ڀارت: سياست ۾ ڪتن جي انٽري: چونڊ مهم لاءِ استعمال

0
379

لکنئو(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست اترپرديش جي چونڊن ۾ ڪيترن ئي اميدوارن هر قسم جي اخلاقيات کي پري رکندي رولو ڪتن تي به پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ پوسٽر لڳائي ڇڏيا ته جيئن انهن جو پيغام وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچي سگهي. راءِِ بريلي ۽ باليا ضلعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن اميدوارن بابت پتو پيو آهي ته هنن پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ روڊن تي گهمندڙ رولي ڪتن تي اسٽيڪر لڳائي ڇڏيا. اهڙا ڪجهه فوٽو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿيا جنهن ڪري ماڻهن انهن تصويرن تي ٺٺوليون ڪرڻ لاءِ ميمز به ٺاهيون ۽ دل ٺاري. جڏهن ته اميدوار به چونڊ مهم جي ان طريقي تي خوش ٿيا. جانورن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنطيم سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڪنهن انسان کي نه ٿو جڳائي ته پنهنجي مشهوري لاءِ جانورن کي استعمال ڪري. رينا مشرا نالي ڪارڪن جو چوڻ آهي ته ڪنهن اميدوار جي وات تي سندس اسٽيڪر چنبڙائي گهمايو وڃي ته کيس ڪيئن لڳندو. ڪجهه ماڻهن پوليس کان مطالبو ڪيو ته اها حرڪت ڪندڙ اميدوارن خلاف ڪارروائي ڪري ته جيئن اخلاقي حدن ۾ رهي چونڊ مهم هلائي وڃي.