شهبازمني لانڊرنگ ڪيس: ڏوهاري بينڪرز نه، فائدو کڻندڙ ماسٽر مائينڊ آهن: ايف آءِ اي

0
225
ڪوشش آهي ته آئيني

ڪراچي (م ڊ) شهباز شريف خاندان جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي بينڪن بابت جي حوالي سان جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي, ايف آءِ اي موجب مني لانڊرنگ ۾ بينڪن جي ڪردار بابت اسٽيٽ بينڪ سان انڪوائري ڪئي وئي، رپورٽ جي روشني ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به بينڪر تي ڏوهه ثابت ناهي ٿيو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بينڪرز خلاف مني لانڊرنگ ۾ مدد جا ڪي به ثبوت نه مليا، ايف آءِ اي جي رپورٽ حتمي آهي جنهن ۾ ڪنهن به بينڪر کي جوابدار ناهي بڻايو ويو

ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻين ڪيسن وانگر هن ڪيس ۾ به ماسٽر  آهي آهن جن فائدو ورتو، بي نامي اڪائونٽس هلائڻ ڪمرشل بئنڪن جي ناڪامي آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کي معاملي جي انڪوائري جي درخواست ڪئي هئي ۽ اهو چئي سگهجي ٿو ته بينڪرز جو هن ڏوهه ۾ ڪو به ڪردار ناهي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ايف آءِ اي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شهباز شريف ۽ سندس خاندان خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪو به بينڪر ملوث ناهي