ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: 17 جنوري کان ملڪ اندر اڏامن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ کاڌي جي فراهمي تي پابندي

0
317
ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اين سي او سي ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح ۾ تيزي سان واڌ کانپوءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن جو جائزو وٺڻ ۽ ايس او پيز جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي صوبائي صحت ۽ تعليم واري وزيرن جو اجلاس 17 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي

تعليم واري وزيرن جي اجلاس ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته صحت واري وزيرن جي اجلاس ۾ سماجي ۽ شادي تقريب، انڊور، آئوٽ ڊور ڊائننگ ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ايس او پيز جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو

اين سي او سي موجب 17 جنوري کان ملڪي اڏامن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته سول ايوي ايشن اٿارٽي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته ماسڪ نه پائڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سمورا وفاقي يونٽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ وائرس سبب فوتين جو انگ 29 هزار تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ شرح ڪراچي ۾ 35 سيڪڙو آهي جتي سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ اسڪولز بند نه ٿيندا، شادي هالز، مارڪيٽس ۽ عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار