سعودي ۾ پنهنجي افطاري مان حصو پاڙيسرين کي ڏيڻ جي روايت مشهور

0
269

رياض(انٽريسٽنگ نيوز) رمضا مهيني ۾ سعودي عرب جي شهر الاحسا جا شهري صدين کان مفرد روايت تي عمل ڪري رهيا آهن. ان روايت کي جديد دور جون گهرجون به بدلائي ناهن سگهيون. اها روايت روزيدارن پاران پنهنجي افطاري جي سامان مان ڪجهه حصو پاڙيسرين ڏانهن اماڻڻ جي آهي. ان روايت کي مقامي طور تي النقصه چيو ويندو آهي جيڪا الاحساء جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. ان باري ۾ هڪ شهري جو چوڻ آهي ته النقصه جو مطلب آهي روزيدار پنهنجي افطاري مان ٿورو سامان ڌار ڪري پنهنجي پاڙيسرين تائين ضرور پهچائي، الاحساء جا روزيدار ان نيڪ ڪم ۾ زور شور سان حصو وٺندا آهن ائين لڳندو آهي ته افطاري جو سامان ورهائڻ جو روزيدارن ۾ مقابلو آهي.