پي ٽي آءِ 27 فيبروري کان سنڌ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
376
پي ٽي آءِ 27 فيبروري کان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ 27 فيبروري کان سنڌ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ سرڪار خلاف گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويندو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي کان مارچ شروع ڪندي ته پي ٽي آءِ گهوٽڪي کان مارچ ڪندي، جمهوريت جو درس ڏيندڙ پ پ وارا سڀ کان وڌيڪ منافق آهن

هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪارو قانون آندو آهي، هي اسان کي 18هين ترميم ۽ جمهوريت جو سبق سيکارن ٿا، اڄ ساڍا ٽي سال گذري ويا آهن، هي قومي اسيمبلي جي ڪيترن ئي ڪميٽين جو ميمبر ۽ چيئرمين آهن، هنن سنڌ جي ڪنهن به ڪميٽي ۾ مخالف ڌر جي ڪنهن به ميمبر کي شامل ناهي ڪيو، هنن کان وڌيڪ جمهوريت تي ڌاڙو هڻندڙ ڪير به نه آهي

هن وڌيڪ چيو آهي ته مان ڪراچي نه پر سڄي سنڌ سان مخاطب آهيان، هي سنڌ جي عوام جا سمورا حق کائي ويندا، هن هر ڊويزن لاءِ الڳ اٿارٽي ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو، جيئن ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ 18هين ترميم جي ڳالهه ڪندڙ وڏو وزير پاڻ اختيار کسي رهيو آهي

اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون

هن چيو آهي ته وڏو وزير هڪ مافيا جو ميمبر آهي جنهن جو گاڊ فادر آصف زرداري آهي، هي حڪومت ۾ هجڻ جي باوجود بي بي جا قاتل نه پڪڙي سگهيا آهن، اهي بي بي جي سالگره تي نچندا ۽ ڪڏندا آهن، جمهوريت کان اڳ انسانيت سکيو

بلاول چيو 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد مارچ ڪندس، مان اعلان ٿو ڪريان ته سنڌ جي عوام سان گڏ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪندس

ٻئي پاسي وڏي وزير طرفان چيو ويو آھي تھ وفاق حڪومت خلاف پيپلز پارٽي جو لانگ مارچ 27 فيبروري تي قائد اعظم جي مزار کان شروع ٿيندو

وزيراعظم هائوس ۾ ويهي مهانگائي جو پتو نٿو لڳائي سگهجي، حڪمران عوام کان پُڇن ته ڪيتري مهانگائي آهي، وڏي وزير طرفان سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ کانپوءِ ڀاڻ جي کوٽ تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ جو وفاق سان سخت احتجاج، آئيني حق ڏيڻ جو مطالبو