نصير آباد ۾ نينگر کي مبينا اجتماعي بدفعلي ۽ قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ هڪ جوابدار گرفتار

0
224

نصير آباد(ن پ ا) نصير آباد ۾ نينگر کي مبينا اجتماعي بدفعلي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس هڪ جوابدار بخت علي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو

واقعي جو ٻئي ڏينهن به ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن، قومي شاهراهه تي ڌرڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته نديم بروهي جي واقعي سان انسانيت جو ڪنڌ جهُڪي ويو آهي، سمورا جوابدار گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي