سنيپ چيٽ تي هاڻ ميسج ايڊٽ ڪري سگهندا

0
22
سنيپ چيٽ ۾ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ٻين ميسيجنگ ايپس ۾ ڪيتري ئي وقت کان موجود آهي. سنيپ چيٽ جا واهپيدار هاڻي پنهنجي چيٽ کي ايڊٽ ڪري سگهندا. ڪمپني موجب اهو فيچر تمام جلد ايپ جو حصو بڻجڻ وارو آهي ۽ شروعات ۾ سنيپ چيٽ پلس جي واهيپدارن کي دستياب هوندو. هن فيچر ذريعي واهپيدار وٽ پنجن منٽن جو ٽائيم هوندو، جنهن دوران هو پنهنجي ميسيجز کي ايڊٽ ڪري سگهندا. جيڪي ميسيج اپڊيٽ ڪيا ويندا انهن تي هڪ ليبل موجود هوندو، جنهن مان خبر پوندي ته ميسيج کي پوسٽ ڪرڻ بعد تبديل ڪيو ويو آهي. ڪمپني طرفان اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اهو فيچر ڪڏهن سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو، پر گهڻو ڪري سنيپ چيٽ جا نوان خاص فيچر پهرين سبسڪرپشن سروس استعمال ڪرڻ وارن لاءِ دستياب هوندا آهن، جنهن بعد عام واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويندا.

 سنيپ چيٽ ۾ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ٻين ميسيجنگ ايپس ۾ ڪيتري ئي وقت کان موجود آهي.

سنيپ چيٽ جا واهپيدار هاڻي پنهنجي چيٽ کي ايڊٽ ڪري سگهندا.

ڪمپني موجب اهو فيچر تمام جلد ايپ جو حصو بڻجڻ وارو آهي ۽ شروعات ۾ سنيپ چيٽ پلس جي واهيپدارن کي دستياب هوندو.

هن فيچر ذريعي واهپيدار وٽ پنجن منٽن جو ٽائيم هوندو، جنهن دوران هو پنهنجي ميسيجز کي ايڊٽ ڪري سگهندا.

جيڪي ميسيج اپڊيٽ ڪيا ويندا انهن تي هڪ ليبل موجود هوندو، جنهن مان خبر پوندي ته ميسيج کي پوسٽ ڪرڻ بعد تبديل ڪيو ويو آهي.

ڪمپني طرفان اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اهو فيچر ڪڏهن سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو، پر گهڻو ڪري سنيپ چيٽ جا نوان خاص فيچر پهرين سبسڪرپشن سروس استعمال ڪرڻ وارن لاءِ دستياب هوندا آهن، جنهن بعد عام واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويندا.