ڪراچي: سپر هاءِ وي وٽ خوفناڪ حادثو، 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

0
362
مورو ويجھو روڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپر هاءِ وي تي ٽرڪ موٽر سائيڪل ٽڪر وهائي ڪڍيو، حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، ريسڪيو ذريعن موجب سپر هاءِ وي تي بحريه ٽائون ويجهو گدرن سان ڀريل ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.