿاڻي جا پوليس اھلڪار کين اندر پيپر ڏيندڙن جا سھولت ڪار ھجن ٿا ۽ ان سان گڏ سينٽر اندر بيٺل استاد به انھن جي سٺن نمبر حاصل ڪرائڻ لاءِ شاگردن کي موبائيل فون ڏيئي مرضي مطابق پيپر ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آھن جڏھن اھڙي ماحول ۾ سڀ ڪجھه انسان ڪري سگھي ٿو ته ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڄاڻايل 144 قلم آخر ڇا ڪندو؟ محمد رحمان لکيو ته ڪاپي روڪرائڻ لاءِ گورنمينٽ قدم ڀلو کنيو آهي پر عمل جي ڪرڻ کانسواءِ اهو قدم ڪم جو نه هوندو، جيڪڏهن استاد محنت ڪئي هوندي ته رزلٽ شاگرد سٺو کڻي سگهندا، مير حسن مري لکيو ته ڪاپي روڪرائڻ جا قدم کڻڻ ضروري آھن. ھڪ ڳالھه ته اھو ڪير يقين ڏياريندو ته بورڊن مان مارڪون وڪامنديون ڪونه. شاگردن کي ڪاپي روڪرائڻ آسان آھي. ھڪ انويجيليٽر ئي کوڙ آھي.پر سنڌ جا بورڊ مارڪيٽ بڻيل آھن. انھن جي لاءِ حڪومت ڪھڙو لائحه عمل طئي ڪيو آھي. اسڪولن کي بجلي جي فراھمي به يقيني بڻايو ڇو جو اسڪولن ۾ حالت خراب آھي. مئي جي مھيني ۾ گرمين کان ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ امتحاني وقتن تي لوڊشيڊنگ کي روڪيو وڃي. اياز کهاوڙ لکيو ته اهڙا حڪم هر سال ڪيا ويندا آهن. پر  عمل ناهي ٿيندو، ارشاد علي سومرو لکيو ته سڀ کان پھريان ته اسڪولن ۾ استادن ليڪچرارن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي، اسان جي سنڌ ۾ وڏن شھرن کان سواءِ باقي ھايرسيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙھائي نه هجڻ جي برابر آھي جتي شاگرد صرف امتحان جو فارم ڀرائڻ لاءِ اچن ٿا پوءِ وري امتحان ڏين ٿا، عبدالحفيظ لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر عام ڳالھه آھي، امتحاني سينٽرن تي اصل شاگردن جي جاءِ تي عيوضي ماڻهو ويهاري پيپر حل ڪيا وڃن ٿا، ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ 144 لاڳو ٿيڻ جي باوجود مقامي پوليس اهلڪار ۽ سينٽر تي مقامي استادن کان ڊيوٽي ورتي ويندي، مقامي پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪاپي ٿئي ٿي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سينٽرن تي ٻئي ضلعي مان پوليس نفري ۽ اسٽاف مقرر ڪري، جيئن ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام ٿي سگهي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سنڌ ۾ تعليم آھي ڪِٿي جو ڪاپي کان روڪيندا ڪاپي ڪلچر سنڌ جو پراڻو رواج آھي، اهي ڳالھيون هر دفعي ٿيندا آھن ليڪن انھن تي عمل ڪرائي ناهن سگھندا، جمشيد علي لکيو ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر عام ڳالھه آھي، امتحاني سينٽرن تي اصل شاگردن جي جاءِ تي عيوضي ماڻهو ويهاري پيپر حل ڪيا وڃن ٿا، غمشاد برفت لکيو ته اهڙا اعلان هر سال ڪيا ويندا آهن پر عمل ڪو نه ڪرائيندا آهن، مدثر منور علي لکيو ته پڙهائي به درست ڪن.