ڪيريئر جي چونڊ، جاب ۽ ڪيريئر ۾ فرق

0
36
ڪيريئر جي چونڊ، جاب ۽ ڪيريئر ۾ فرق

 توھان ڇا ٿا بڻجڻ چاھيو؟ توھان جي زندگي جو مقصد ڇا آھي؟ ھن قسم جا سوال توھان کي خوابن جي دنيا ڏانھن وٺي وڃن ٿا. ھڪ ٻار ھجڻ ناتي توھان کان جڏھن ھن قسم جا سوال ڪيا وڃن ٿا ته توھان سوچن ۾ گم ٿي وڃو ٿا. پنھنجي ان سوچ دوران توھان پائليٽ بڻجي وڃو ٿا. جھاز اڏائڻ شروع ڪريو ٿا. مٿي اڀ تي موجود ھوندي فضائن جو سير ڪندا رھو ٿا. انسانيت جي خدمت ڪرڻ واري جذبي ھيٺ ھڪ ڊاڪٽر بڻجي وڃو ٿا. ھڪ جانچڪار (ڊڪٽيڪٽوِ) بڻجي ڏوھن کي ختم ڪرڻ ۾ حڪومتِ وقت جي مدد ڪرڻ ۾ لڳي وڃو ٿا. توھان ٻين جي ڪمن، ڪارنامن ۽ مثالي ڪردارن کان متاثر به ٿيو ٿا؛ جيئن ڪنھن مشھور اداڪار کان متاثر ٿي ڪري اداڪار بڻجڻ جي شوق ۾ مبتلا ٿيڻ. ھڪ مڃيل سائنسدان جي ڪارنامن مان اتساھ  حاصل ڪرڻ؛ ۽ چاھيو ٿا ته مان به ڪو سائسندان بڻجان. ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ زندگي کي بھتر بڻائڻ ۾ ھٿ ونڊايان. يا وري ڪنھن اھڙي عالمي رانديگر جي زندگي کي سامھون رکي ان جھڙا بڻجڻ چاھيو ٿا، ۽ عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ چاھيو ٿا. توھان جيڪو ڪجھ بہ بڻجڻ چاھيو ٿا اھو توھان ذاتي حق آھي پر، ياد رکڻ گھرجي ته پڇيل سوال جو جواب ڪڏھن به تصورن ۾ گم ٿي يا خوابن ۾ رھي ڪري نٿو ڏئي سگھجي. نه وري پڇيل سوال جو جواب ڪنھن سٽي بازي جي راند آھي جو ھيڏانھن سٽو لڳايو ۽ ھوڏانھن جواب اچي ويو. يا وري پنھنجن خيالن کي ويڙھائڻ شروع ڪري ڇڏيو ٿا ۽ جواب جي لاءِ ڪيترائي مفروضا گھڙيو ٿا. توھان ڇاٿا بڻجڻ چاھيو؟ ھي ھڪ اھڙو سوال آھي جيڪو توھان کان جيڪو به فرد يا ادارو پڇي ٿو ته ھن جو سڌو سنئون مطلب ھي ھوندو آھي ته ھو توھان کان توھان جي ڪيريئر جي باري ۾ پڇا ڪري رھيا آھن. ڪيريئر ڪنھن به ٻار جي زندگي جي لاءِ تمام گھڻو اھم مامرو، ڳوڙھو معاملو ۽ منجھيل مسئلو هوندو آهي. ان جي جواب جي لاءِ تمام گھڻي سوچ ۽ ويچار جي ضرورت هوندي آهي. ڪيريئر معنا ھڪ اھڙو پيشو، جنھن کي توھان پنھنجي اچڻ واري زندگي جي لاءِ مستقل طور تي اپنائڻ چاھيو ٿا.

ڪيريئر جي چونڊ واري سفر تي روانو ٿيڻ کان اڳ ۾، ضروري آھي ته “جاب  ۽ ڪيريئر” جي وچ ۾ جيڪو فرق ۽ جيڪا وٿي آھي، ان کي سمجھي وٺجي. توڻي جو جاب ۽ ڪيريئر کي اسان وٽ ھڪ مطلب ۾ ورتو وڃي ٿو يا وري ھي سوچ پاتي وڃي ٿي ته جاب ۽ ڪيريئر ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن. توھان کي ھي ڄاڻي حيراني ٿيندي ته ھنن ٻنھي ۾ ڪافي فرق آھي. جاب جو مطلب ھي آھي ته ھڪ اھڙي ڪرت يا ڌنڌو جيڪا اسان جي روزمرھ جي خرچن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھن کي توھان ائين به سمجھي سگھو ٿا ته جاب ھڪ ٺيڪيداري جھڙو ڪم آھي، آمدني جو ذريعو آھي يا وري ھي روزي روٽي ڪمائڻ جو ذريعو آھي. جاب جو مطلب ھي آھي ته ھڪ ماڻھو ڪمائي ڪري پنھنجي ذاتي يا پنھنجي گھر جي خرچن جو پورائو ڪندو رھي ٿو. جاب ڪل وقتي (فل ٽائيم) به ٿي سگھي ٿي، جيئن اسان وٽ ڪيترائي اھڙا ماڻھو آھن، جيڪي سڄي عمر خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندي گذاري ڇڏين ٿا. يا وري دڪان کولي گذر سفر ڪندا رھن ٿا. جاب جز وقتي (پارٽ ٽائيم) به ٿي سگھي ٿي، جيئن ڪو مالي طور تي پٺتي پيل شاگرد ڪنھن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندو آھي ته اھو ٽيوشن پڙھائي يا شام جو ڪنھن اخبار وغيرھ ۾ ڪم ڪري پنھنجي خرچن سان مقابلو ڪندو رھندو آھي. پنھنجن مختلف نوعيتن وارن خرچن جي پورائي جي لاءِ جاب ٿوري وقت واري حڪمت عملي جو نالو آھي. ھن جي لاءِ ڪنھن خاص ھنر (اسڪل) يا ڊگري جي ضرورت ناھي ھوندي، يعني جاب جي ذريعي اسان ڪڏھن به پنھنجي مستقبل کي نٿا سنواري سگھون. جيڪي ماڻھو ڪل وقتي (يا جز وقتي) جاب ڪندا آھن، اھي حقيقت ۾ ھن دنيا جي ڊوڙ ۾ پٺتي رھجي ويندا آھن. پنھنجي خوابن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا آھن، ۽ جنھن جا ڪيترائي معلوم ۽ نامعلوم سبب ھوندا آھن. وقت گذرڻ سان گڏ اھي سڀ جا سڀ سبب وقت جي تيز وھڪري ۾ وھندي ڪڏھن گم ٿي ويندا آھن ته ڪڏھن ڪنھن فرد جي دل ۽ دماغ ۾ محفوظ ٿي زندگي ڀر جو روڳ بڻجي ويندا آھن. ٻئي پاسي ڪيريئر جو ڪڏھن به ھي مقصد ناھي ھوندو ته اھو ڪو ڪل وقتي يا جز وقتي روزي روٽي جو ذريعو آھي. ڪيريئر محض ڪرت، ڪم ڪار يا وري ڪنھن سٺي خراب روزگار جو نالو ناھي ھوندو. ھن ۾ ٻيو به گھڻو ڪجھ اچي وڃي ٿو. ڪيريئر ھڪ ڊگھي مدي واري سفر جو نالو آھي. سخت محنت ۽ مناسب پر، مستقل روزگار جي لاءِ ھڪ اھڙي حڪمت عملي جو نالو آھي، جنھن کي توھان جي جوش، جذبي ۽ مستقل مزاجي جي ضرورت هوندي آهي. ھي مستقبل کي سدائين جي لاءِ سنوارڻ واري پروگرام/پلان جو نالو آھي. ڪيريئر جي لاءِ ماڻھو کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ مقرر حد تائين واري تعليم يا پروفيشنل ڊگري ڪورس جي لازمي ضرورت پوي ٿي. جڏھن توھان پنھنجي ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ سوچيو ٿا ته سڀ کان اول ۽ اھم ڳالھ ھي آھي ته توھان کي ھي پڪ ڪرڻ گھرجي ته توھان جي دلچسپي ڪھڙي شئي (شعبي) ۾ آھي. يا وري اھو ڪھڙو شعبو يا تعليمي پروگرام آھي، جيڪو توھان کي توھان جي طبيعت جي مطابق لڳي رھيو آھي. اھا ڪھڙي کيتر آھي، جيڪا توھان کي پاڻ ڏانھن ڇڪي رھي آھي. يا وري ڪا اھڙي دنيا جيڪا توھان جي اطمينان جو سبب بڻجي رھي ھجي. ڪو اھڙو علم جنھن لاءِ توھان سمجھو ٿا ته منھنجي لاءِ ھي بھتر ثابت ٿي سگھي ٿو. يا وري مان فلاڻي کيتر ۾ ويندس ته اتي ڪافي خوش رھندس ۽ گھڻو امڪان ھي به موجود آھي ته مان ان ۾ رھندي ڪافي اڳتي نڪري ويندس ۽ ڪامياب شخص بڻجي ويندس. توھان کي ھي به ضرور سوچڻ گھرجي تہ اھا ڪھڙي کيتر آھي، جنھن ۾ رھندي مان پنھنجي صلاحيتن آڌار ۽ قابليتن جي بنياد تي پاڻ کي تمام گھڻو فائدو ڏيندڙ ھنردار (پروفيشنل) بڻائي سگھان ٿو. جيڪڏھن توھان پنھنجي ڪيريئر واري رستي تي ھلڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو ٿا ۽ تمام گھڻا پرجوش به آھيو ته مان سٺو سائنسدان ٿي سگھان ٿو، منھنجو مستقبل فيشن انڊسٽري ۾ آھي. يا مون لاءِ ملڪ کان ٻاھر وڃي خلائن جي دنيا واري علم ۾ پڙھي پاڻ کي ھڪ بھترين ماھرِ فلڪيات ثابت ڪرڻو آھي. يا توھان جي طبيعت ۽ ورتاءُ کي آرٽ ۽ ادب سونھين ٿو يا بزنيس پڙھي ھڪ ڪامياب ڪاروباري ماڻھو بڻجي ڪاروباري دنيا ۾ پنھنجو ڌاڪو ويھارڻ چاھيو ٿا ته پوءِ ھنن بيان ڪيل سڀني علمن، کيترن ۽ شعبن کي پنھنجي پنھنجي سوچ، سمجھ ۽ دلچسپي جي مطابق کڻي اڳتي وڌي سگھو ٿا يعني پنھنجي ڪيريئر واري مقصد کي حاصل ڪري ھڪ ڪامياب زندگي گذاري سگھو ٿا. پنھنجي ڪيريئر جي چونڊ ۾ ڪڏھن به ھن ڳالھ جي پرواھ نه ڪريو ته توھان جا دوست، مٽ مائٽ ڪھڙي شعبي کي پسند ڪن ٿا يا ڪھڙي کيتر کي پنھنجو ڪيريئر بڻائين ٿا. اسين سڀ ھن ڳالھ کان بخوبي واقف آھيون ته ڪجھ ٻار اھڙا به آھن جيڪي ھڪ مخصوص شعبي ۾ وڃڻ پسند ڪندا آھن، صرف انھيءَ ڪري جو ھنن جي دوستن جو ڳچ تعداد ان شعبي ۾ وڃڻ چاھيندو آھي. ھن قسم جي روَشنِ جي پويان ٻارن جي خاندانن جون ناڪام مرضيون ۽ محروم خواھشون، معاشري ۾ موجود لاڙا ۽ سماجي ابترين جو عمل دخل به ھوندو آھي. ڪنھن کي خبر ناھي ته ٻارن جي مستقبل کي بگاڙڻ ۾ نوي سيڪڙو ٻارن جي والدين جو ئي ھٿ ھوندو آھي. گھڻا ٻار دوستين جي چڪرن ۾ اچي پنھنجي مستقبل کي اونداھو ڪري ڇڏيندا آھن. يا وري ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي جو ٻارن کي ڪيريئر جي باري ۾ بلڪل به معلوم نه ھوندو آھي ته ڪيريئر رٿاڪاري ھنن جي مستقبل جي لاءِ ڪيتري قدر ضروري عمل آھي. يعني ڪيريئر جي باري ۾ معلومات جي اڻھوند به ٻارن کي ويچارگين جي وادين ڏانھن وٺي ويندي آھي. گھڻا ٻار ته فيصلي ڪرڻ واري سگھ کان به محروم ھوندا آھن، جنھن جي ڪري به ھنن جو ڪيريئر سنورجي ناھي سگھندو. ھنن سڀني ڳالھين جي ڪري ٻارن ۾ ڪيريئر جي باري ۾ ڪابه دلچسپي پيدا ٿي ناھي سگھندي. اسان جي سماج ۾ خاص طور تي سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ اھڙا ڪيريئر ڪائونسلنگ مرڪز يا ڪيريئر ترغيب ڪار به ناھن ملندا، جيڪي ٻارن جي ھن سلسلي ۾ ڪا مدد يا ڪا رھنمائي وغيرھ ڪن. نتيجو ھي نڪري ٿو ته ٻار پنھنجي والدين، پنھنجي ادارن ۽ ايتري تائين جو پنھنجي شھرن مان بيزار ٿي وڃن ٿا ۽ ان جو ھو وقت بہ وقت اظھار به ڪندا رھن ٿا. ھنن ۾ ناڪاري جذبن جو اڀري اچڻ ڄڻ ھڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو. ھو پنھنجي زندگي مان غير مطمئن ٿيڻ لڳن ٿا. منهنجو ايندڙ مضمون به ان ئي تسلسل ۾ هوندو.