لاڳيتو 13 ڏينهن تائين ننڊ ڪندڙ ڇوڪري مشهوري ماڻي ورتي

0
598

جڪارتا(انٽريسٽنگ نيوز) چوندا آهن ته ننڊ ته سوريءَ تي به اچي ويندي آهي پر اها ننڊ ڪيترو عرصو هوندي 8 ڪلاڪ، 10 ڪلاڪ، 24 ڪلاڪ يا وڌ ۾ وڌ 48 ڪلاڪ لاڳيتو پر انڊونيشيا ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري به آهي جيڪا هڪ ٻه ڏينهن نه پر سڄا سارا 13 ڏينهن ستل رهي. ان ڇوڪري جو نالو ايڪا پتري آهي ۽ سندس عمر 17 سال آهي. هوءَ انڊونيشيا جي صوبي ڪالي مانتن ۾ رهندي آهي. هوءَ 2017ع ۾ پهريون ڀيرو ان وقت ميڊيا ۾ آئي جڏهن هوءَ لاڳيتو 13 ڏينهن تائين ستل رهي. ان کانپوءِ به ٻه ڀيرا هوءَ تمام گهڻو ستي هڪ ڀيرو ڏيڍ ڏينهن ۽ ٻيو ڀيرو 7 ڏينهن ننڊ ڪيائين جنهن ڪري سندس طبيعت به خراب ٿي وئي. کيس اسپتال نيو ويو ته سندس سموريون ٽيسٽون نارمل آيون، هوءَ 9 ڏينهن بعد به ننڊ مان سجاڳ ٿي هئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هوءَ تمام گهڻي ڪمزور آهي، سندس بيماري جي سڃاڻپ ته نه ٿي سگهي آهي پر علامتون هائپر سومنيا ۾ مبتلا آهي، اها اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ مريض کي ضرورت کان وڌيڪ ننڊ ايندي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ان بيماري ۾ مبتلا ماڻهو ڪنهن به وقت سمهي سگهن ٿا.