پي ٽي آءِ پنهنجي ئي ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

0
247
پي ٽي آءِ پنهنجي ئي ڊپٽي

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پنهنجي ئي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي نوٽيفڪيشن تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو

ذريعن موجب سيڪريٽري اسيمبلي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ بابت ڊپٽي اسپيڪر جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اجلاس جو نوٽيفڪيشن 16 اپريل جو آهي، ان کي ئي مڃيو ويندوپنجاب جو نئون

سيڪريٽري جي ذريعن موجب اجلاس ڪڏهن به سادو ڪاغذ تي ناهي گهرايو ويو، اجلاس گهرائڻ لاءِ گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو پوندو آهي

هاڻي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي منظوري ڏني جنهن بعد دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ميان محمود الرشيد، مراد راس ۽ ٻين جون صحيحون آهن

ان حوالي سان مسلم ليگ (ق) جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻ جو اختيار ناهي

ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري اجلاس 6 اپريل تي ٿيڻ وارو اجلاس 16 اپريل تي طلب ڪيو هو ۽ رات دير سان تاريخ تبديل ڪري 6 اپريل ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

صدر 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو