سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سرٽيفڪيٽ کانسواءِ بجلي، گئس ۽ پاڻي نه ڏيڻ جو حڪم

0
330
سنڌ هاءِ ڪورٽ: 6 ماڻهن

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته جيستائين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عمارت جي مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪري ان وقت تائين بجلي، ايس ايس جي سي ۽ واٽر بورڊ ڪنيڪشن نه ڏئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي آر ڪالوني ۾ غيرقانوني طور تي 5 ماڙ عمارتن جي اڏاوت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ايس بي سي اي کي هدايت ڪئي ته غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڏيڍ مهيني اندر انهن اڏاوتن کي مڪمل ختم ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي

عدالت سب رجسٽرار کي عمارت جا ڪنهن به قسم جا دستاويز، ڪي اليڪٽرڪ، ايس ايس جي ۽ واٽر بورڊ کي عمارت جو ڪنيڪشن ڏيڻ کان به روڪي ڇڏيو

عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين ايس بي سي اي عمارت جي مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري نٿو ڪري تيستائين ڪنيڪشن نه ڏنا وڃن

 سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پنج ماڙ غيرقانوني عمارت جي اڏاوت بابت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايم پي آر ڪالوني ۾ تعمير ٿيڻ واري عمارت لاءِ ڪا به منظوري نه ورتي وئي، غير قانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مدد ڪن