سنڌ جو وفاق سان سخت احتجاج، آئيني حق ڏيڻ جو مطالبو

0
260

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ وفاق سان احتجاج ڪندي حق گهري ورتا، سنڌ جي توانائي واري کاتي وفاقي وزير حماد اظهر کي خط لکي کُليل لفظن ۾ آئيني حق ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق وٽ صلاحيت ناهي ته سئي سدرن گيس ڪمپني اسان جي حوالي ڪيو وڃي

سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ خط ۾ لکيو آهي ته حماد اظهار صاحب، اسان گيس جي پيداوار ۽ صحيح ورڇ ڪري ڏيکاري سگهون ٿا، آئين جي آرٽيڪل 158 ٻه ڀاڱي ٽي پيداوار تي استعمال جو پهريون حق ڏئي ٿو

خط ۾ لکيو ويو آهي ته صوبي کي گيس پيدا ڪرڻ باوجود حق کان محروم رکيو پيو وڃي، گذريل ٽن سالن کان لڳاتار سنڌ جي گيس تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي

خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته نومبر جي مهيني کان سنڌ ۾ گيس جي بندش ۽ لو پريشر جي نتيجي ۾ واپاري، حب ۽ ڪراچي جا رهواسي مشڪلاتن جو شڪار آهن، ڪراچي جا شهري نوڪرين تي ۽ ٻار بُکيا اسڪول وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جا شهري ڪاٺيون، ڪوئلو ۽ سلينڊر استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ سندن حياتيون خطري جي ور چڙهيل آهن، ٻن مهينن کان سنڌ جو سي اين جي سيڪٽر بند آهي ۽ لکين ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار آهن

خط ۾ چيو ويو آهي ته سي اين جي بندش سان ڪراچي ۾ رڪشا، ٽيڪسي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي، سنڌ جو صنعتي ڦيٿو جام، پورهيت بيروزگار، روانگي واپار ڪرڻ وارا ڪارخانا آرڊر پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ۽ ملڪ ٻاهرين آمدني کان محروم ٿي چُڪو آهي

خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ کي گيس جي ضرورت 750 ۽ فراهمي 560 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، پاڪستان جو آئين گيس پيدا ڪرڻ واري صوبي کي استعمال جو اوليتي حق ڏئي ٿو، سنڌ سان آرٽيڪل 158 موجب شديد زيادتي ڪئي پئي وڃي، گيس بحران صوبي جي گهريلو، واپاري ۽ صنعتي زندگي جنجال ڪري ڇڏي آهي ۽ معاشي ، رگرميون محدود ٿي ويون آهن، پنهنجي جائز حق کان محروم تي شديد احتجاج ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته اسان کي پنهنجو جائز حق ڏنو وڃي